Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_7p9kf1h9d5i7auo4jj2utgcs08, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪراچي ۾ نان سويلين اداري خلاف پهريون احتجاج - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪراچي ۾ نان سويلين اداري خلاف پهريون احتجاج - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

ڪراچي ۾ نان سويلين اداري خلاف پهريون احتجاج

ڊفينس جي علائقي شهباز ڪمرشل ۾ واقع ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن جي آفيس آڏو هٿ ۾ بينر کڻي ڌرڻو هڻندڙ امير ماڻهن جو هي پنهنجي نوعيت جو پهريون احتجاج هو، جيڪو سي بي سي آفيس آڏو رڪارڊ ڪرايو ويو، ڇاڪاڻ ته احتجاج جيڪڏهن سويلين حڪومت يا ان جي ڪنهن اداري خلاف هجي ها ته اها ڪا وڏي خبر نه هئي، سويلين حڪومت جي انتظامي لاپرواهي سبب اهڙا احتجاج ٿيندا رهندا آهن پر جيڪڏهن هڪ اهڙي علائقي ۾ هڪ اهڙي اداري خلاف احتجاج ٿئي جيڪو سويلين حڪومت جي ڪنٽرول ۾ نه ايندو هجي ۽ مظاهرين ان اداري جي آفيس ۾ اندر داخل ٿي ٽوڙ ڦوڙ ڪن ۽ ڇتي نعريبازي ڪن، سي اي او کان استعيفا جو مطالبو ڪن ته اها وڏي خبر آهي، ڇو ته ڊفينس ۾ ان کان اڳ اهڙو ڪو احتجاج ئي نه ٿيو آهي، مظاهرين جو به ڪو وڏو مطالبو نه هو، مظاهرين جي هٿن ۾ جيڪي بينر کنيل هئا، انهن تي “ڊفينس مان پاڻي نيڪال ڪيو” جا نعريٰ لکيل هئا. اها حقيقت آهي ته ڪراچي ۾ تازو ٿيل برساتن جتي هڪ سو سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو، اتي ان برساتن امير ۽ غريب جو فرق به مٽائي ڇڏيو آهي، شهر جي هيٺاهين علائقن توڙي ڪچي آبادين جهڙوڪ نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، لياقت آباد، لانڍي، ماروي ڳوٺ، يوسف ڳوٺ، اولڊ سٽي ايريا ۽ ٻين ٽائونن، ڪالونين ۽ ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي تباهي مچائي آهي، اتي ڊفينس جي اڪثر علائقن ۾ به ٻوڏ جي صورتحال هئي، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس کان ويندي ڊفينس ٿاڻي تائين ۽ پنجاب چورنگي کان ويندي بوٽ بيسن ڪلفٽن تائين روڊ رستا ۽ گھٽيون دريا جو ڏيک ڏئي رهيا هئا، گھرن ۾ پاڻي بيهجي ويو، دڪان ٻڏي ويا ۽ گاڏيون لڙهي رهيون هيون، گٽر ۽ برساتي نالا اٿلي پيا هئا، مطلب هر طرف تباهي هئي ۽ شهر ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا پر دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته سويلين حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ايندڙ علائقن مان هڪ 2 ڏينهن دير ئي سهي پاڻي نيڪال ٿي ويو پر جيڪڏهن پاڻي نيڪال نه ٿيو ته اهو پوش علائقن مان نه ٿيو، هي اهي علائقا آهن، جيڪي نان سويلين اداري جي انتظام هيٺ اچن ٿا ۽ هي صدر پاڪستان عارف علوي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ پاڻي ۽ بجلي جي وزير فيصل واوڊا جو تڪ آهي، برسات کي 5 ڏينهن گذري ويا پر توحيد ڪمرشل، خيابان بخاري، بخاري ڪمرشل، راحت ڪمرشل، شهباز ڪمرشل، خيابان نشاط ۽ ٻيا علائقا اڃان تائين ٻڏل آهن، گھرن ۽ دڪانن ۾ پاڻي بيٺل آهي، پاڻي جون جيڪي انڊر گرائونڊ ٽانڪيون هيون، انهن ۾ سيوريج جو پاڻي ملي ويو آهي، بجلي نه هجڻ سبب پاڻي ناياب ٿي ويو ۽ زندگي هر لحاظ کان مفلوج بڻجي وئي آهي، هي اهي علائقا آهن جتي اپر ڪلاس جا ماڻهو رهن ٿا، تمام گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هتي رهن ٿا، هتي تاجر رهن ٿا ۽ سول حڪومت ۾ شامل اڪثر وزير مشيرن جا گھر هنن ئي پوش علائقن ۾ آهن، هتي پرڏيهي ملڪن جا قونصل خانا آهن، نان سويلن شخصيتن جا بينگلوز به هتي آهن، انتظام به انهن سياستدانن وٽ ناهن، جيڪي سياستدان عام زبان ۾ ڪرپٽ ۽ نااهل آهن، هتي جا انتظام به نان سولين ۽ قابل آفيسرن وٽ آهن. پوءِ آخر ڪهڙا سبب آهن جو ڊفينس مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي ۽ اهي امير ماڻهو عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، جن کي هر غريب ماڻهو جو احتجاج سٺو ناهي لڳندو، ڇاڪاڻ ته ان احتجاج سان روڊ بند ٿيندو آهي ۽ سندس لگزري گاڏي رڪجي ويندي آهي ۽ سندس وقت ضايع ٿيندو آهي، اهو امير ماڻهو جيڪڏهن احتجاج ڪري ته صورتحال جي سنگيني جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
اهي امير ماڻهو ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن آفيس آڏو عوررتن ۽ ٻارن سميت 7 ڪلاڪن تائين احتجاج ڪندا رهيا پر انتظاميا جي بيحسي ته ڏسو، انتظاميا سندن احتجاج کي ليکي ۾ ئي نه آندو، ڊي آءِ جي سائوٿ ۽ ايس ايس پي سائوٿ جي موجودگي ۾ٿيل ڳالهين ۾ مظاهرين مطالبو ڪيو ته 5 سالن تائين ٽيڪس نه ورتو وڃي، ڊرينيج سسٽم جي ٻيهر مرمت ڪئي وڃي، بورد ۾ ميمبر مقامي هجڻ گھرجي، هڪ 15 رڪني ڪاميٽي ٺهندي، ڊفينس ۾ مسئلن جي حل لاءِ ان ڪاميٽي کي ميٽنگن ۾ ويهاريو وڃي، سي بي سي جي آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ سي بي سي جي سڄي انفرااسٽرڪچر جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ڊفينس جي سمورن علائقن ۾ اسپري ڪرايو وڃي. جنهن تي سي بي سي انتظاميا ڄاڻايل سمورن مطالبن مان صرف پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو مطالبو تسليم ڪيو . ڏٺو وڃي ته ڪو به سرڪاري ادارو ڪرپشن جو الزام سر تي نه کڻندو آهي ۽ هميشه فنڊن درست استعمال جي دعويٰ ڪندو آهي، نان سويلين ادارو ته ان سلسلي ۾ تمام گھڻو سنجيدهه هوندو آهي، پوءِ سي بي سي آڊٽ واري مطالبي کان ڊڄي ڇو رهيو آهي؟ رهي ڳالهه پاڻي جي نيڪال جي ته اها سي بي سي جي ڊيوٽي آهي پر مظاهرين موجب ڳالهين دوران سي اي او واضح ڪيو ته منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، آئون صرف اوهان جون ڳالهيون ٻڌي سگھان ٿو، اوهان جا مطالبا ڪور ڪمانڊر آڏو رکيا ويندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڄاڻايل مطالبن مان ڪو به مطالبو غيرآ ئيني يا ناجائز نه هو پر ان باوجود انتظاميا اهي مطالبا نه مڃيا، حد اها به آهي ته ڳالهين دوران جيڪي لکت ۾ مطالبا رکيا ويا، انهن تي سي اي او دستخط ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ۽ اهڙي ريت احتجاج ڪندڙ ماڻهو خميس واري ڏهاڙي ٻيهر ڊي ايڇ اي آڏ ڌرڻي جو اعلان ڪندي ڇڙوڃڙ ٿي ويا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *