Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_rhs8dpts2c14k9o4qrpt6s4igf, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪراچي ۽ سنڌ وارو تاثر ڏيڻ جي خطرناڪ راند - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪراچي ۽ سنڌ وارو تاثر ڏيڻ جي خطرناڪ راند - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڪراچي ۽ سنڌ وارو تاثر ڏيڻ جي خطرناڪ راند

هڪٻئي جي سياسي مخالف ٻن حڪومتن جا ٻن مختلف معاملن تي فيصلا،پر نيت ۽ نتيجو ساڳيو، وفاقي حڪومت ته ٿي پي ٽي آءِ جي جنهن کي سنڌ ۾ رڳو ڪراچي مان ووٽ مليا ۽ ٻين شهرن مان عام چونڊن ۾ ايترا ووٽ نه مليا تنهن ڪري انهي جي پاليسين يا فيصلن جو محور يا مرڪز ڪراچي تائين محدود آهي پر پ پ تي سڄي سنڌ مان چونڊون کٽي آئي جنهن ڪري ئي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي ان جون پاليسيون به رڳو نالي جي قومي ميڊيا جي دٻاءُ تي هڪ شهر تائين محدود هجن ته پوءِ سنڌ جو عوام انهن جي بدنيتي تي ڪيئن ٿو خاموش رهي سگهي . لڳي ٿو ته حڪمرانن سنڌ ۾ ٻٽو نظام مڙهڻ جي ڪوشش دوران عوام جي ردعمل مان به سبق نه سکيو آهي جڏهن سڄي سنڌ “هڪ سنڌ هڪ نظام ” جي نعري هيٺ گڏ ٿي ان وقت جي پ پ حڪومت جي ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ الڳ ۽ ٻين شهرن لاءِ الڳ مڪاني نظام مڙهڻ جي ڪوشش خلاف شديد ردعمل ڏيکاريو ۽ احتجاج ڪيو هو، جنهن تي مجبور ٿي ان وقت جي پ پ حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو .هاڻي به مختلف وقتن تي اهڙيون پاليسيون يا فيصلا ٿيندا رهن ٿا جنهن مان اهڙو تاثر ٿو جڙي ته ڪراچي ڄڻ سنڌ کان ڪو الڳ شهر هجي ،جيڪو ئي اصل مسئلي جي پاڙ آهي.نالي جي قومي ميڊيا به هر وقت ڪراچي ۽ سنڌ جي رينگٽ ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿي سگهي جنهن تي سنڌ جو عوام هر وقت پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رهي ٿو پر جڏهن حڪمرانن جي فيصلن مان اهڙو تاثر جڙي ته پوءِ ڳالهه وڃي حڪمرانن جي نيت تائين پهچي ٿي، يا ته وٽ کوٽا آهن يا ڦودني ۾ ئي ڦير آهي.
سڄي سنڌ ۾ هن قهر جي گرمي ۾بجلي جي لوڊشيدنگ جو عذاب آهي پر وفاقي حڪومت رڳو فيصلو ڪراچي لاءِ ڪيو آهي ۽ فيصلو به اهڙو جيڪو ٻين شهرن لاءِ وڌيڪ غذاب جو سبب بڻبو.وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي مان بجلي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ صنعتن کي هفتي ۾ ٽي ڏينهن ۽ سي اين جي اسٽيشنز کي 2 ڏينهن گئس جي فراهمي بند رکي اضافي گئس ڪي اليڪٽرڪ کي مهيا ڪئي ويندي ،انهي کانسواءِ قومي گرڊ مان اڳ ئي اضافي بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي مهيا ڪئي پئي وڃي جنهن جو ذڪر توانائي واري وزير عمر ايوب قومي اسيمبلي جي فلور تي به ڪري چڪو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي عذاب ۽ بيروزگاري ۾ مبتلا ڪري ڪي اليڪٽرڪ تي آخر اها مهرباني ڇو ڪئي پئي وڃي.صنعتون ٽي ڏينهن بند ڪرڻ ۽ سي اين جي اسٽيشنز 2 ڏينهن بند هجڻ ڪري گهڻا ماڻهو بيروزگار ٿيندا، ان جو ڪو اندازو حڪمرانن ڪيو آهي يا ڪراچي کي ڇڏي ٻين شهرن ۾ رهندڙن کي حڪمران انسان ئي نٿا سمجهن جو انهن جي روزگار جي قيمت تي هڪڙي ڪمپني جون فرمائشون پوريون ڪيون پيون وڃن، بجاءِ انهي جي جو انهي ڪمپني کي پنهنجا پرڪار سڌارڻ لاءِ چيو وڃي. ۽ اهڙي فيصلي سان اهو تاثر به جڙي ته ڄڻ حڪمران ڪراچي کي سنڌ کان ڪو الڳ شهرسمجهن ٿا.
هوڏانهن سنڌ حڪومت به ڪالهه ئي ڪراچي پوليس بابت هڪ اهڙو فيصلو ڪيو آهي جيڪو ٻين شهرن جي پوليس تي لاڳو نه ٿيندو .ايڊيشنل آءِ جي طرفان موڪليل سفارشون منظور ڪندي ڪراچي جي 86 ٿاڻن کي مالي خودمختياري ڏئي رقم به جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن سان هاڻي ٿاڻا پنهنجي اسٽيشنريز،آفيس ڪم لاءِ ٽرانپسورٽ،پرنٽنگ،ٽپال ۽ ٽيليفون سميت ٻين ننڍن خرچن لاءِايس ايڇ اوز،ايس اوز ۽ ايس ڊي پي اوز خودمختيا هوندا ،اڳ ۾ انهن خرچن لاءِ ڊي ڊي اوز پاور ايس ايس پيز وٽ هوندا هئا يا وري پوليس ايندڙ فريادين کان ئي اهي خرچ ڪرائيندي هئي. توڙي جو اهو بهتر فيصلو آهي پر ان جو جيڪو خراب پاسو آهي اهو اهو ته رڳو ڪراچي تائين ان فيصلي کي محدود ڇو ڪيو ويو آهي ؟ڇا باقي شهرن جي پوليس ٿاڻن سان اهي ساڳيا مسئلا ناهن يا انهن ٿاڻن کي معمول جا ننڍا ڪم اڪلائڻ لاءِ مالي خودمختياري جي ضرورت ناهي ،جنهن ڪري حڪمرانن جي نيت تي شڪ ٿو ٿئي ته اهي ڄاڻي واڻي اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڄڻ ڪراچي سنڌ کان ڪو الڳ آهي .
اسان سمجهون ٿا پوليس کان وٺي بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت هر ڪاروهنوار ۾ سڄي سنڌ ۾ هڪجهڙا مسئلا آهن ته پوءِ حڪمران اهي وفاقي هجن يا صوبائي جڏهن به ڪو فيصلو ڪن ته سڄي سنڌ کي نظر ۾ رکي ڪن ۽ اهڙو تاثر پيدا ڪرڻ جي خطرناڪ راندکيڏڻ کان پاسو ڪن ته ڪو ڪراچي سنڌ کان الڳ آهي . ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي ۽ سنڌ جي عوام جو ان شهر سان هڪڙو جذباتي لڳاءُ ۽ ڳانڍاپو آهي، جڏهن به ڪو اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي سنڌ وري مڪاني ادارن واري ٻٽي نظام خلاف ڏنل پنهنجي ردعمل وانگر“هڪ سنڌ هڪ نظام” وارو نعرو کڻي حڪمرانن جي اهڙي هر ڪوشش ناڪام بڻائيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *