تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڪرپشن جي ڪڙي کي ظاھر ڪندڙ پھريون اعتراف!!

اھا سڄي سنڌ کي خبر آھي ته جڏھن چونڊون ٿينديون آھن تڏھن ڪجھه ماڻھو ڪائونسلري کانپوءِ ڪنھن ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ننھن چوٽي جو زور لڳائيندا آھن، ھو پنھنجون ننڊون قربان ڪري پارٽي جي اڳواڻن ۽ تر جي بااثر وڏيرن جي اوطاقن تي اڌ رات جو وڃي انھن جون به ننڊون خراب ڪندا آھن ۽ کين راضي ڪرڻ لاءِ وڏا حيلا ھلائيندا آھن ۽ ووٽرن وٽ وڃي کين منٿون پڻ ڪندا آھن ته خوبصورت خيالي باغ پڻ ڏيکاريندا آھن، وڏيون دعوتون ڪري پنھنجا پيسا خرچ ڪندا آھن، ان سموري ھڻ وٺ ۾ سندن دعويٰ موجب ڪو به ذاتي مفاد نه ھوندو آھي بس کين غريب پورھيتن جي خدمت جو جذبو بيقرار ڪندو آھي ان ڪري ھو چيئرميني حاصل ڪري صرف مسڪينن جي خدمت ڪرڻ چاھيندا آھن، اھو عوام جي بي لوث خدمت جو ئي جذبو آھي جيڪو سندن ننڊون ڦٽائيندو آھي، دعوتن تي لکين روپيا خرچ ڪرائيندو آھي، پارٽي اڳواڻن ۽ تر جي وڏيرن جي چاپلوسي ڪرائيندو آھي، بيشڪ اھو عوام جي خدمت جو ئي جذبو ھوندو آھي ان ۾ سندن ڪوبه ذاتي مفاد نه ھوندو آھي، اھڙي ريت سجاول ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ جي مسند تي ويٺل شاھه صاحب به عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي اچي ڪرسي تي ويٺو ھو پر ڪجھه وقت کانپوءِ سجاول ۾ شھري اتحاد جي ڪجھه سر ڦرين اڳواڻن ۽ ٽائون ڪاميٽي جي ڪجھه ڪائونسلرن ھروڀرو اچي واويلا ڪرڻ شروع ڪئي ھئي ته معزز چيئرمين فنڊز ۾ ڪرپشن ڪري رھيو آھي ۽ شھر جي ڀلائي ۽ سڌاري جا ٻيا ڪم ته ھڪ پاسي پر رڳو گند ڪچري جي صفائي به درست انداز ۾ نه ٿي ٿئي، تان جو سجاول ۾ جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۽ انجمن تاجران وارن به اچي شھري اتحاد جو پاسو ورتو ھو ۽ ھمراھه چيئرمين خلاف جلوس ڪڍي، ڌرڻا ھڻي ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون ۽ چيائون ته ھيتري بجيٽ آئي ۽ ڪم ڪجھه نه ٿيو آھي، سموري رقم ڪرپشن جي ور چڙھي وئي آھي، انھن شھري اڳواڻن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ چيئرمين پاران وري سوشل ميڊيا تي ھڪ ٽيم مقرر ڪئي وئي جيڪا جتي ڪٿي ٿوري گھڻي ٿيندڙ ڪم ۽ چيئرمين جي دوري جون تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي رکي چيئرمين جي شان ۾ وڏا قصيدا لکندي ھئي ته واھه سائين ھاڻي ته ڀلي پيرس ۾ رھندڙ ماڻھو اچي سجاول کي ھڪ ڀيرو گھمي ڏسن ۽ پوءِ راءِ ڏين ته پيرس ۽ سجاول ۾ باقي ڪيترو فرق رھجي ويو آھي؟ ان مخصوص ٽيم جو ھڪ ٻيو به ڪم ھو ته جيڪڏھن ڪو شھري ڪٿي چيئرمين تي تنقيدي ۽ اصلاحي انداز جا ڪجھه جملا لکندو ھو يا شھر ۾ پيل ڪچري جي ڍيرن ۽ پلٽيل گٽرن جون تصويرون رکي صفائي ڪرائڻ لاءِ ڌيان ڇڪائيندو ھو ته اھا ٽيم سندس پٽڪو لاھيندي دير ئي نه ڪندي ھئي.
 خير جا چار سال پورا ٿيا چيئرمين پاران ڪرسي ڇڏڻ کان ڪجھه ئي ڏينھن اڳ شھري اتحاد پاران عوام آڏو انھن ڪمپنين جا نالا آندا ويا جيڪي ڪمپنيون شھري اتحاد جي بقول چيئرمين جون ذاتي ھيون ۽ انھن جا نالن تي اڪائونٽ نمبرز ظاھر ڪري اھي پڻ تفصيل سامھون آندا ويا ته ڄاڻايل اڪائونٽن مان ڪڏھن ۽ ڪيتري رقم ڪڍرائي ھڙپ ڪئي وئي ۽ دعويٰ ڪئي وئي ته انھن چار سالن جي دور ۾ چيئرمين ڪھڙيون ۽ ڪيتريون ذاتي ملڪيتون خريد ڪيون آھن ۽ پڪا ثبوت ھٿ ڪرڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي وئي، شھري اڳواڻن جو چوڻ ھو ته چئن سالن ۾ ٽائون ڪاميٽي کي 68 ڪروڙ 21 لک روپيا مليا آھن جڏھن ته چيئرمين ان ڳالھه جي ترديد ڪندي چيو ھو ته صرف 48 ڪروڙ روپيا مليا آھن، جن جي خرچ بابت پڻ چيئرمين وٽ وڏي مھارت سان گھڙيل انگ اکر رڪارڊ تي موجود ھئا، ايئن معاملو منجھيل ئي رھجي ويو.
 ٺيڪ ھاڻي اوچتو ئي ٽائون ڪاميٽي جي ھڪ ٺيڪيدار عوام آڏو اھم اعتراف ڪري جڏھن سوشل ميڊيا تي لکيو ته ٽائون ڪاميٽي مان مون پاڻ ڪيترائي ٺيڪا ورتا ۽ اھو اعتراف ڪريان ٿو ته اسان وڏي ڪرپشن ڪري سجاول جي عوام سان دوکو ڪيو آھي، ھن اھو پڻ دليري سان لکيو آھي ته روزگار خاطر چيئرمين جي چاپلوسي ڪيم، پنھنجو ضمير وڪڻي ٺيڪا ورتم ۽ سجاول جي عوام جي خدمت جي نالي تي ضمير جو سودو ڪري فراڊ ذريعي رقم ھڙپ ڪئي وئي، ان لاءِ سجاول جي عوام کان معافي جو طلبگار آھيان.
 ٺيڪيدار جي اوچتي اھڙي اعتراف يقينن ڪرسي تان لھي ويل چيئرمين کي به ڇرڪائي وڌو ھوندو ۽ سندس چپ سبجي ويا آھن ۽ شھرين ۾ وڏو بحث ڇڙي پيو آھي، ھاڻي پورھيت طبقي جي سادن شھرين کي پڻ ڪجھه ڪجھه سمجھه ۾ اچڻ لڳو آھي ته آخر مسڪين عوام جي خدمت جو ايترو جذبو انھن ماڻھن کي ڇو ايترو پريشان ڪري ٿو جو ھو ڏينھن رات ھڪ ڪري پارٽي اڳواڻن ۽ تر جي ڀوتارن کي خوش ڪري چيئرميني حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جڏھن ته ان ۾ سندن ذاتي ڪو به مفاد نه ھوندو آھي، بس ھنن کي غريب عوام جو فڪر ھوندو آھي ته انھن جي خدمت ڪئي وڃي، ھاڻي عوامي خدمت جي ان بي لوث ۽ بي مثال جذبي جو قدر ڪرڻ، عوام کان وڌيڪ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جو ڪم آھي ته اھي ادارا گذريل چئن سالن دوران چيئرمينن پاران عوام جي ڪيل خدمت جو قدر ڪندي ڪرسين تان تازو لھي ويل چيئرمينن کي بي لوث خدمت عيوض ڪو ته تاج پارائين، ڪو ته انعام ڏين ته جيئن عوام کي احساس ٿئي ته جن کي ووٽ ڏئي ھنن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ چونڊيو ھو انھن برابر سندن اميدون پوريون ڪيون ۽ ھاڻي حڪومتي ادارن پاران به سندن قدر ڪيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *