تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ڪرسي جو نشو برفت تان اڃان نه لٿو !

جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح برفت کي ڪرپشن جي جن الزامن هيٺ جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو ، ڪرپشن جي انهن الزامن کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي اڃان تائين جاچ ڪري ڪو نتيجو سامهون ناهي آندو پر برفت صاحب جي موڪل وارو مهينو پورو ٿيندي ئي ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن “جان نه پهچان مين تين تيرا مهمان” وانگر ميان فتح محمد برفت پنهنجا سامان کڻي سنڌ يونيورسٽي پهچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجي موڪل پوري ٿي وئي آهي ان ڪري آئون چارج وٺڻ آيو آهيان. وي سي آفيس کي تالا لڳل ڏسي به برفت صاحب هار نه مڃي ۽ وي سي هائوس جي ڪئمپ آفيس ۾ وڃي ويٺو جتي سندس اڳيان توڙي جو هڪڙو پنو به رکيل نه هئو پر هن دعويٰ ڪئي ته هو پاڻ مرادو وي سي جي سيٽ تي بحال ٿي ويو آهي ان ڪري يونيورسٽي جو ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي. هوڏانهن موجوده وقتي وي سي صديق ڪلهوڙو آفيسرن سان ميٽنگس ڪري تمام مصروف ڏينهن گذاريو ۽ جنهن مان تاثر ٿيو ته هو ئي وي سي آهي،۽ اختيار ۽ انتظاميابه هن وٽ آهن. اهڙي دلچسپ صورتحال کان اڳ فتح محمد برفت هڪ ڏينهن اڳ وقتي وي سي کي ليٽر لکي چارج سنڀالڻ لاءِ اچڻ کان آگاھه به ڪري ڇڏيو هيو، پر وي سي برفت سنڌ يونيورسٽي جي انتظامي بلاڪ ۾ قائم وائيس چانسلر جي آفيس ۾ چارج وٺڻ نه پهتو جتي موجوده وقتي وائيس چانسلر صديق ڪلهوڙو معمول موجب يونيورسٽي پهچي وي سي آفيس مان يونيورسٽي جو ڪارونهوار هلائيندو رهيو. ڊاڪٽر فتح محمد برفت سڄو ڏينهن وي سي هائوس جي ڪئمپ آفيس ۾ موجود رهيو جتان هن يونيورسٽي جي وي سي جي چارج سنڀالڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته موڪل جو مدو پورو ٿيڻ تي ٻيھر وائيس چانسلر جي چارج سنڀالي ورتي آهي ۽ وائيس چانسلر هائوس جي ڪئمپ آفيس مان ڪارھنوار ھلائي رھيو آھيان، ان حوالي سان سندس موقف هيو ته اعليٰ اختيارين وٽان مليل آڊر ۾ واضح لکيل آهي ته مونکي ھڪ مھيني جي موڪل لاءِ موڪليو ويو آھي. مهينو پورو ٿيڻ بعد صبح وي سي آفيس پهتس پر تالا لڳل هئا، جنهن ڪري ڪئمپ آفيس ۾ جوائن ڪيو آهي پر ٻئي طرف وقتي وي سي صديق ڪلهوڙي جو چوڻ هيو ته فتح محمد برفت کي منهنجي آرڊر سان نه هٽايو ويو آهي نه ئي کيس ٻيهر عهدي تي رکڻ جو مون وٽ ڪو اختيار آهي، جنهن اٿارٽي کيس عهدي تان هٽايو هو اهي ئي کيس واپس رکي سگهي ٿو هن اهو به چيو ته مونکي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين ذميواريون سونپيون ويون آهن.
ان سموري صورتحال کان پوءِ اهو ضرور ٿيو ته وي سي برفت کي جن مهيني جي جبري موڪل تي موڪليو هيو تن کي اها ڳالھه ياد اچي وئي ۽ سنڌ حڪومت پاران وي سي برفت جي موڪل ۾ مهيني جي واڌ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ وري هڪ مهيني لاءِ اهو معاملو ٿڌو ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ وڏي وزير پاران جوڙيل ڪرپشن معاملي تي انڪوائري ڪاميٽي اڃان سوڌو ڪابه جاچ شروع نه ڪري سگهي آهي ۽ ڪميٽي جي هڪ ميمبر مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي اسلم عقيلي جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار به ڪيو هو، پر هڪ ڀيرو ٻيهر اعليٰ اختيارين ڪميٽي جي ميمبرن محمد وسيم ۽ اسلم عقيلي کي جاچ ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي جن کي هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جاچ ڪميٽي پاران جاچ شروع به ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڪميٽي جي ميمبرن ڪراچي ۾ ان حوالي سان هڪ ميٽنگ به ڪئي آهي پر مجموعي طور تي ڏسجي ته هن وقت تائين جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي سامهون نه آئي آهي، ڪرپشن ڪيس ۾ هونئن ته مڙني جوابدارن ضمانتون به ڪرائي ورتيون آهن پر پوليس کي ڪجهه ٺيڪيدار ور چڙهي ويا جن الائي ڪهڙي خوش فهمي يا غلط فهمي ۾ اڃان تائين ضمانت نه ڪرائي هئي سي هن وقت جيل جي هوا کائي رهيا آهن ستر ڪروڙن کان مٿي جي مبينا ڪرپشن جي ڪيس ۾ لاٿل وي سي هن ڀيري ٻيهر بحال ٿيندي ان ڪري به نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ ته هڪ ته ڪرپشن جو ڪيس ٻيو وري واڳ ڌڻي وي سي برفت کان ناراض ٿي ويا هئا. وقتي وي سي کان پوءِ مستقل طور تي ڪنهن جي لاٽري ٿي کلي سو ته اڃان اڳتي هلي خبر پوندي پر وي سي برفت پاران “جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، پر مان نه ڇڏيندوسان” وارو نعرو لڳندي ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته ڪرسي جو ڪو وڏو نشو آهي جنهن جا خمار هڪ مهيني جي موڪل کان پوءِ به برفت صاحب جي مٿي مان لهي ناهي سگهيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *