تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جي مطالبي پويان ڪهڙو مفاد آهي؟

پاڪستان ۾  مختلف طاقتور فورمن جي ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي خواهش گهڻي پراڻي آهي،  ماضي ۾ آمريتن جي دورن ۾ اهو نظام عملي طور تي  لاڳو به رهيو آهي، ملڪ ۾ جيڪا به فوجي حڪومت آئي آهي، اها پنهنجي شروعات ۾  تمام گهڻي طاقتور هوندي آهي، هر آمر فوجي انقلاب کانپوءِ  اچڻ ساڻ سياسي سرگرمين تي پابندي هڻي آئين کي معطل ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ سياسي ادارا ختم ڪيا ويندا آهن، ميڊيا تي سينسر شپ لاڳو ڪئي ويندي آهي، جيئن آمريت مخالف سياسي ڌرين جي ڳالھه عوام تائين نه پهچي سگهي. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو آهي، تيئن تيئن آمريت کي سياست جي بيساکي جي ضرورت پوندي آهي، پاڪستان ۾ سمورين آمريتن ان سلسلي ۾ سياسي حمايت لاءِ ڪامياب بندوبست ڪيا آهن، ايوب خان کي ان بندوبست جو ابو چئي سگهجي ٿو. هر آمر هڪ سياسي پارٽي جوڙي ، جنهن جو نالو مسلم ليگ هو، ۽ هر مسلم ليگ جي آخر ۾ نئون لفظ ٽنبي ان جي سڃاڻپ کي ڌار ڪيو ويو. انهن مسلم ليگين  آمرن جي فيصلن کي جائز قرار ڏيارڻ لاءِ پنهنجا ڪلها ڏنا ۽ انهن جي غير آئيني  فيصلن کي آئيني تحفظ ڏياريو. اوڀر پاڪستان سان برابري ڪرڻ لاءِ موجوده پاڪستان اندر موجود قومن جي وطنن جو تشخص ختم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته بنگال جي موجودگي ۾  اهو ممڪن ئي نه هو ته موجوده پاڪستان جا چار ئي صوبا گڏجي ان جي برابري ڪري سگهن، اهو ئي سبب هو ته ٻه ايواني جمهوريت اوڀر پاڪستان جي موجودگي تائين اڳوڻي سيٽ اپ ۾ ممڪن ئي نه ٿي سگهي.  
پاڪستان ۾ آمريتن جا سمورا دور پنهنجي جوهر ۾ صدارتي دور هئا، جن ۾ وقت جو آمر صدر جي صورت ۾ ڪنهن جي به آڏو جوابده نه هوندو هو. ايوب خان، يحيٰ ،جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف ان جا چٽا مثال آهن.
ايوب، يحيٰ، ضيا ۽ مشرف  طاقتور هجڻ جي باوجود ملڪ جي آئين کي هميشه لاءِ صدارتي نظام جا آئين بڻائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر موجود ٻه ايواني پارلياماني جمهوريت جي شڪل تبديل ڪرڻ ڏکيو ڪم هو. اهوئي سبب هو ته آمريتن کان پوءِ جيڪي به ڪمزور سويلين حڪومتون آيون، اسٽيبلشمينٽ جي اتحادي هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سرپرستن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن، پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي خواهش رهي آهي ته ملڪ اندر صدارتي نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿي ته پاڪستاني حڪومت جو سربراهه جيستائين مڪمل طور طاقتور نه هوندو تيستائين ملڪ جي پاليسين جي حوالي سان فيصلا فوري نه ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ ته ٻه ايواني پارلياماني نظام جي نتيجي ۾ ڪنهن به حڪومت هڪ ئي وقت ٻنهي ايوانن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ويجهي ماضي يا  حال يا فوري مستقبل ۾ ممڪن نظر نٿي اچي ( جڏهن ته سچ اهو به آهي ته موجوده حالتن ۾ ملڪ جي مقتدره کي ڪابه اهڙي حڪومت قابل قبول نه هوندي جيڪا ٻنهي ايوانن ۾ اڪيلي سر آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي طاقت رکندي هجي) هنن کي پاڪستان ۾ گورنر جنرل جهڙا اختيار رکندڙ صدر گهرجي ،جيڪو آئين ۾ تبديل ڪرڻ جو اختيار رکندو هجي.
مشرف کانپوءِ ٻارنهن سالن دوران ٻه حڪومتون پنهنجا آئيني مدا پورا ڪري ويون، جڏهن ته ٽئين حڪومت هن وقت اقتدار ۾ آهي، ارڙهين ترميم پيپلزپارٽي جي اڳواڻي ۾ سمورين سياسي جماعتن جو شاهڪار قدم هو، جنهن 63 سالن بعد ملڪ جي چئني صوبن مٿان وفاق جي اجاراداري کي ڪمزور ڪيو، ۽ صوبن کي اهي اختيار ڏنا ته هو پنهنجا سياسي ۽ مالي فيصلا پاڻ ڪن، وفاق پاران صوبن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي روش گهڻي ڪمزور ٿي . هن ترميم کانپوءِ پاڪستان ۾  صدارتي نظام لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان ڳالھه کان انڪار ناهي ته  دنيا ۾ ڪوبه سياسي نظام حتمي نه هوندو آهي، هر دور پاڻ سان گڏ نيون ضرورتون کڻي ايندو  آهي. ان ڪري ڪنهن به سياسي نظام جي حمايت يا مخالفت ان جي عملي نتيجن جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ته پارلياماني جمهوريت به آزادي سان ڪم نه ڪري سگهي آهي، ان ڪري ان ڳالھه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته جنهن نئين نظام جي خواهش هر نئين صبح تي ڪر کڻي ٿي، اهو نظام هن ملڪ کي ڪو بهتر دڳ ڏئي سگهندو. پاڪستان جي موجوده سياسي نظام سان اسان جي طاقت ور ڌرين ان ٻار جهڙو  طريقو اختيار ڪيو آهي، جيڪو شوق ۾ ٻوٽو پوکيندو آهي، ۽ ڪجھه ڪلاڪن بعد ان کي هٿ سان ٻاهر ڪڍي ڏسندو آهي ته ٻوٽي پاڙ  هنئي آهي يا نه !
 ان ڳالھه کان انڪار ناهي ته جنهن ارڙهين ترميم جو موڙ پيپلزپارٽي پنهنجي پيشاني تي ٻڌو، ان پاڻ سنڌ ۾  بدترين گورننس جي حوالي سان  نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. سنڌ ۾ هڪ ڪرپٽ اشرافيه پيدا ٿي آهي، جنهن ماڻهن جي وسيلن کي پنهنجي ذات لاءِ استعمال ڪيو آهي . اهو ئي سبب آهي ته عام ماڻهو جي اڪثريت سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي شديد مخالف آهي، پر ان باجود اها اڪثريت ان ڪري  اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي حمايت ڪري ٿي ته  پيپلزپارٽي جون مدمقابل سياسي قوتون  ان کان به وڌيڪ بدتر آهن، جيڪي سنڌ جي عوام جي سياسي مزاج کي سمجهڻ بدران مٿان کان  جيڪو ڪجھه کين چيو وڃي ٿو اهو ماڻهن کي ٻڌائين ٿيون.
تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ٻن سالن دوران  سنڌ ۾  ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ پاران انيڪ ڀيرا سنڌ ۾ گونر راڄ لاڳو ڪرڻ جا مطالبا ٿيندا رهيا آهن، نتيجي ۾ خود تحريڪ انصاف اندر به ان جي مخالفت ٿيندي رهي آهي. تازو هڪ دفعو وري نئين ٿيوري سامهون آئي آهي ته سنڌ ۾ سموري آئيني ڍانچي جو تڏو ويڙهي ڪراچي کي فوج يا وفاق حوالي ڪيو ويندو، ماضي ۾ به جڏهن  سنڌ ۾ گورنر راڄ جا مطالبا ٿيا ته  وزيراعظم  مڪمل خاموش رهيو پر جڏهن هو سنڌ جي دوري تي آيو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ  باقي اتحادي ڌرين جي ناراضگي جي ڪري عمران خان  هن پاڻ ان جي ترديد ڪئي هئي. ڪجھه  مهينن لاءِ اهو معاملو ماٺو ٿي ويو، پر ان بعد وري هڪ نئون شوشو ڇڏيو ويو، تازو ڪراچي ۾ برساتن بعد جڏهن مڪاني ۽ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي جي پت وائکي ٿي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ٽوئيٽ ذريعي ملڪ جي عوام کي ٻڌايو ته هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪراچي ۾ گٽرنالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪري. هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته جيڪڏهن وزيراعظم کي ڪراچي جي شهرين لاءِ  ڪا همدردي هئي ته هو ان جو قانوني رستو اختيار ڪري ها، هو سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائي ها. ڪراچي جي ميئر سان رابطو ڪري ها ، ان بعد ٽنهي ڌرين کي گڏ ويهاريو وڃي ها، پر ڇاڪاڻ ته نيت ڪم ڪرڻ جي گهٽ پر سياسي طور تي  پوائنٽ اسڪورنگ جي وڌيڪ هئي ان ڪري عمران خان لاڳاپيل ڌرين سان ڳالھائڻ بدران عوام کي ٻڌايو ته شهر جي گٽر نالن جي صفائي جو ڪم به اين ڊي ايم اي ڪندي. اسان پهريون ڀيرو ڏٺو ته ايف ڊبليو او ڪراچي جا گٽر صاف ڪري رهي هئي، ظاهر آهي ته هاڻي ڪراچي جي  گٽر نالن جي صفائي جي باري ۾  خبرون آءِ ايس پي آر مان جاري ٿين ٿيون ،ان ڪري اسان جي ميڊيا ان ۾ زير زبر جي تبديلي کانسواءِ اهي  جيئن جو تيئن جاري ڪري ٿي.
هن دفعي عيد جي موڪلن دوران ڪراچي وڃڻ ٿيو ته اتان جي عام ماڻهو جي اها راءِ هئي ته ڪراچي وفاق حوالي  ٿي رهي آهي،  هنن جو خيال هو ته ڪراچي فوج حوالي ٿيڻ بعد هن شهر جي تقدير تبديل ٿي ويندي،  مقامي سطح تي ان قسم جي راءِ عامه جوڙڻ کانپوءِ سياسي طرز حڪمراني کان ناواقف عام شهري جي خوشي جو اندازو لڳائڻ آسان هو ۽ ان ناواقفيت جو ناجائز فائدو وٺڻ پويان اهي ئي ڌريون آهن، جيڪي هن ملڪ مٿان وفاق جي حاڪميت جون قائل آهن. هن دفعي به هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هڪ پيپلزپارٽي کي بليڪ ميل ڪري ان کان اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ واري پابندي ختم ڪرائڻ لاءِ حمايت تي راضي ڪرڻ ته ٻئي طرف ماڻهن جو ذهن ٺاهڻ ته وفاقي حاڪميت يا صدارتي نظام کانسواءِ هن ملڪ جو هلڻ ڏکيو آهي.
ڪجھه مهينا اڳ ۾ آمريڪي شهري عورت سينٿيا ڊي رچي ،جيڪا گذريل ڳچ سالن کان اسلام آباد ۾ رهي ٿي  اوچتو  اوچتو سوشل ميڊيا جي منظرنامي تي نمودار ٿي، جنهن پهرين بلاول ڀٽو زرداري جي ذاتي زندگي جي حوالي سان مٿس الزام هنيا،  ان بعد ڪجھه سنڌ جي صوبائي وزيرن جون جعلي ۽ اصلي تصويرون شيئر ڪيون . ان بعد  سينٿيا رچي فيس بڪ تي لائيو ٿي، جنهن ۾ هن رحمان ملڪ ،يوسف رضاگيلاني ۽ مخدوم شهاب الدين   مٿان الزام هنيا ته هنن سندس عزت ۾  هٿ وڌا آهن. پيپلزپارٽي جي قيادت  مٿان لڳايل الزامن کي ملڪ جي ميڊيا ذريعي ماڻهن تائين  پهچائڻ جو “خاص بندوبست” ڪيو ويو، ۽ ٻئي ڏينهن سينٿيا جا الزام ملڪ جي وڏين اخبارن جي ليڊ خبر هئا،  ڪجھه ڏينهن  سينٿيا پاڪستان جي ميڊيا جي ڊارلنگ بڻيل رهي .اهو معاملو ڪجھه جهڪو ٿيو ته علي زيدي اوچتو   عذير بلوچ  ۽ نثار مورائي جون  غير سرڪاري جي آءِ ٽي رپورٽون سامهون آنديون. هن رپورٽ ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت مٿان سنگين الزام هنيا ويا هئا. سنڌ حڪومت علي زيدي پاران سامهون آندل جي آءِ ٽيز جي ايتري پريشر ۾ اچي وئي جو هن پاڻ عذير، بلديا گارمنٽس فيڪٽري باھه ۽ نثار مورائي واري جي آءِ ٽي رپورٽون جاري ڪري ڇڏيون. جنهن بعد به اهو معاملو ڪافي ڏينهن ملڪ جي ميڊيا جي بحث جو موضوع رهيو . اهو معاملو ڪجھه ڏينهن هليو ان بعد تحريڪ طالبان جي فرار ٿيل ترجمان احسان الله احسان جو ٽوئيٽ سامهون آيو، جنهن ۾ هن بلاول ڀٽو کي قتل جي ڌمڪي ڏني هئي. جون جي ٻئي هفتي کان اهو سلسلو شروع ٿيو  جيڪو جولاءِ تائين جاري رهيو. هاڻي ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. حيراني جي ڳالھه اها هئي ته ملڪ جي گهرو وزارت لکت ۾ عدالت کي ٻڌايو ته سينٿيا رچي آءِ ايس پي آر سان گڏجي ڪم ڪري ٿي، جيڪڏهن ملڪ جي اهم اداري سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪا غير ملڪي عورت ملڪ جي سياسي قيادت تي سنگين الزام هڻي ته سوال ته ضرور پيدا ٿئي ٿو. جي آءِ ٽي جي رپورٽ سامهون اچي ۽ ان تي ڪابه قانوني ڪارروائي نه ٿئي، وفاقي حڪومت علي زيدي ۽ سنڌ حڪومت جي، جي آءِ ٽيز مان ڪنهن جي ڪوڙي ۽ ڪنهن جي سچي هجڻ جي باري ۾ خاموش رهي ته سمجهي سگهجي ٿو ته ماڻهن کي انصاف ڏيڻ نه پر نيت بليڪ ميل ڪرڻ جي هئي. بلديا فيڪٽري باھه واري جي آءِ ٽي ،جنهن ۾ هڪ ئي وقت اڍائي سئو ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو هو ان باري ۾ مڪمل مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ان خاموشي ۾ سنڌ حڪومت به ملوث هئي، ڇاڪاڻ ته ٻن جي آءِ ٽيز ۾ سڌي يا اڻ سڌري ريت سندس سياسي قيادت جا اهم اڳواڻ ملوث هئا. احسان الله احسان جي ٽوئيٽ تي به گهرو وزرات ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.
هن سڄي معاملي جو قومي مالياتي ڪميشن ۾ صوبن جو حصو نه گهٽائڻ واري پابندي ختم ڪرڻ سان تعلق آهي. اها پابندي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ٻنهي ايوانن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، جيڪا ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پارٽي جي حمايت کانسواءِ ممڪن ناهي.
تازو سينيٽر رحمان ملڪ جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي، هن ملاقات جي باري ۾ آءِ ايس پي آر پاڻ پڌرائي جاري ڪئي. سياسي حلقن ۾ ان باري ۾ سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا رحمان ملڪ اها ملاقات پيپلزپارٽي جي قيادت جي اجازت سان ڪئي هئي يا هن پنهنجي منهن اها ملاقات ڪئي. ذريعا چون ٿا ته رحمان ملڪ آصف زرداري جو پيغام کڻي ويو هو. اهو پيغام ڪهڙو هو ان باري ۾ رڳو آصف زرداري ،رحمان ملڪ ۽ آرمي چيف ڄاڻن ٿا، باقي ڪنهن کي به خبر ناهي. ان ڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مفاهمت جي بادشاھه طور سڃاڻپ رکندڙ آصف زرداري ڪجھه ڏيو ۽ ڪجھه وٺو جي بنياد جو پيغام ڏنو هوندو.
جيڪڏهن پيپلزپارٽي اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽ نه ڪرڻ واري پابندي ختم ڪرڻ جي حمايت ڪئي ته اها  بليڪ ميلنگ عارضي طور ختم ٿي ويندي.
هڪ ڳالھه واضح آهي ته ڪراچي ۾ گورنر راڄ موجوده آئين جي صورت ۾ ممڪن ناهي، جيستائين صوبائي اسميبلي پاڻ ان تجويز جي حمايت نه ڪري، هڪ چونڊيل ۽ ايوان ۾ وڏي اڪثريت رکندڙ صوبائي حڪومت لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته هو ان تجويز  تي سوچڻ جو به تصور ڪري . جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي اها خواهش پوري ڪرڻي آهي ته ان لاءِ آئين کي معطل ڪرڻو پوندو ۽ اهو ڪم سويلين حڪومت نه پر فوجي بغاوت ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *