Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_d4aibdq48n5u8de9p750ekma03, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪراچي لاءِ پيئڻ جي پاڻي وارو ڪي 4 منصوبو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪراچي لاءِ پيئڻ جي پاڻي وارو ڪي 4 منصوبو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

ڪراچي لاءِ پيئڻ جي پاڻي وارو ڪي 4 منصوبو

تازو وفاقي پلاننگ وزير اسد عمر ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل سنڌ حڪومت تي الزام هنيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ واري منصوبي ڪي 4 کي اينگهائي پئي، جو اڃان تائين هو ريويو ڪاميٽي جي اعتراضن تي چپ ڪري ويٺا آهن. انهيءَ منصوبي کي شروع ٿئي 8 سال ٿي ويا آهن پر اڃان تائين اهو حقيقت بدران هڪ خواب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اڃان تائين سنڌ حڪومت جي فني ڪاميٽي انهن اعتراضن جو جواب نه ڏنو آهي جيڪي هڪ خودمختيار اداري نيسپاڪ انهيءَ منصوبي تي اٿاريا هئا. اچو ته سڄي ڳالهه جو تجزيو ڪيون.
K-IV منصوبو ڇا آهي؟
جنرل ضياءُالحق پنهنجي دور ۾ ڪراچي شهر لاءِ 650 ملين گيلن في ڏينهن سنڌو درياهه مان منظور ڪري ويو. انهيءَ کي جيڪڏهن ڪيوسڪ ۾ مٽائجي ته ٿئي ٿو 1200 ڪيوسڪ. مختلف گهرجن لاءِ اهو مقدار سال 2006ع ۾ پورو ٿي ويو. سال 2007ع ۾ ڪراچي واٽر بورڊ ۽ جاپاني مددي ايجنسي (JICA) هڪ فزبيلٽي ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو ته سال 2025ع تائين ڪراچي جي پيئڻ جي پاڻي جي گهرج 1200 ڪيوسڪ وڌيڪ ٿيندي. سال 2025ع ۾ ڪراچي جي مردم شماري 32.50 ملين ماڻهو ٿيندي. ان وڌيل آدمشماري لاءِ 1200 ڪيوسڪ پيئڻ جو پاڻي کپندو.
ڪراچي کي پاڻي ٽن ذريعن مان ملي سگهي ٿو. پهريون سنڌو درياهه، ٻيو حب ڊيم ۽ ٽيون سمنڊ، حب ڊيم برساتن ڪري ڀرجي ٿو. جيڪڏهن برساتون نٿيون پون ته اهو ڊيم نٿو ڀرجي. حب ڊيم هڪ دفعو ڀرجڻ کانپوءِ ٽن سالن لاءِ پاڻي ڏئي ٿو. ويجهي ماضي ۾ ساندهه 5 سال مينهن نه پيا ۽ ڪراچي وارن کي ڊيم مان پاڻي نه ملي سگهيو ۽ سڄو زور سنڌو درياهه جي پاڻي تي پيو. تنهن ڪري حب ڊيم يا ٻيو ڪو ڊيم پيئڻ جي پاڻي جو اعتباري ذريعو ناهي.
اچو سمنڊ جي پاڻي تي. سعودي عرب، عرب امارات ۽ ڪويت ۾ هو سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪري استعمال ڪن ٿا. جنهن کي desalinization چئجي ٿو. پر ان تي تمام گهڻو خرچ اچي ٿو. في هزار گيلن پاڻي مٺي ڪرڻ تي 400 کان 500 رپيا خرچ اچي ٿو جڏهن ته سنڌو درياهه مان پاڻي آڻڻ تي في هزار گيلن 40 کان 50 رپيا خرچ اچي ٿو. معنيٰ سمنڊ جي کاري پاڻي کي مٺي ڪرڻ تي سنڌو درياهه جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻو خرچ اچي ٿو. ان مان معلوم ٿيو ته سستو ۽ اعتباري ذريعو سنڌو درياهه جو پاڻي ئي آهي. ڪي فور منصوبو به 1200 ڪيوسڪ سنڌو درياهه مان ئي پاڻي کڻڻ جو آهي. اهو 1200 ڪيوسڪ ڄام شوري ويجهو ڪوٽڙي بيراج وٽان ڪي بي فيڊر واهه ذريعي ڪينجهر ڍنڍ ۾ آڻبو ۽ اتان واهه ڪڍي ۽ پمپ ڪري ڪراچي کي سپلاءِ ڪيو ويندو.
ڪراچي جي آدمشماري يڪدم نٿي وڌي. اسان کي به 1200 ڪيوسڪ يڪدم نه کپي. تنهن ڪري 1200 ڪيوسڪ جي گهرج کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون مرحلو 260 ملين گيلن في ڏينهن يعنيٰ 480 ڪيوسڪ. ٻيو مرحلو 260 ملين گيلن في ڏينهن يعنيٰ 480 ڪيوسڪ ۽ ٽيون مرحلو 130 ملين گيلن في ڏينهن يعنيٰ 240 ڪيوسڪ. پهرين مرحلي لاءِ پي سي ون ٺاهيو ويو آهي جنهن جي قيمت 26 ارب رپيا آهي. اهو ايڪنيڪ (ECNEC) 18 جولاءِ 2014ع تي منظور ڪيو. وڏي وزير اهو ڪم ايف ڊبليو او (FWO) کي ڏنو ۽ ان کانپوءِ ان تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. معلوم ٿيو ته ڪي فور منصوبو پهرين مرحلي لاءِ آهي. باقي ٻين مرحلن تي ضرورت آهر ڪم ڪيو ويندو.
ڪي فور منصوبي جا مسئلا
1-پاڪستان پول مان پاڻي ڏيڻ:
ضياءُالحق ڪراچي جي پيئڻ لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياهه مان ڏئي ويو. سال 1988ع ۾ هو هڪ هوائي حادثي ۾ مارجي ويو. ان وقت تائين صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارو ٺاهه نه ٿيو هو. 21 مارچ 1991ع تي نواز شريف جي پهرين حڪومتي دور ۾ پاڻي ورهاست وارو ٺاهه ٿيو. انهيءَ ٺاهه ۾ سنڌکي 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏنو ويو. پر انهيءَ ٺاهه ۾ اهو به لکيو ويو ته انهيءَ ۾ ڪراچي جي لاءِ شهري ۽ صنعتي استعمال لاءِ اڳي ئي منظور ٿيل پاڻي به شامل آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته صوبن کي ڏنل يا ورهايل پاڻيءَ ۾ زرعي شهري، صنعتي ۽ ٻين سڀني گهرجن جو پاڻي شامل آهي ۽ ڪو به صوبو ٻين گهرجن لاءِ جدا پاڻي جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي.
سال ٻه اڳ پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد لاءِ اعتباري لحاظ کان 200 ڪيوسڪ پاڻي گهربل هو. اهو منظور ڪرائڻ لاءِمعاملو عام مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو ويو. ان 200 ڪيوسڪ ۾ سنڌجو حصو رڳو 83 ڪيوسڪ هو. شروع ۾ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌانهيءَ تي اعتراض واريو. پرنيٺ هڪڙي گڏجاڻي ۾ هو اهو منظور ڪرائي ويا. جو عام مفادن واري ڪائونسل ۾ فيصلا اڪثريتي راءِ سان ڪيا وڃن ٿا. پر ان جي ابتڙ سنڌ کي 1200 ڪيوسڪ پاڻي قومي پول مان نٿو ڏنو وڃي.
2-ڪينجهر ڍنڍ مان پاڻي:
ڪي-فور منصوبي لاءِ 1200 ڪيوسڪ واڌو پاڻي سنڌو درياهه مان ئي ڪينجهرڍنڍ ذريعي ئي ملي سگهندو. جنهن لاءِ سنڌ سرڪار کي ٻه ڪم ڪرڻا آهن. پهريون ڪوٽڙي بيراج کان 1200 ڪيوسڪ پاڻي ڪي-بي-فيڊر ذريعي آڻڻ ۽ ان کي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ڪرڻ ته جيئن ڪراچي بورڊ وارا اهو پاڻي ڪي-فور اسڪيم لاءِ کڻي سگهن. هاڻي وڌيڪ 1200 ڪيوسڪ ڏيڻ لاءِ ڪلري بگهار جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش وڌائڻي پوندي ۽ ڪينجهر ڍنڍجي سطح به وڌائڻي پوندي. ڪلري بگهار جي گنجائش وڌائڻ لاءِ ACE ڪنسلٽنٽ 19 ارب رپين جي پي سي ون ٺاهي آهي. جنهن مطابق هلندڙ پاڻيءَ ۾ ڪي بي فيڊر کي سيمنٽ ڪانڪريٽ سان پڪو ڪيو ويندو. ۽ ايئن ڪرڻ سان 600 ڪيوسڪ پاڻي سيمو بند ٿيڻ ڪري بچي ويندو. جيڪو في الحال ڪراچي جي پهرين مرحلي ۾ گهرجن لاءِ ڪافي ٿيندو. هلندڙ پاڻي ۾ پڪو ڪرڻ جو ڪم جرمن ڪمپني طرفان ڪانڪريٽ سان ٺهيل matresses ذريعي ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ اها ٽيڪنالاجي پهريون دفعو استعمال ٿيندي ان کي incomat جو نالو ڏنو ويو آهي. پڪي ڪرڻ جي نتيجي ۾ سيمي وارو بچايل پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ڪيو ويندو جنهن لاءِ به آبپاشي کاتي وارا بندوبست ڪري رهيا آهن.
3- ڪي فور جي ڊيزائن تي نيسپاڪ جي رپورٽ:
ڪي فور منصوبي جي ڊيزائن عثماني ڪنسلٽنٽ ڪئي هئي جڏهن FWO وارن ڪم شروع ڪيو ته هنن انهيءَ ڊيزائن ۾ ڪي خاميون ڏٺيون جن جي تجزئي لاءِ نيسپاڪ ڪنسلٽنٽ کي چونڊيو ويو جن پنهنجي رپورٽ ۾ انهيءَ خامين جي نشاندهي ڪئي. انهيءَ کان پوءِ OCL ڪنسلٽنٽ معرفت نيسپاڪ جي رپورٽ کي جاچيو ويو جنهن کانپوءِ نيسپاڪ وارن فائنل رپورٽ ڏني. انهيءَ تي سنڌ سرڪار هڪ فني ڪاميٽي جوڙي جنهن جي بنياد تي سنڌ ڪيبينيٽ ڪو فيصلو ڏئي سگهي.
سنڌ ڪيبينيٽ جو فيصلو:
سنڌ سرڪار 17 جون 2020ڪع تي فني ڪاميٽي جي رپورٽ جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ فني ڪاميٽي جون سفارشون ۽ اڳتي ڪيئن وڌجي جو ٻڌايو ويو. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ڪيبينيٽ انهن جي منظوري ڏني.
سنڌ جي فني ڪاميٽي جون سفارشون.
1- ڪينال جو رستو صحيح آهي تنهن ڪري رستي ۾ ڦير گهير ضروري ناهي.
2- رستي جو 121 ڪلوميٽر صحيح آهي جنهن جي منظوري جي سفارش ڪجي ٿي.
3- باقي 390 ملين گيلن في ڏينهن لاءِ جدا رستي جي اڀياس جي ضرورت ناهي.
4- OCL ڪنسلٽنٽ کي هيڊرا لڪ رپورٽ ورجائڻ کپي ۽ انهيءَ مطابق ڊيزائن ۾ تبديلي ڪرڻ کپي.
5- OCL ڪنسلٽنٽ کي (Slope Stability) ۽ سيمي ٿيندڙ (high fill) ۽ (Deep cut) وارن ٽڪرن کي ورجائڻ کپي.
6- Design Review Report مطابق پاڻي ڪڍڻ واري نظام کي ٻيهر ڊيزائن ڪرڻ کپي.
7- OCL کي نيسپاڪ پاران ڏسيل مسئلن جي تصديق لاءِ جيوٽيڪنيڪل ٽيسٽ ڪرڻ کپي.
8- پاڻي ڪڍڻ واري نظام تي گائيڊ بينڪ ٺاهڻ کپن.
9- OCL کي درستي وارن ڳالهين کي ٻيهر ڏسڻ کپي.
10- OCL کي زلزلي جي سلامتي لاءِ ٺهيل اڏاوتن جي ٻيهر ڊيزائن ڪرڻ کپي.
11- OCL کي بنا قيمت ترميم ٿيل ڪي فور منصوبي جي ڊيزائن رپورٽ ڏيڻ کپي.
12- FWO کي عالمي شهرت وارن کان ٽين ڌر واري تصديق رپورٽ تيار ڪرائڻ کپي.
13- OCL کي ماهر ۽ فني طور مضبوط ماڻهن کان نيسپاڪ جي کوجنائن مطابق ترميم ٿيل رپورٽ تيار ڪرائڻ کپي.
14- OCL کي ترميم ٿيل ڊيزائن مطابق مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نئون پي سي ون ٺاهڻ کپي.
15- سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي واٽر بورڊ کي پمپن ۽ فلٽر پلانٽس لاءِ بجلي جو ترت بندوبست ڪرڻ کپي.
16- ڪي فور پهرين مرحلي لاءِ مضبوطي وارا ڪم (augmentation works) JICA جي ماسٽر پلان مطابق ڪرڻ کپن.
17- سنڌ سرڪار کي وڌيڪ پاڻي لاءِ ارسا ۽ وفاقي حڪومت کان گهرڻ کپي.
18- SEPA کي نيسپاڪ پاران ڳڻتين بابت جيڪي ڪينجهر ڍنڍ تي پاڻي جي ڪوالٽي مسئلا آهن کي حل ڪرڻ لاءِ زور ڏيڻ کپي.
اڳتي ڪيئن وڌجي: Way Forward:
1- سنڌ سرڪار ڪي فور جي موجوده روٽ کي برقرار رکي.
2- سنڌ سرڪار کي 650 ملين گيلن في ڏينهن بدران 260 ملين گيلن في ڏينهن واري آپشن تي عمل ڪرڻ کپي.
3- ڪي فور فيز ون وارا augmentation وارا ڪم عالمي بينڪ جي فنڊن سان ڪرڻ کپن.
4- سنڌ سرڪار ڪي فور لاءِ زمين وٺڻ ۾ مدد ڪري.
5- OCL ٻن مهينن اندر منصوبي جي ٻيهر ڊيزائننگ مڪمل ڪري.
6- OCL ڪي فور جو نئون پي سي ون سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کي ڏي.
سنڌ ڪيبينيٽ انهيءَ منصوبي لاءِ سفارشون اڳتي ڪيئن وڌجي واريون ٻئي ڳالهيون منظوري ڪري ڇڏيون آهن. ڏسون اڳتي ڇا ٿو ٿئي.
اسان وٽ منصوبا صحيح نٿا ٺاهيا وڃن جنهن ڪري انهن جي قيمت وڌي وڃي ٿي. هي منصوبو به 26 اربن ۾ ٺهڻو هو هينئر چون ٿا ته ان جي قيمت 150 ارب رپيا ٿي ويندي جنهن جو سنڌ ۽ وفاقي سرڪار اڌ واڌ ڀائيوار آهن.
اصل مسئلو آهي ڪراچي وارن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ جيئن مردمشماري وڌي ٿي ڪراچي کي پيئڻ لاءِ وڌيڪ پاڻي کپي. جنهن رفتار سان منصوبا هلن ٿا منهنجي خيال ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *