تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

ڪراچي ۾ بجلي بعد گيس جي لوڊشيڊنگ…!!

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي معيشت وانگر شهرين کي به وڏا لوڏا آيا آهن، شهرين گذريل ڪجهه مهينن کان هر قسم جي بحران کي منهن ڏنو آهي، پاڻي جو بحران ته سدائين شهرين کي ئي ڀوڳڻو پيو آهي پر ڪجهه عرصي کان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جي زندگي کي ئي مفلوج بڻائي ڇڏيو هو، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو معاملو وڌي ان حد تائين پهتو هو جو وفاق ۾ حڪمراني ڪندڙ جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس اڳيان احتجاج تي مجبور ٿيا هئا. ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس اڳيان ڪيترن ئي ڏينهن تائين حڪمران جماعت جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن جي آزار خلاف احتجاج ڪيو، نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي ۽ ٻين پي ٽي آءِ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس اڳيان پهچي ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ چونڊيل نمائندن کي خاطري ڪرائي وئي ته هاڻي واڌو لوڊشيڊنگ نه ٿيندي ۽ واڌو بلن وارو آزار به ختم ٿي ويندو. پر اها خاطري به عام خاطرين جهڙي هئي ڇاڪاڻ ته شهرين کي نتيجا نه ملي سگھيا ۽ اهي ساڳيا ئي واڌو بل صارفين ڏانهن اماڻڻ وارو سلسلو به هلندڙ آهي ته لوڊشيڊنگ به معمول موجب ساڳئي آهي! اڃان شهرين جو بجلي وارو معاملو به حل ناهي ٿي سگھيو ته مٿن گيس جي لوڊشيڊنگ وارو بم ڪيرايو ويو آهي، گيس صنعتن کي ڏيڻ سبب عام صارفين ڪجهه ڏينهن کان وٺي گيس جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن شهر جي مختلف علائقن، ڪورنگي، لياقت آباد،محمود آباد، هجرت ڪالوني، صدر، لائينز ايريا، شاھه فيصل ڪالوني، لانڍي، گلستان جوهر ، سچل ڳوٺ، سهراب ڳوٺ، قيوم آباد، بلديا ٽائون، سعيد آباد، نئين آبادي ۽ ٻين علائقن ۾ گيس جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. رهواسين مختلف علائقن ۾ گيس جي اهڙي لوڊشيڊنگ تي احتجاج به ڪري چڪا آهن ۽ سندن الزام آهي ته گيس صنعتن کي ڏيڻ سبب گھريلو صارفين کي تنگ ڪيو پيو وڃي، شهرين دانهيو آهي ته گيس جي لوڊشيڊنگ به ان وقت ڪئي پئي وڃي جنهن وقت گھرن ۾رڌ پچاءُ جو وقت ٿئي ٿو، اهڙي طرح نه صرف گھريلو صارفين پر هوٽل مالڪ، فاسٽ فوڊ سينٽر توڙي سي اين جي اسٽيشنن جا مالڪ پڻ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، هوٽل مالڪن جو چوڻ آهي ته گيس جي بندش سندن ڪاروبار کي ڌڪ رسايو آهي، گھريلو صارفين به دانهون ڪن پيا ته رڌ پچاءُ نه ٿيڻ ڪري ٻاهران مهانگي ماني گھرايون پيا جنهن ڪري غربت سبب هڪ ويلو ماني کائون ٿا ته ٻيو ويلو بکيا سمهي ٿا رهون !
سي اين جي اسٽيشنون هفتي ۾ 4 ڏينهن بند رهن ٿيون ۽ رڳو 3 ڏينهن ئي کليل هونديون آهن،سي اين جي اسٽيشنون هفتي ۾ 4 ڏينهن بند هجڻ ڪري ٽرانسپورٽرن جون به دانهون نڪري ويون آهن ڇاڪاڻ ته اڪثر ٽرانسپورٽ بسون، رڪشا، وين،سوزوڪي گاڏيون سي اين جي تي ئي هلن ٿيون، ڄاڻايل ٽرانسپورٽ سان به هزارين ماڻهن جو روزگار جڙيل آهي پر سي اين جي نه ملڻ ڪري ڊرائيور، ڪلينر توڙي رڪشا مالڪ سخت ڏکيائين کي منهن ڏين پيا، ان حوالي سان رڪشا ڊرائيورن ۽ مني بسن جي مالڪن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ رڳو سردين جي موسم ۾ گيس جو بحران پيدا ٿيندو هو پر هاڻ اڃان سرديون آيون ئي ناهن ته سي اين جي غائب ٿي وئي آهي. هوڏانهن سوئي سدرن گيس ڪمپني جي انتظاميا جو جيڪو بيان سامهون اچي پيو ان ۾ اهو ڄاڻايو پيو وڃي ته گيس جي 100 ايم ايم سي ايف ڊي کوٽ هجڻ ڪري گيس جو بحران پيدا ٿيو آهي جيڪو جلد حل ٿي ويندو. شهر ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ واري معاملي کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي فردوس شميم نقوي پاران به سوئي سدرن گيس ڪمپني جي آفيس ۾ انتظاميا سان ملاقات ڪئي وئي هئي، جنهن ملاقات کان پوءِ فردوس شميم نقوي جو پنهنجي پارٽي جي اعليٰ قيادت، وفاقي وزيرن توڙي وزيراعظم خلاف سخت بيان به سامهون آيو، جنهن ۾فردوس شميم چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کي شرم ڏيارڻو پوندو جيڪي ٻن سالن ۾ ڪراچي جي شهرين جا مسئلا حل ناهن ڪري سگھيا،اهڙي بيان تان ته فردوس شميم نقوي يوٽرن وٺي ڇڏيو پر شهرين جا مسئلا اڃان ئي اتي بيٺل آهن،ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي معاشي حب ڪراچي کي بجلي،پاڻي ۽ گيس جهڙي بحرانن ۾ نه ڌڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *