تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪراچي ۽ اندرون سنڌ

پاڪستان جو وزيراعظم چوي ٿو ته ڪراچيءَ تي اندرون سنڌ جي ووٽن تي کٽي آيل پارٽي حڪومت ٿي ڪري ۽ هو صاحب ان کي ئي ڪراچيءَ جي مسئلن جو سبب ٿو سمجهي ۽ اسان وري “ڪراچي ۽ سنڌ” واري معاملي تي ڏاڍا جذباتي ۽ حساس ٿي ويا آهيون ۽ ان کي سنڌ جي وحدت تي وار ٿا سمجهون. سطحي طرح ڏسڻ سان ته معاملو بلڪل ايئن ئي آهي پر پسمنظر ۾ معاملو ڪجهه ٻيو به آهي. اصل معاملو آهي ٻه طرفي خوف جو.
ڪراچيءَ جي مسئلن جا ته ڀل انيڪ سبب هجن پر هو پيپلزپارٽيءَ جي خراب حڪمرانيءَ جي آڙ ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي وڌندڙ اثر رسوخ تي پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڇا اها واقعي به حقيقت نه آهي ته اڄ ڪراچيءَ تي سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي کٽي آيل پارٽي حڪومت ڪري رهي آهي؟ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڄ پهريون ڀيرو ڪراچيءَ تي سنڌي ماڻهن جي حڪومت قائم ٿي آهي، ڇا اهو سچ ناهي؟
پيپلزپارٽي ڀل ٻارهن سالن کان اقتدار ۾ هجي پر ڪراچيءَ تي سنڌي ماڻهن جي حڪمراني بنهه هاڻي بلدياتي حڪومتن جي خاتمي سان شروع ٿي آهي. سا به انتهائي لولي لنگڙي ۽ پنجاب سان ڪيل معاهدي تحت وجود ۾ آئي آهي. اقتدار اعليٰ جو اصل سرچشمو اڄ به پنجاب آهي ۽ اسان پاڻ ۾ ٻوٽيءَ تي وڙهي رهياآهيون. اسان کي خوف آهي سنڌ جي وحدت وڃائي ويهڻ جو ۽ هنن کي خوف آهي ڪراچي کسجي وڃڻ جو! ۽ ان ٻه طرفي خوف جنم ڏنو آهي اڄوڪي “ڪراچي ۽ سنڌ جي بحران کي.”
ڪلاچيءَ جو ڳوٺڙو ته مقامي مهاڻن جو اڏيل هيو پر ڪراچي بندر اچي اڏيو حيدرآبادي عاملن يعنيٰ اندرون سنڌ جي ماڻهن! ۽ ان کي بين الاقوامي اهميت جو جديد بندر بڻايو برطانوي حاڪمن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي حوالي ٿي هندستان کان هتي اچي آباد ٿيندڙ مهاجرن وٽ. جن اڳيان هلي اصطلاح ايجاد ڪيو “ڪراچي اور اندرون سنڌ” اهو اصطلاح ته اردو ٻوليءَ جو آهي ۽ ان کي وري سنڌي ماڻهن به قبول ڪري ورتو هو.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچيءَ سان سنڌي ماڻهن جو رابطو ان حد تائين منقطع ٿي چڪو هيو جو 1970ع تائين ڪراچي کي پرديس سان پيا ڀيٽيندا هئا ۽ پير صاحب پاڳاري ته پاڻ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي ۽ ڪنهن ان جي پرزور مخالفت به نه ڪئي هئي. جڏهن ته اڄ ڀل ۾ ڪوئي ڪراچي ۽ سنڌ چئي ٿو وڃي ته سوشل ميڊيا تي باهه ٿي ٻري وڃي. جذبات جي شدت ۾ اسان هوش حواس واري تفريق ڪرڻ به وساري ويهندا آهيون ته ڪير بدنيتيءَ سان اهو اصطلاح استعمال ٿو ڪري ۽ ڪنهن کان ڀل ٿئي ٿي. ڪراچيءَ سان سنڌي قوم جي ناتي ٽٽڻ جي اها انتها هئي جو سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۽ سنڌ جي مکيه شهرن تي مهاجرن جي حاڪميت قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ بچيل سنڌي خاندانن جي وڏن پنهنجي ٻارن جي سڄي پالنا اردو ٻوليءَ ۾ شروع ڪئي ته جيئن هو اسڪولن ۾ پاڻ کي اجنبي محسوس نه ڪن. لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ سنڌي قوم پنهنجي پڙهيل ڳڙهيل شهري ۽ ڪاروباري وچين طبقي کان مڪمل طور محروم ٿي وئي هئي ۽ سنڌ عملي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي سنڌ اربن ۽ سنڌ رورل جنهن جي ڪوٽا به مقرر ٿي وئي ۽ اربن ڪوٽا جي معنيٰ ٿي مهاجرن جي ڪوٽا ۽ رورل سنڌ جي ڪوٽا معنيٰ سنڌين جي ڪوٽا. پر هاڻي صورتحال ڇا آهي؟
1960ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي قوم جو نئون وچولو طبقو وجود ۾ اچڻ شروع ٿي ويو جنهن سنڌ جي نئين قومي تحريڪ کي جنم ڏنو جنهن جي پيڙهه جو پٿر پيو 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجهد سان. 1970ع تائين ان نئين اسرندڙ سنڌي وچولي طبقي جي اڳواڻي هئي سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هٿن ۾ جن آدرشوادي سياست ۽ شعور جي آبياري ڪئي. اديب ۽ شاعر بڻيا هر اول دستو ۽ پوءِ شاگردن جي شموليت قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي آبياري ڪئي. 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد به ڪهڙي مسئلي تان شروع ٿي؟ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن احتجاج ڪيو ته حيدرآباد جي مهاجر ڪمشنر مسرور احسن سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي بدلي ڇو ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته شاگرد ان مان مطمئن آهن؟ سنڌي شاگردن طرفان اهو سنڌ اربن جي مهاجر اختيار کي پهريون چيلينج هيو ۽ جڏهن ان کي طاقت سان ڪچلڻ جي ڪوشش ٿي ته اهو پيغام سڄي سنڌي قوم کي پهچي ويو ته فقط پرامن احتجاج ڪرڻ تي به سندن ٻچڙن کي رتورت ڪري جيلن ۾ وڌو ويو آهي. سنڌي قوم جو سنڌ جي شهرن ڏانهن اهو مارچ جيڪو 4 مارچ 1967ع کان شروع ٿيو اهو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي ۽ زور شور سان وڌندڙ آهي ۽ ان کي ڪابه طاقت نه روڪي سگهي آهي ۽ نه روڪي سگهندي.
سڀني قومن مان سنڌي ماڻهن جو ٻهراڙين کان نڪري شهرن ۾ آباد ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي جنهن ۾ صنعتي ڇال تڏهن آيو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون سنڌي حڪمران بڻيو جنهن ڪراچي ۽ اسلام آباد جا در سنڌي ماڻهن لاءِ کولي ڇڏيا. ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پيپلزپارٽي کي ڪراچي جي واڳ ته ملي پر بيوروڪريسي ۾ سنڌي آفيسر ته اٽي ۾ لوڻ جيترو به نه هو ۽ سنڌي ماڻهو به ڪراچي ۾ ڳوليو نه لڀندو هو جنهن ڪري 1972ع ۾ ڀٽي جهڙي طاقتور کي به مهاجر پاور آڏو گوڏن ڀر جهڪڻو پيو. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي نه مڃڻ ۽ ڀٽي طرفان هٿيار ڦٽا ڪري سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيڻ اهو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سيني ۾ لڳل اهو گهاءُ آهي جنهن مان اڄ به رت ڳڙي رهيو آهي. جنهن جو اظهار سنڌي ماڻهو ان طرح ڪري رهيا آهن جو هو بار بار حوالو ڏيندا رهن ٿا ته انگريزن ته اچي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو هو ۽ انگريز عملدارن جي لاءِ به سنڌي سکڻ لازمي قرار ڏنو هيو پر پاڪستان کانپوءِ اسان کان اسان جي ٻولي کسي اسان تي اردو ٻولي مڙهي وئي آهي.
ٻئي طرف وري ڪراچي کي ڀٽي، ڄام صادق ۽ ٻين سنڌي وزيرن ۽ وڏيرن جي (انهن جي نظر ۾) “يلغار” ڏسي کين پهريون ڀيرو خوف ٿيو. ڪراچي تان حق حاڪميت وڃائي ويهڻ جو خوف ۽ اهو خوف اجايو نه هو. ڇو ته هنن ڄاتو پئي ته ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن رخ آهي ۽ اهو سلسلو هاڻي رڪبو ڪو نه پر جي حاڪم به انهن جي ئي ووٽن تي چونڊيل پارٽي هوندي ته اهو سلسلو گهڻو تيز ٿي ويندو جنهن ڪري پي اين اي تحريڪ ذريعي پيپلزپارٽي جي حڪومت جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪراچي اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڀٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ پنجاب جي ساٿ سان ڀٽي کي تخته دار تي پهچائڻ ۾ ڪامياب ويا پر ارتقا جي ڦيٿي کي ڀلا ڪير ٿو روڪي سگهي؟ ارتقا جو ڦيٿو قدرت جو اهو طاقتور ڦيٿو آهي جنهن کي انسان ته ڇا ڪا مافوق الفطرت ڏند ڪٿائي قوت به نٿي روڪي سگهي. وقت ۽ ارتقا جي ڦيٿي کي نه ڪوئي روڪي ٿو سگهي نه پوئتي موٽائي ٿو سگهي. تحقيق ته انسان جو اختيار محدود آهي.
پيپلزپارٽي جي پهرين دور حڪومت ۾ سنڌي ماڻهن جي اقتدار ۾ شرڪت ۽ سنڌي شناخت جي اڀار مهاجر دانشورن ۽ مهاجر شناخت جي سوال کي جنم ڏنو جن هن وقت تائين مسلسل پاڪستاني قوميت جي شناخت ۾ پناهه وٺي رکي هئي. هنن جڏهن چوڌاري نظر ڦيرائي ته هنن کي هر طرف سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ نظر آيو کين پاڻ کان علاوه ڪو ٻيو خالص پاڪستاني ته ڪٿي به نظر نه آيو ۽ هو سمجهي ويا ته هي ڪمپني هاڻي گهڻو وقت نه هلندي ۽ انهن بنياد وڌا مهاجر قوميت جي نعري جا ۽ قيادت سنڀالي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ الطاف حسين ۽ سندس شاگرد ساٿين جن 1978ع ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن جو بنياد رکيو.
پيپلزپارٽي جي حڪومت ڊهڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ قدم رکيا جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جنهن اڳ ئي موجود جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي تعاون سان ڪراچي ۾ نه رڳو سنڌي شاگردن پر ڪراچي جي مقامي سنڌين کي به سياسي طور منظم ڪرڻ شروع ڪيو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سگا ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جا پير پختا ڪرڻ ۾ رهنما ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو بنا ڪنهن تنظيمي تفريق جي متحد ۽ منظم ٿيندا ويا ۽ انهن ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن کي به سياسي سگهه مهيا ڪرڻ شروع ڪئي جيڪي هن وقت تائين ڪراچي جي سياست کان الڳ ٿلڳ نڌڻڪا ڪيا ويا هيا. ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي متحد ۽ منظم ٿيڻ جو اهو سلسلو اڄ به جاري آهي جنهن جو سڀ کان وڏو اظهار سنڌي ثقافتي ڏينهن تي ٿيندو آهي. اوهان ڇا ٿا سمجهو ته هي آزادي مارچ، سنڌ مارچ ۽ ثقافتي مارچ ڪا پريشاني جي لهر پيدا نٿا ڪن؟ جنهن ڪراچي ۾ سنڌي ڳوليو نه لڀندو هو اڄ ڪا ڪنڊ اهڙي ناهي جتي سنڌين جو آواز نه گونجندو هجي ۽ پوءِ ڇا کين ڪراچي هٿن مان وڃائجي وڃڻ جو خوف کين نه ٿيندو؟ ڪراچي ۾ سنڌين جي آمد جيان ڪراچي جون واڳون سندن هٿن مان کسجڻ جو خوف به فطري آهي.
ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ مهاجر قوميت جي نعري تحت هنن پنهنجي مڪمل طاقت جو استعمال ڪري ڏٺو مهاجر قوميت جي تصور کي مهاجرن کانسواءِ قبول ته ڪنهن به ڪونه ڪيو پر ان کي استعمال پنجاب ڀرپور طريقي سان ڪيو ٻن خاص مقصدن لاءِ. پهريون ڪراچي جي ترقي جي رفتار کي روڪي وچ پنجاب کي صنعتي ترقي وٺرائڻ لاءِ جنهن ۾ هو مڪمل طور ڪامياب ٿي ويو ۽ ٻيو سنڌي مهاجر فساد ڪرائي سنڌ کي پنهنجي ڪالوني بڻائي رکڻ لاءِ جنهن ۾ هن کي وقتي ۽ جزوي ڪاميابي ته ملي آهي پر اها گهڻي دير جٽاءُ نه ڪندي. “ويڙهايو ۽ راڄ ڪيو” جي ان پاليسيءَ کي مڪمل طور تي ناڪام ڪرڻ جي …. ذميواري هاڻي سنڌي قوم مٿان عائد ٿئي ٿي. اسان پنهنجي ذميوارن کان نظرون چرائي فقط جذباتي نعريبازي ۽ فيسبوڪي بوڇاڙ سان پنهنجي ذميوارين کان ڪنڌ نٿا ڪڍائي سگهون. عملي ميدان ۾ به اسان کي ڪا صحتمند پيش رفت ڪرڻي پوندي. اسان کي خوف جي نفسيات مان نجات حاصل ڪرڻي پوندي جو اهو ئي طاقتور ترين هٿيار آهي. حاڪمن جو محڪومن کي ويڙهائي راڄ ڪرڻ جو. ٻه طرفي خوف جي ان هٿيار کي ڀڃي ٻه اڌ ڪيو سنڌ سموري هڪ ٿي ويندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *