Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_d3l1ta1ln3fbh32cjfmacdiene, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪرن آرائين جو قتل ۽ پوليس ڪارڪردگي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪرن آرائين جو قتل ۽ پوليس ڪارڪردگي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڪرن آرائين جو قتل ۽ پوليس ڪارڪردگي

قاضي احمد جي ڀرسان ڳوٺ ماڙي جي رھواسڻ ڪرن آرائين جي شادي تقريبن 7 مھينا اڳ مورو جي رھواسي وقاص آرائين سان ڪرائي وئي، جيڪا ڇھه ڏينھن اڳ پنھنجي مڙس جي گھر ۾ ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪئي وئي آهي. ڪرن ان پيءُ بابر آرائين جي نياڻي ھئي جنھن جو اڪيلو معصوم پٽ ڪجھه سال اڳ نواب شاھ بحريا ٽائون اسڪول وين حادثي ۾ فوت ٿي ويو ھو ۽ پاڻ اڃا تائين انھي غم مان ئي نه نڪتو هو ته کيس وري نوجوان نياڻيءَ جي قتل جو نئون درد مليو آھي.
ٿيو ائين آھي ته ڪرن آرائين جو ڇريون لڳل لاش سندس گھر جي بيڊ روم مان رت ۾ ٻڏل مليو آھي، جنھن کي ڇھه ڏينھن گذري ويا آھن، پر پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي ۾ ملوث قاتل جو پتو نه لڳائي سگهيا آھن. ضلع نوشھروفيروز جي مورو پوليس نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري خاموش ويهي رهي آھي. لاش جو پوسٽ مارٽم پڻ ناهي ٿي سگهيو . ظلم جي حد اها آھي ته قتل وقت مقتولا جي جسم تي پاتل ڪپڙا ۽ ٻيون شاھديون گم ڪيون ويون آھن، اھڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي ناھي. گھر جي ڪمري ۾ ھڪ اڪيلي عورت بيدردي سان ڇريون ھڻي قتل ڪئي وڃي ٿي پر نه لاش جو پوسٽ مارٽم ٿئي ٿو، نه ڪنھن کان جاچ ٿئي ٿي، ۽ پوليس سڀ ٺيڪ جو راڳ لاپي رهي آھي. جڏھن ته ڪرن جي قتل واري معاملي ۾ جيڪي ڳالھيون سامھون اچي رھيون آھن، انھن مان صاف ظاھر ٿي رھيو آھي ته ھي خون لوڙھڻ جي پڪي پختي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنھن ۾ مورو پوليس جو ڪردار هن وقت به مشڪوڪ بنيل آھي. جنھن جو ثبوت ڇهن ڏينھن گذرڻ تائين جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿيڻ آھي. ان سلسلي ۾ ڪرن جي ماسي شبانه آرائين جو چوڻ آھي ته ڪرن جي شادي 7 مھينا اڳ مورو واسي وقاص سان ٿي ھئي، پر وقاص جا هڪ ٻي ڇوڪري سان اڳ ئي تعلقات ھئا، جيڪي شادي کان پوء به ھليا پئي. ھن ٻڌايو ته واقعي واري وقت وقاص جو ڀاء شھزاد گھر ۾ ھو ، جيڪو چوي ٿو ھو نماز پڙھڻ ويو ته پوئتي ڪرن قتل ٿي وئي، سوچڻ جي ڳالھه ھي آھي ته انھن 15 منٽن ۾ ڪٿان ٻاھريون گھر ۾ گھڙيو ۽ قتل ڪري آساني سان فرار به ٿي ويو جڏھن ته نه ڦر ٿي آھي ۽ نه ڪو ڌاڙو لڳو ته پوءِ ڪرن جي آخر ٻاھر جي ماڻھو سان ڪھڙي دشمني ھئي جنھن کيس گھر ۾ اچي قتل ڪيو ؟ قتل کانپوء آخر ڇو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو، ۽ وڪيل آڻي پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ بابت قسم نامو لکائي، ان تي 10 ماڻھن جون صحيحون ڇو ورتيون ويون. وڪيل آڻڻ ۽ قسم نامو ٺاھڻ جيتري رٿابندي ڪنھن ۽ ڇو ڪئي؟
مقتولا ڪرن جا رت ۾ ٻڏل ڪپڙا ڪٿي گم ڪيا ويا؟ ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري پوليس پھچڻ کان اڳ ڇو ۽ ڪنھن ڌوتي؟ پوليس وقاص ۽ ٻي ڇوڪري جو فون رڪارڊ ھٿ ڪري کين جاچ ۾ ڇو شامل ناهي ڪيو؟ اھڙي طرح بيدردي سان پنھنجي گھر اندر قتل ٿيل ڪرن آرائين جو خون مٿي ڄاڻايل سوالن سميت ڪيترن ئي وڌيڪ سوالن جا جواب گھري ٿو، جيڪي يقينن پوليس اختيارين کي ڏيڻ کپن. پر پوليس جي ھن مھل تائين جي ڪارڪردگي ٻڌائي رھي آھي ته ھن قتل ۾ جيڪي ھٿ آھن، انھن ڏوھاري ھٿن کي بچائڻ لاءِ ان کان به وڏا ھٿ آھن جيڪي خون لوڙھڻ چاھين ٿا، پر حقيقيت ۾ خون ۽ کٿوري لڪي ڪونه سگھندا، تنھنڪري اسين ھن ظالماڻي ۽ بي رحماڻي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اسين ھن ڏک جي گھڙي ۾ ڪرن جي والد بابر آرائين سميت سندن گھر ڀاتين سان گڏ آھيون. ساڳئي وقت سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڪرن جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ شڪ ھيٺ آيل ماڻھن کي جاچ ۾ شامل ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ حقيقي جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *