Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ej0v7lg2lmel9r225q2dvsns0b, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪشمور واقعو ۽ رهجي ويل سوال - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪشمور واقعو ۽ رهجي ويل سوال - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

ڪشمور واقعو ۽ رهجي ويل سوال

سنڌ جي سرحدي ضلعي ڪشمور ۾ قهر ٿيو، جيڪو ميڊيا ذريعي منظر عام تي آيو ۽ ان جا تفصيل هاڻي لکڻ جي ان ڪري به ضرورت ناهي جو هاڻي هي دل ڏاريندڙ واقعو هر زبان تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. معصوم نينگري پنهنجي امڙ سان گڏ وحشي درندن تائين پهتي، جن سندن معصوم جذبن کي ڪچلي، کيس رتو رت ڪري ڇڏيو، انهي عذاب مان کيس نجات ڏيارڻ ۾ جيڪو ڪردار صوبيدار محمد بخش ٻرڙو جي فيملي ادا ڪيو آهي، اهو اسان جي سماج ۾ صفا منفرد ۽ دليراڻو قدم آهي، جنهن تي پوري قوم محمد بخش ٻرڙو، سندس ڌيءُ ۽ گهرواري کي سلام پيش ڪري ٿي. ان قسم جو جذبو انسانيت تان کڄندڙ ويساهه وقت ڏڍ ثابت ٿئي ٿو، پر هن واقعي سان لاڳاپيل ڪجهه سوال پئدا ٿين ٿا. جيتوڻيڪ واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن ۾ ملوث هڪ درندو به پنهنجي انجام تي پهچي چڪو آهي پر واقعي جي اٿندڙ سوالن جو اڃا تائين ڪو جواب ناهي مليو، هي پهرين عورت ناهي جيڪا ڪنهن درندگي جي ور چڙهي هجي ۽ نه ئي اها ٻارڙي ڪا پهرين نينگري آهي جنهن کي وحشين اهڙي ڀيانڪ عمل جو نشانو بڻايو هجي.
هي واقعا سماجي ناسور بڻيل آهن، پر افسوس جو انتظامي سطح تي ڪا بهتر حڪمت عملي نه هجڻ ڪري ڏينهو ڏينهن اهڙن واقعن ۾ اضاف ٿي رهيو آهي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ هڪ عورت روزگار سانگي ڪشمور واسي جوابدارن جي ور ڪيئن چڙهي؟ هن عورت سان جوابدارن جو رابطو ڪيئن ٿيو؟ ڪڏهن اها عورت ڪراچي کان ڪشمور وئي؟ ڪيترو عرصو هي عورت جوابدارن جي قيد ۾ رهي ۽ ڪيترا وحشي درندا هن عمل ۾ ملوث هئا؟؟؟ ان بابت اڃا تائين ڪا حتمي ڳالهه سامهون ناهي اچي سگهي. اها هڪ حقيقت آهي ته بيروزگاري ۽ بک بي انتها وڌي وئي آهي، مجبوري ۽ غربت جي ڪري ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون روزانو وحشين جي ور چڙهن ٿيون، پر هن عورت بابت معلوم ٿيو آهي ته کيس جنهن شخص ڏٽو ڏئي ڪراچي کان ڪشمور پهچايو اهو شخص پاڻ کي هڪ ڳجهي اداري جو آفيسر سڏائي رهيو هو. ته اهو شخص ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي؟ جيڪا عورت وحشت جو نشانو بڻجي وئي ۽ پوءِ پنهنجي معصوم ڌيءَ کي اتي ڇڏي شهر تائين ڪيئن پهتي ۽ ڪڏهن پهتي؟ جنهن صوبيدار پنهنجي ڌيءُ کي جوابدارن سان فون تي ڳالهه ڪرائي ۽ معصوم نياڻي جي بازيابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، انهي صوبيدار جي هڪ وڊيو مطابق ته اها عورت 30 آڪٽوبر يا 3 نومبر تي ٿاڻي تي پهتي هئي ۽ هن پنهنجي شڪايت درج ڪرائي هئي، ته اها عورت جيڪا شڪايت کڻي ٿاڻي تي پهتي هئي، انهي عورت جي شڪايت تي فوري طور پوليس ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ اٽڪل 10 ڏينهن عورت جنهن صوبيدار جي گهر ۾ ترسيل هئي، هن صوبيدار ذاتي حيثيت ۾ هڪ عورت کي رهايو، جڏهن ته جوابدارن جو عورت سان مسلسل فون تي رابطو به هو ۽ پوءِ آخر جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آئي ته پوليس جيڪڏهن پهرين ڏينهن کان انهي عورت جي شڪايت تي ڪا ڪارروائي ڪري ها ته ممڪن آهي اها نياڻي انهي وحشت کان بچي وڃي ها، پر پوليس جي روايتي ڪن لاٽار سبب 10 ڏينهن تائين معصوم نينگري وحشين جي وچ ۾ رهي، جنهن سبب هوءَ حوس جو نشانو بڻجي وئي، ته انهي لاپرواهي جو ذميوار ڪير آهي؟ واقعي کانپوءِ جڏهن جوابدار گرفتار ٿي ويو ۽ پوليس جي تحويل ۾ هو ته باقي فرار ٿي ويل جوابدار خيرو بگٽي جي گرفتاري لاءِ پوليس اڳ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪارروايون ڪيون هيون ۽ ٻه ڏينهن اڳ جنهن ڪارروائي ذريعي خيرو بگٽي کي گرفتار ڪيو ويو ته جوابدار خيرو بگٽي جي گرفتاري وقت پوليس تحويل ۾ موجود رفيق ملڪ کي جنهن علائقي ۾ پوليس وٺي وئي اتي رفيق ملڪ کي پوليس موبائيل جي ڇت تي ويهاريو ويو هو يا پوليس اهلڪارن کان اڳ ۾ رفيق ملڪ کي رکيو هو جو جوابدار خيرو بگٽي جي گولي سڌي رڳو رفيق ملڪ کي لڳي ۽ ٻيو ڪنهن کي به ڪجهه نه ٿيو؟ جڏهن رفيق ملڪ کي جوابدار خيرو جي گولي لڳي ته پوليس جوابي فائرنگ ڇو نه ڪئي ۽ خيرو کي ماريندڙ جوابدار زخمي به نه ٿيو ۽ ايئن ئي هو پوليس جي هٿ چڙهي ويو؟
پوليس جنهن جوابدار رفيق ملڪ کي گرفتار ڪيو هن ٽن ڏينهن تائين پوليس تحويل ۾ رهڻ دوران ڪهڙا ڪهڙا انڪشاف ڪيا ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڪير ماڻهو آهن انهن بابت پوليس جا ڇو چپ سبيل آهن ۽ حقيقتون منظر عام تي ڇو نه آنديون ويون آهن؟ ڪشمور واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان عورتن کي ڪڏهن نوڪرين جو ڏٽو ڏئي ته ڪڏهن شادي جي بهاني جوابدارن پاران اغوا ڪيو وڃي ٿو، جن کي ڪشمور جي بلوچستان جي لڳندڙ سرحد وارن علائقن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ اها عورت ڪنهن جانور جيان وڪرو ٿيندي ويندي آهي، انهي ڪڌي ڌنڌي ۾ ملوث هڪ گينگ آهي، جنهن بابت مقامي پوليس کي چڱي ريت ڄاڻ به آهي. هن عورت کي ڪراچي کان ڪشمور پهچائڻ ۾ به انهي گينگ جا ڪارندا ملوث آهن، جيڪي سونهري خواب ڏيکاري مجبور ۽ غريب عورتن کي ورغلائي وڃي وڪرو ڪن ٿا.
ذريعن موجب ڪراچي جي هن عورت کي جنهن جوابدار ڪراچي مان موبائيل فون ذريعي ورغلايو ۽ پوءِ ڪشمور وٺي ويو، اهو جوابدار کيس وڪرو ڪري چڪو هو، جنهن بعد خيرو بگٽي ۽ مارجي ويل جوابدار رفيق ملڪ هن عورت کي خريد ڪيو هو. پوليس انهن جوابدارن بابت ڪجهه نٿي ٻڌائي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن جوابدار رفيق ملڪ گرفتار ٿيو ته انهي جي پٺيان سڄي گينگ جا راز پڌرا ٿيڻ لڳا هئا ۽ گرفتار جوابدار ئي ميڊيا جي آڏو نه رڳو ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو، پر هن خيرو بگٽي مٿان شاهدي پڻ ڏني هئي. خيرو بگٽي جيڪو هڪ بااثر ماڻهو ٻڌايو وڃي ٿو، انهي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪشمور پوليس هڪ سياسي وڏيري جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ انهي وڏيري سان ٿيل ڊيل تحت ئي خيرو بگٽي جي ٻانهن پوليس کي ملي هئي. خيرو جي گرفتاري کانپوءِ باقي گينگ کي بچائڻ لاءِ پوليس پاران رفيق ملڪ کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو ۽ هن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ هاڻي انهي گينگ جا مکيه ڪارندا باقي سموري ڪارروائي کان بچي ويا. سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار پاران ڪشمور پوليس جي تعريف ڪرڻ وارو عمل بهتر آهي، پر جنهن پوليس وٽ اها مظلوم عورت 10 ڏينهن اڳ پهتي هئي، هن پوليس انهي عورت کي نظرانداز ڇو ڪيو؟ انهي معاملي جي جاچ ڪڏهن ٿيندي؟ جنهن عورت پنهنجي نياڻي بابت پوليس آڏو دانهون پئي ڪيون ته هن عورت کان ڌيءَ جي يرغمال هجڻ يا جوابدارن بابت ثبوت گهرندڙ ڪهڙا پوليس آفيسر هئا؟ هڪ ٿاڻي تي 10 ڏينهن کان عورت مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايس ايس پي کي خبر نه پئجي سگهي؟ جيڪڏهن ايس ايس پي کي 10 ڏينهن کان دانهون ڪندڙ عورت جي مسئلي جي خبر نٿي پئي ته کيس ضلعي جي باقي ڪاروهنوار جي ڪهڙي خبر هوندي؟ جيڪڏهن کيس خبر هئي ۽ پوءِ به هن روايتي سستي جو مظاهرو ڪيو ته پوءِ هن واقعي ۾ جيترا ڏوهاري اهي درندا آهن، ايترا ئي ڏوهاري اهي اهلڪار آهن، جن عورت جي وقت سر مدد نه ڪئي ۽ سندس معصوم ڌيءِ کي ريسڪيو نه ڪيو. هي واقعو سنڌ سرڪار توڙي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن ڪيس جي پيرائتي جاچ ڪري، تڪڙ ۾ جوابدار رفيق ملڪ کي مارڻ جي پٺيان ڪهڙي ڪهاڻي آهي، اها پڌري ڪئي وڃي ۽ پوليس جي روايتي لاپرواهي سبب اڄ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا معصوم نياڻي سان انصاف لاءِ سمورن ملوث ماڻهن کي منظر عام تي آڻي اثرائتي قانونسازي ڪئي وڃي، جيئن ڪنهن ٻئي معصوم گلن جهڙي نياڻي سان ان قسم جو ناحق نه ٿئي ۽ مافيائن جي پٺڀرائي ڪندڙ جوابدار به گرفتار ٿي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *