تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪشمور سانحو: انصاف جون گهرجون پوريون ٿيڻ گهرجن

اسان جي سنڌ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اها سنڌ جتي سامن تي سر ڏنا ويندا هئا! جتي نياڻين کي ستن قرآنن جو درجو حاصل هوندو هو! جتي نياڻين جي گهر اچڻ تي سموريون شڪايتون ختم ٿي وينديون هيون، ٻيو ته ٺهيو پر ٿيل خون به معاف ڪيا ويندا هئا. نياڻي ڪنهن جي به هجي ان جي عزت پنهنجي ماءُ، پنهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجي ڌيءُ جيتري ڪئي ويندي هئي. ڌيءُ کي ڏسي دل باغ باغ ٿي ويندي هئي. نياڻي ميڙ ٿي ايندي هئي ته سمورا رنج رساما ختم ٿي ويندا هئا. ڪنهن به شخص کي ڪيڏي به ڪاوڙ هوندي هئي ته ان جي ڪاوڙ ختم ڪرڻ لاءِ ان جي گهر نياڻيون ميڙ وٺي وڃبو هو ته ڪاوڙ ڪافور ٿي اڏامي ويندي هئي. اها به اسان جي سنڌ جي ئي روايت هئي جو سومرن جي دور ۾ جڏهن سنڌ تي علاءُ الدين خلجي ڪاهي آيو هو ته دودي سومري پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل ٻائي سميت سمورين نياڻين کي ڪڇ جي حاڪم ڄام ابڙي ڏانهن سام ڪري اماڻيو هو، جنهن اهي سامون قبول ڪيون هيون ۽ جڏهن علاءُ الدين دودي کي شهيد ڪري نياڻيون کڻڻ لاءِ ابڙي جي راڄ تي ڪاهي ويو هو ته ابڙي حاڪم کيس نياڻيون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ساڻس جنگ ڪئي. ائين اسان جي سنڌ جي تاريخ نياڻين جي اهميت جي تاريخي واقعن سان ڀري پئي آهي. پر هاڻ جڏهن اسان پنهنجي سماج تي نظر ڦيرايون ٿا ته حيرانگي ٿي ٿئي ته ڇا هي اهائي ساڳي سنڌ آهي؟ ڇا سنڌ جا هي اهي ئي ساڳيا ماڻهو آهن؟ هاڻ ته اسان جي ڌرتي نياڻين لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. هاڻ اسان وٽ سنڌ ۾ نياڻين جي عزت نه ٿي ڪئي وڃي. هاڻ ته اسان جو سماج نياڻين لاءِ بگهڙ بڻجي ويو آهي. نه ته نياڻين جون حياتيون محفوظ رهيون آهن ۽ نه ئي انهن جي عزت ۽ عصمت ئي بچي رهي آهي. اسان جي سماج ۾ ڄڻ ته هر طرف جنسي بگهڙ گهمي رهيا آهن جن جي سامهون ڪنهن جي به عزت محفوظ نه آهي. اهڙو ئي واقعو ڪشمور ۾ پيش آيو آهي جتي ڪراچي واسي عورت مسمات تبسم کي سندس پنجن سالن جي ڌيءُ عليشا سان گڏ نوڪري جو ڏٽو ڏئي گهرايو ويو ۽ پوءِ نه رڳو گهرائيندڙ پر ٻين ماڻهن به سندس عزت تي وار ڪيا. نه رڳو ايترو پر هنن جنسي مريضن ان نياڻي جي پنجن ورهين جي ڌيءُ عليشا کي به نه بخشيو ۽ سندس عزت به تار تار ڪري ڇڏي.
جڏهن متاثرعورت جي حالت خراب ٿي ته جوابدارن کيس ان شرط تي ڇڏيو ته ٻي عورت آڻي ڏي جنهن بعد هن ڪشمور پهچي پوليس کي واقعي کان آگاهه ڪيو. اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو پنهنجي گهرواري ۽ ڌيءُ کي پيش ڪري ڊرامائي انداز ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو. هي واقعو حيرتناڪ ۽ خوفناڪ واقعن جومجموعو آهي. هن واقعي جي تفصيلن مان پتو پوي ٿو ته اهڙا واقعا ڪو هڪ اڌ ماڻهو انفرادي طور تي نه ڪندو آهي پر انهن واقعن ۾ سڄي گينگ ملوث هوندي آهي. ڪجهه ماڻهو عورتن کي ورغلائي آڻيندا آهن پوءِ انهن کي وڪرو ڪيو ويندو آهي، جتي هو جنسي غلام طور ڪم ڪنديون آهن. اهو انهن خريدارن جي مرضي تي آهي ته اهڙين عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿا ڪن. اهڙيون عورتون وڪرو ٿينديون هڪ کان ٻي، ٻي کان ٽين، ٽين کان چوٿين، چوٿين کان پنجين جاءِ تي پهچنديون آهن ۽ اهڙي ريت هر شخص ساڻن ظلم ڪندو ۽ اڳتي وڪرو ڪندو رهندو آهي. اهڙين عورتن جي حياتي عذاب بڻجي ويندي آهي. انهن واقعن کي روڪڻ جو ڪم بنيادي طور تي رياست جو آهي پر رياست اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪندي، جنهن جي ڪري اهڙن جوابدارن جو من وڌي ويندو آهي ۽ اهي ڏوهاري هوندي به سماج ۾ گهمندا رهندا آهن. ڪشمور پوليس جي ڪارروائي ۾ مک جوابدار رفيق ملڪ گرفتار ٿيو پر اهو ڊرامائي انداز ۾ مارجي ويو آهي. چيو پيو وڃي ته پوليس ٻئي مک جوابدار خيرالله بگٽي جي گرفتاري لاءِ رفيق کي کڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ وئي جتي خيرو بگٽي جي فائرنگ ۾ رفيق ملڪ مارجي ويو. جڏهن ته خيرو بگٽي گرفتار ٿيو آهي. اها ڪارروائي ايس ايس پي امجد شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي جنهن تي اڳ ۾ ئي جڙتو مقابلن جا الزام لڳندا رهيا آهن. هن واقعي ۾ رفيق ملڪ جو موت افسانوي لڳي ٿو، جو جوابدار کي ست اٺ گوليون لڳن ٿيون پر ٻئي ڪنهن کي به ڪجهه نه ٿو ٿئي. رڳو جوابدار مارجي ٿو وڃي. جوابدار تي سنگين الزام هئا ان ڪري ان جي مارجڻ تي ڪو خاص رد عمل سامهون نه آيو آهي، تنهن هوندي به ڇا قانون ۽ انصاف جي نظر ۾ اهو انصاف چئي سگهجي ٿو؟ اسان جي خيال ۾ اهو انصاف نه آهي پر انصاف جو خون آهي. قانون موجب جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي ها تڏهن ئي قانون جي حڪمراني قائم ٿئي ها. نه ته اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ اسان کي ڪاميابي نه ملي سگهندي. ٻيو حڪومت به اهڙا قدم کڻي ۽ ملڪ جون معاشي حالتون بهتر بڻائي جو ڪنهن کي به روزگار جي حاصلات ۾ پنهنجي جان قربان ڪرڻي نه پوي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *