Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_vhegkvqdmju133un4vqocvfotr, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪراچي هڪ ملڪ آهي! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪراچي هڪ ملڪ آهي! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڪراچي هڪ ملڪ آهي!

منھنجو مامو مرحيات چوندو ھو، ڪراچي ھڪ شھر نه پر ھڪ ملڪ آھي. حسن درس ان گجگاھه شھر کي اسان جو يعني سنڌين جو سج ۽ پاڻ ماڻھن کي ان جا سورج مکي سڏيو آھي،
”ڪراچي تون اسان جو سج آھين ۽ اسين سورج مکي آھيون“
سندس اھو نظم مون سنڌي – مھاجر خوني فسادن جي شدت وارن ڏينھن ۾ هڪ پندرنھن ڏھاڙڪي واري سنڌي رسالي جي سرورق تي ڇاپيو ھو. ڪراچي جتي ھن جي ھڪ سرائيڪي محبوبه رھندي هئي، جنھن لاءِ ھن لکيو هو، “سرائيڪي شاعري جهڙي،
اها جا ڇوڪري هئي
سا هلي ويئي شھر پنهنجي ڏانھن!“
شيخ اياز ان کي “روشنين جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي” لکيو آھي. جي مونکان پڇيو ڪراچي ڇا آهي؟ ته مان چوان ڪراچي پنهنجين پنهنجين تباهين کان اڳ وارن زمانن جو نه بيروت آھي نه بغداد پر ڪراچي ڪراچي آ. ڪراچي منهنجي حساب سان بمبئي ۽ نيويارڪ جي وچ واري ڳالھه آ. گهڻا ڏينهن ٿيا جو منهنجي دوست حيدر نظاماڻي پهريون ڀيرو جڏهن نيويارڪ ڏٺو هو ته هن هڪڙي دوست کي خط ۾ نيويارڪ کي ڪراچي سان ڀيٽيندي لکيو هو، “هتي بس فرق اهو آ نيويارڪ ۾ بسن ۾ رش ناهي، ٻيو ھتي ايم ڪيو ايم ناھي.” ڪراچي کي اَسي جي ڏهاڪي ۾ هند مان پنهنجي جنم ڀومي سنڌ ڏسڻ لاءِ آيل شڪارپور ڄايل سنڌي ليکڪ لوڪرام ڏوڏيجا ھن ريت بيان ڪيو آھي، “چائنيز ريسٽاران ۾ عربي چوغا پاتل رشين ووڊڪا جي نشي ۾ مخمور، بنگالڻ رونا ليلا جي سُر تي، سنڌي ڪافيون جھو نگاريندي ڀارت ۾ ڄايل کوجي ميمڻ پنجابِي ڀانگڙا ڪيو آھي.“
ھڪڙي ڪراچي اھا هئي جيڪا شيخ اياز ورها ڱي کان ترت ئي پوءِ ڏٺي ۽ ماڻي هئي. جيڪا ھن لاءِ “دل ڏکائيندڙ ڪراچي” به هئي ڇو جو ھن جا ڪئين ڪلھي ڪوڏيا يار حشو پارا سنڌ ڇڏي هند لڏي ويا ها. اها ڪراچي، جا قرت العين حيدر جي آتم ڪٿا ۽ ناولن ۾ آھي. گهڻا سال ٿيا جو هڪڙي ڀيري مان ڪراچي ماريپور ۾ ايئر فورس وارن جي ڪالوني ۾ پنهنجي هڪڙي دوست سان ملڻ ويو هوس. منهنجو ڪراچي ڄائو دوست نه فقط پاڻ اڳوڻو پي اي ايف پائلٽ رهيو آ پر سندس والد به اڳوڻو اسڪويڊرن ليڊر هو. ان دوست جي بنگلي ۽ در دروازن جا فريم، ڊرائنگ روم جي ۽ ڊرائنگ رومن جي ڇتين جي جوڙجڪ ڏسي مون کيس چيو هو ته، “اهڙا گھر قرت العين جي ناولن ۾ هوندا آھن.” ان تي منهنجي دوست هڪدم مون کي ٻڌايو هو ته، “نه فقط قرت العين حيدر ان ماريپور ڪالوني ۾ رھي هئي پر هن منهنجي پيءُ کي چماٽ پڻ هنئي هئي، منهنجو پيءُ تڏهن رنگروٽ پائلٽ ھو. هوءَ سندي ڀاءُ سان رهندي هئي ۽ اتي انهن سرين وارن رستن تي سائڪلون ھلائيندي ھئي.“
شايد اهي ڏينھن هوندا جڏھن منھنجي بابي کي به منھنجو چاچو ڳوٺان ڪراچي وٺي آيو ھو ۽ هو تڏھن سعيد منزل ڀرسان رھندا ھئا. منھنجو بابا تن ڏينهن ۾ سمورو ڏينھن ڪرائي تي ڳنھي سائڪل پيو ھلائيندو ھو. تڏھن ھن پھريون ڀيرو ڪنھن کي پان کائيندي ڏٺو ھو ۽ ھي ٻھراڙي جو ٻار حيران پريشان ٿي ويو ھو. شام جو جڏھن منھنجو چاچو ڪم تان گھر موٽيو ته بابا کيس حيرت مان ٻڌايو ته، “ادا مون اڄ ڏاڍي عجيب ڳالھه ڏٺي، هڪڙو ڀائي رستي تي اڄ ڪو گاھه وات ۾ چٻاڙيندو پئي ويو ۽ وري رت وات مان روڊ تي اڇلائيندو پئي ويو.” شايد اهي ڏينھن هوندا جڏھن ڪراچي ۾ انھي سعيد منزل واري علائقي ۾ بي جگرو انهن ڏينھن ۾ ويڙھو ظفر ڪاظمي به رهندو ھو. ظفر ڪاظمي اڪيلي سر علائقي جي غنڊن جي گينگ کي سندس سائيڪل هڪڙي ئي ھٿ سان ڦيرائيندي کين ڀڄائي ڪڍندو ھو. ڪراچي ۾انھن ڏينھن تي، انھي علائقي جي پس منظر ۾ امر جليل پنهنجي ڪھاڻي “بارنس اسٽريٽ جو غنڊو” لکي. هي اھي ڏينھن هئا، جڏھن محمد ابراھيم جويو سنڌ مدرسي ۾ پاڙھيندو ھو ۽ ھن ھتي ھڪ ڪلب قائم ڪيو هو. اھو ڪلب هڪڙي طرح جي ميس پڻ هئي، جتي انھن سنڌ جي ڳوٺن مان آيل نوجوانن جي کاڌ پيت سان گڏوگڏ جاڳرتا ڀريا ليڪچر ۽ ڪچھريون پڻ شامل ھونديون ھيون. منھنجي چاچي سميت جويي صاحب جي ان ڪلب جا ميمبر دادو جا پرياڻي ڀائر (جن مان هڪڙو پرياڻي، گھر جي نالي چاچا ڇٽو، جيڪو پوءِ فھميده رياض جو ڀيڻيوو به ٿيو) اڳوڻي ڪمشنر خالد محمود سومري جو والد به شامل ھيا. اتي انھن ڪچھرين ۾ پنھنجي دور جو مزدور اڳواڻ ۽ سوشلسٽ احمد خطيب به ايندو هيو.
گھڻا گھڻا سال پوءِ به جويي صاحب کي روشنين جي ان شھر واري اھا رات ياد ھئي جڏھن ھن کي پهريون ڀيرو سندس ڏاڏو کيس جي.ايم.سيد جي ھٿ ۾ڏيئي ويو ھو، سنڌ مدرسي ۾ پڙھڻ لاءِ ۽ سيد کين پنھنجي موٽر ڪار ۾کڻي شھر جون بتيون ڏيکارڻ ويو ھو. اھو به ٻڌائيندو هلان ته ھي جيڪو ڪراچي کي روشنين جو شھر سڏيو ويندو ھو، سو ورھاڱي کان گھڻو اڳ سڏيو ويندو ھو جڏھن سيٺ وشنداس اڻويھه صدي ڌاري شھر ۾ پنهنجي هڙان خانگي بجلي گھر مفت قائم ڪيا ھئا. سيٺ نائونمل، سيٺ وشنداس، جمشيد نسروانجي مھتا، طيب جي، سھراب ڪاؤسجي، جي.ايم. سيد، ھاشم گذدر، حاتم علوي، قاضي خدا بخش، پير الاھي بخش ۽ هاڻوڪن وقتن ۾ ميئر نعمت الله، عبدالستار ايڌي توڻي اردشير ڪاؤسجي يا اختر حميد خان، پروين رحمان ھجي توڻي سبين محمود يا فهيم الزمان هجن، اھي ڪراچي جا محسن ھئا. تصور ڪيو جي اردشير ڪاؤسجي اڄ حيات ھجي ها ته ڪو ايئن ايترا سولا نه زرداري پي پي پي، پنڊي (اڄ هڪڙي دوست اهو نئون اصطلاح ڏنو ته هاڻ اھا پي پي پي بينظير واري ناهي، پنڊي وارن جي وس آھي ۽ بس بلاول جي منڍي مٿان آھي هيٺ سڙيل ڌڙ آهي) ڪراچي جا ٻيٽ تين وال ڪري ھا، يا ڪراچي ۾ زمينون ايئن ملڪ رياض کي “پاڪستان کپي” جي نعري تي نيلامي ٿين ها ۽ گلاس ٽاور ٺھن ها!
پر پوءِ به اسان مان گھڻن سنڌين جو هر نسل ڪراچي کي ايئن ڏسندو رھيو هو جيئن سنڌي درسي ڪتاب ۾ احمد کي ڪراچي ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون. يقِينن ڪيماڙي جي پل هيٺان گھڻو پاڻي ۽ رت وھي چڪو هوندو. ان ڏينھن هڪڙي دوست ٻڌايو پئي ته ٽرانس لياري ايڪسپريس وي جي خلاف ۽ ان ۾ بي گھر ٿيندڙ لياري واسين جي احتجاج ۾ پوليس پاران کنڀجي ڪئين ڏينھن غائب رکڻ کانپوءِ کيس ھڪڙي بي حساس اداري (الائجي ھنن کي حساس ادارن جو نالو ڪنھن ڏنو ھو؟) جي ھڪ نرم گفتار نوجوان آفيسر جي حوالي ڪيو ويو ھو، جيڪو سندس ھٿڪڙي پڻ کولي کيس ڪنھن لگزري فليٽ ۾ وٺي آيو ھو. کيس رات جو دارون واري ڪچھري ڪري سٺو ڊنر ڪرائي ٻئي ڏينھن سج لھڻ مھل اھو آفيسر کيس نيٽي جيٽي جي پل تي وٺي آيو ۽ کيس چيائين، “ھن مھل ڪنھن کي به خبر ناهي ته تون ڪٿي آھين، جي مان توکي ھتان اڇلايان ته ڪو به ڪڏهن ڄاڻي نه سگھندو ته تو سان ڇا ٿي گذريو؟” ڪالھه هڪ ٻيو دوست مونکان ڪامن سينس جو سوال پڇي رھيو هو، “سر ڪٿي اها ٻيٽن واري ڳالھه گم ٿيلن جي تحريڪ کي ماٺو ڪرائڻ لاءِ ته ناھي؟” مون سوچيو ته اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته اھو ميلو لڳو ئي پياري انعام سنڌي جي ٽوپي چورائڻ لاءِ هجي! ڇا به هجي. ٻه ڳالهيون آهن. ھڪڙو ته سنڌي فيس بڪي ٺوڪ قوم وسعت الله جي پٽڪي ٽوپي لوئڻ ۾ لڳي رھي پويان سمنڊ تي اسلام آبادي قزاقن راتاھو ھنيو. سنڌ سرڪار به چورن سان ملي وئي. ٻيو هي جيڪي روشنين جي شهر ۾انھن اونداھن ٻيٽن تي مھاڻا آھن سي ئي سنڌ توڻي ڪراچي جا اصل مالڪ آھن، جن کي اسان ڪڏھن سنڌي قوم جو حصو ته ڇا انسان به ڪونه سمجھيو آھي. باقي يَر! ڪراچي جي ڪھاڻي سنڌي ساگر جيڏي وڏي. سنڌي ساگر جنھن جو به سيٺ نائونمل جيان زبردستي طھر ڪري عربي سمنڊ سڏيو ويو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *