تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪراچي کي نسل پرستيءَ جي ٻوڏ کان ڪيئن بچائجي!

بارشن کانپوءِ ڪراچيءَ جي رستن تي پاڻي بيهڻ کي بهانو بنائي هڪ نسل پرست گروهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ ان کي الڳ صوبو بڻائڻ جو پراڻو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اهي سڀ دليل ۽ ڊائلاگ هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌ واسي ٻڌندا پيا اچن. اڳي اهي حوال ايم ڪيو ايم ڪندي هئي، هاڻي ان سان پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي وارن به سر ملائڻ شروع ڪيو آهي. در حقيقت ان نسل پرست گروهه ماضي ۾ به نفرت جي سياست جو کٽيو کاڌو آهي. انهن جو پراڻو مشن آهي ته ڪنهن به قيمت تي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادين ۾ ويڇا نه گهٽجن. نفرت جا اهي سوداگر ڪراچي جي بدامني ۽ رتوڇاڻ تي سياست ڪندا رهيا آهن، تنهن ڪري اهي نفرتن پکيڙڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه ٿا وڃائڻ گهرن. هن وقت سندن فرسٽريشن وڌڻ جي پٺيان هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا.
ڏينهون ڏينهن سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ ۾ تيزي سان وڌي رهيا آهن. ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڀيرو ايڏي تيز رفتاريءَ سان سنڌي ڳالهائيندڙ ڪراچيءَ ۾ روزگار سان گڏ رهائش به اختيار ڪري رهيا آهن. هونءَ ته ڪراچيءَ ۾ جڳ جهان جا ماڻهو اچي رهائش ۽ روزگار ڪن ٿا پر جيئن ته اهي ماڻهو ٻاهريان آهن، تنهن ڪري اهي وري به شهر تي مالڪيءَ جي دعويٰ نه ڪندا آهن. سنڌي ڳالهائيندڙ جيئن ته ڌرتيءَ ڌڻي آهن، تنهن ڪري اهي جڏهن ڪراچيءَ ۾ اچي روزگار نه پر رهائش پڻ اختيار ڪرڻ لڳا آهن ته نسل پرست گروهن کي انهن جي مالڪيءَ واري دعويٰ کان ڀئو ٿئي ٿو. جيستائين سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو هتي نوڪريون ڪرڻ ايندا هئا ۽ جمعي ڏينهن صدر ۽ سهراب ڳوٺ تي ٻهراڙين جي بسن لاءِ بيٺا هوندا هئا، انهن کي ايڏي گهڻي ڳڻتي نه هوندي هئي. هاڻي جڏهن اهي هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ اچي رهڻ لڳا آهن ۽ ڪراچيءَ کي رڳو زباني طور نه پر عملي طور تي پنهنجو شهر ڪرڻ لڳا آهن ته انهن ڌرين کي ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي. اها نئين صورتحال آهي، جنهن کي هن کان اڳ هنن ڪڏهن منهن نه ڏنو هو.نه رڳو اهو ته سنڌي ڳالهائيندڙ ڪراچيءَ ۾ عام رواجي نوڪريون ڪري رهيا آهن پر شهر جي ڪيترن ئي اهم انتظامي عهدن تي پنهنجي ميرٽ جي بنياد تي پهچڻ لڳا آهن. جيئن ته اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ سرڪاري نوڪرين بجاءِ خانگي شعبي ڏانهن وڃڻ جو لاڙو وڌيڪ رهيو آهي، تنهن ڪري انتظامي عهدن ۾ سندن انگ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. شهر جي انتظاميا جي اهم عهدن تي ميرٽ جي بنياد تي مقرر ٿيندڙ سنڌين جو انگ وڌي رهيو آهي ته ان کي نسلي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هاڻي سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو سرڪاري نوڪرين تائين محدود ناهن رهيا. اهي ڪراچي شهر ۾ ننڍن وچولن ڪاروبارن ۾ ڀائيواري ڪري رهيا آهن. هيٺين سطح جي ڪمن ڪارين واريون نوڪريون به ڪن ٿا. خانگي شعبي ۾ به محنت مزدوري ڪرڻ لڳا آهن. ساڳئي وقت اهي پروفيشنلز جي دائري ۾ به جاءِ والارڻ لڳا آهن. انهن سڀني شعبن ۾ جاءِ والارڻ جي ته اڃا مس شروعات آهي. ان صورتحال سبب به نسل پرست گروهن کي سخت ڳڻتي آهي.
وقت سان گڏ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو هڪ چڱو موچارو حصو سمجهڻ لڳو آهي ته نفرت ۽ رتوڇاڻ جي سياست کين نقصان پهچايو آهي. ان ڪري سندن آباديءَ جو هڪ وڏو انگ سنڌ واسين سان گڏ ڀائيچاري سان جيئڻ گهري ٿو. انهن ماڻهن کي پيپلزپارٽي پاڻ سان ويجهو ڪرڻ لاءِ ڪي نمايان اڳڀرايون نه ڪيون ته اهي ورندڙ واءُ ڏسي پي ٽي آءِ سان گڏجي ويا ۽ رتوڇاڻ کان پاسيرا ٿيڻ لڳا آهن. نسل پرستن کي پنهنجي برادري وٽان گهربل موٽ نه ملڻ تي به پنهنجي سياسي انت جو انديشو آهي، جنهن ڪري اهي وڌيڪ ڇنائپ جو شڪار ٿي رهيا آهن.
ٽن ڏهاڪن تائين شهر کي بندوق جي زور تي يرغمال بڻائي رکندڙ ڌر هڪ ڌڪ سان رياستي ادارن جي سرپستي کان محروم ٿي وئي آهي. هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ شهر ۾ امن بحال ٿيو آهي. ڪراچيءَ ۾ امن بحال ٿيڻ جو سڀ کان وڏو فائدو سنڌي ڳالهائيندڙن کي ٿيو آهي. هن وقت جڏهن پاڙيسري ملڪن ۽ پنجاب توڙي خيبرپختونخواه مان ماڻهن جي آمد جي رفتار ڪجهه گهٽي آهي، ته ٻهراڙين ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ورڪنگ ڪلاس ڪراچيءَ ۾ نوڪرين، ڪاروبارن ۽ هنري ڪمن ۾ خال ڀرڻ شروع ڪيو آهي. اهڙي طرح نسلي گروهه کي نفرت ۽ رتوڇاڻ جي سياست سبب شهر تي جيڪو ڪنٽرول هو اهو ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهي بندوق جي زور تي ماڻهن کي هيسائي پنهنجي مرضي نٿا هلائي سگهن. شهر مٿان سندن اڪيلي قبضي جي جاءِ تي ٻيا ماڻهو به پنهنجي حصي آهر جاءِ ٺاهي رهيا آهن ته ان گروهه کي عدم تحفظ جي احساس اچي ورايو آهي. ڪراچيءَ جو امن، نسلي نفرت واري گروهه کي تڪليف ڏئي ٿو، جيئن جيئن شهر ۾ امن وارو مدو ڊگهو ٿيندو ٿو وڃي، انهن ڌرين جي فرسٽريشن به وڌي ٿي.
هي ته اهي ڪجهه ڪارڻ آهن جيڪي ڪراچيءَ جي هاڻوڪي صورتحال جو بنياد نظر اچن ٿا. ان صورتحال تي سنڌ واسين جي رد عمل ۽ جوابي حڪمت عملي بابت ڪجهه گذارشون عرض رکان ٿو.
سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بابت انهن هلائن کي گارگند سان نه پر تاريخي ۽ آئيني دليلن سان رد ڪجي. عملي طور تي سنڌ کي ورهائڻ ايترو سولو ڪم ناهي جو ان قسم جي بيان بازين سان ممڪن ٿي وڃي. البته ان قسم جي بيانيي کي مضبوط دليلن سان رد ڪبو رهجي ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اهو نياپو لڳاتار ڪجي ته سنڌواسي سنڌ جي جاگرفيائي وحدت سان ڪنهن به هٿ چراند جي جمهوري، آئيني ۽ سياسي پرامن جدوجهد سان مزاحمت ڪندا اهڙو ڪوبه عمل ڪندڙ درحقيقت سنڌ جي جاگرافيائي وحدت سان نه پر ملڪ جي جاگرافيءَ سان به هٿ چراند ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري ان سوچ کان پاسو ڪيو وڃي. سنڌ واسين جي مضبوط دليلن واري گڏيل راءِ ان سوچ اڳيان بند ٻڌي سگهي ٿي.
اها ڳالهه چٽي طرح چئجي ته سنڌ ۽ پ پ حڪومت ٻه الڳ وجود آهن. پيپلزپارٽي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد يا پڇاڻي تي ڪنهن کي ڪوبه اعتراض نه هوندو البته پ پ حڪومت جي اوٽ وٺي سنڌ جي وحدت تي هلائن، سنڌ حڪومت کي ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ يا ڪراچي کي وفاق هيٺ ڏيڻ جهڙن هٿڪنڊن کي سنڌ واسي هرگز قبول نه ڪندا.
سنڌي ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته وڌ کان وڌ ڪراچيءَ کي پنهنجي روزگار ۽ رهائش جو مرڪز بڻائن. ٻهراڙين کي وڏيرڪي راڄ، غربت، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ مان آجي ڪرائڻ لاءِ اسان کي پنهنجو معاشي مرڪز ڪراچيءَ کي بڻائڻ گهرجي. ايترا سال اسان جي ڪراچيءَ کان پاسيري رهڻ سبب سڄي ملڪ جا ماڻهو شهر جي معاشي سگهه مان فائدو وٺندا رهيا آهن. شهر جي سياسي مالڪي ان جي معيشت جو حصو بڻجڻ کان سواءِ ممڪن نه ٿي سگهندي.
ڪراچيءَ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه وقت هميشه هڪ نسل پرست سوچ کي رد ڪجي، ڪنهن لساني گروهه کي مجموعي طور نشانو بڻائڻ سان انهن جون همردرديون به نسل پرست ٽولي ڏانهن مڙڻ جو انديشو آهي. ائين ناهي ته ڪو سو سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ڪرڻ يا سنڌين سان ٽڪراءَ جا حامي آهن. هر قوم ۽ گروهه ۾ هڪ خاموش ماڻهن جو چڱو موچارو انگ هوندو آهي. سندن ماٺ لاتعلقي، مصلحت، خوف يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري به ٿي سگهي ٿي. ڪراچيءَ جا اڪثر رهواسي پنهنجي مسئلن جو حل گهرن ٿا جيڪو هڪ جائز مطالبو آهي. انهن ئي اردو ڳالهائيندڙن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي، قيصر بنگالي، صائقه صلاح الدين، غازي صلاح الدين، زاهده حنا، امتياز فاران، احمد شاهه، عارف حسين، مهناز الرحمان، انيس هارون، جميل خان، فهيم الزمان جهڙا ڪيترائي مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو به آهن جيڪي نسل پرستيءَ جي مخالفت ڪندا رهيا آهن ۽ سنڌ جي ورهاڱي واري سوچ جا مخالف آهن. ائين ئي ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي پنجابي ۽ پٺاڻ به آهن جيڪي ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جا مخالف آهن. ان قسم جي وچٿرن ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ رهجي ۽ کين پنهنجي موقف سان سلهاڙيل رکجي. نسل پرستيءَ جي هر صورت ۾ مخالفت ڪجي ۽ ان جي سمورن مخالفن سان تعلق ۾ رهجي ڀلي اهي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجن.
ڪراچي شهر تي پنهنجي وارثي لاءِ ضروري آهي ته شهر جي معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ شهري معاملن جو حصو بڻجي. ويجهڙ ۾ شهر اندر ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي شرڪت نمايان رهي آهي. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۽ پريس ڪلب جهڙن ادارن ۾ سنڌين جي اثرائتي نمائندگي نظر اچي ٿي. شهري مسئلن تي ٿيندڙ بحثن ۽ احتجاجن ۾ به اسان کي بهرو وٺڻ گهرجي. ڪراچي جي مسئلن جي آڙ ۾ نسلي سياسي ڪئي پئي وڃي پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪراچي شهر جا مسئلا ۽ انهن تي ڳڻتي ناجائز آهي. ڏيڍ، پوڻا ٻه ڪروڙ آبادي واري شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي، نيڪال جي سهولت، گند ڪچري، بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا انتهائي شديد آهن ۽ شهرين کي انهن جو حل گهرجي. انهن معاملن تي ٿيندڙ بحثن، فورمز ۽ احتجاجن ۾ شريڪ ٿي انهن مسئلن جي اصل ذميوار نسل پرستن کي وائکو ڪجي جيڪي ڪراچيءَ مٿان قابض رهيا آهن ۽ هاڻي انهن ئي مسئلن جي اوٽ ۾ ان کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا. ڪراچي شهر ۾ اردو، پنجابي، پشتو ڳالهائيندڙن سان گڏ هڪ تمام وڏو انگ ميمڻن، ڪڇين، بلوچن ۽ اهڙين برادرين جو آهي، جيڪي ثقافتي طور سنڌي آهن يا سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي وحدت جا حامي آهن. انهن سان ڏيتي ليتي ۽ سماجي رشتا رکجن ۽ ساڻن توڙي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن سان هر ممڪن حد تائين سنڌي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪجي. ڪراچي شهر جي بازارن، ڪيفيز، پروگرامن ۽ محفلن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو آواز جيترو گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو اوترو نفسياتي طور ڪراچيءَ ۾ سنڌيت جو احساس اڀرندو.
سنڌ جي سياسي پارٽين (خاص ڪري قومپرست پارٽين) تي زور ڀربو رهجي ته اهي پنهنجي سياسي سرگرمين جو مرڪز ڪراچيءَ کي بڻائن. کين شهر جي مرڪزي علائقن ۾ آفيسون کولڻ، ڪراچيءَ جي شهري مسئلن تي پروگرام ڪرڻ، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرسون ڪرڻ ۽ ثقافتي پروگرام ڪرڻ لاءِ زور ڀرجي. هي اسان جي سياسي پارٽين جو ڪمزور پاسو آهي جو اهي حيدرآباد تائين پاڻ کي محدود ڪيو ويٺيون آهن، جيستائين اهي ڌريون ڪراچيءَ کي پنهنجي سياسي سرگرمين جو مرڪز نه بڻائينديون تيستائين اهي ڪراچيءَ جي معاملن تي ڪا اثرائتي ڌر به نه ليکجنديون.
ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي زندگيءَ جي مصروفيتن مان ٿورو وقت ڪڍي پنهنجي ٻارن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ سيکارين. جيڪڏهن سندن اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائجي ته ان لاءِ پاڻ ڪوشش وٺجي. ٻارن جو سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي بنيادي صلاحيت هجڻ ضروري آهي نه ته اهي ثقافتي ڪنفيوزن جو شڪار ٿي وڏا ٿيندا.
ڪراچي جي معاملي تي جذباتي به ٿجي پر ان سان گڏ ان ڏس ۾ حڪمت عمليءَ واريون اڳڀرايون به ضروري آهن. ڪراچيءَ جو امن سنڌ واسين جي اجتماعي مفادن وٽان آهي ۽ سنڌ واسين کي ان موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *