تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪشمور واقعو ۽ نياڻين لاءِ مقتل بڻيل معاشرو

سنڌي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن کان هلندڙ ڪشمور واقعي ۽ چئن سالن جي نياڻي عليشا جي دانهن  ستل سنڌ کي جاڳائڻ لاءِ ڪوششون ته ڪيون پر سنڌ ۾ هڪ نه الائي ڪيتريون ئي عليشائون آهن جيڪي هن مرداڻي سماج ۾ هر نئين اڀرندڙ سج سان ظلم ستم کي سهنديون رهن ٿيون، رڙنديون رهن ٿيون، پر انڌير جي رات جو انت اچي ئي نه ٿو. ڪالهه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ان وڊيو ۾ جنهن وقت زخمي عليشا  اسپتال جي اسٽريچر تي دانهون ڪندي، اٿڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ وري ڪرندي  ڏٺي  ۽ ٻئي پاسي پوليس تحويل ۾ عليشا سان زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدار رفيق ملڪ بي خوف ٿي ڏوهه جو اعتراف ڪندي ڏٺو ته مونکي امر جليل جو اهو افسانو  ياد آيو جنهن ۾ شاهو نالي هڪ شودو بالي ڀيلياڻيءَ کي نشو ڏئي ننڊ ۾ ريپ ٿو ڪري ۽ بي شرمي سان مردانگي تي فخر ڪري ٿو. چئن سالن جي عليشا سان زيادتي ڪندڙ مک جوابدار رفيق ملڪ  امر جليل جي ان افساني جي ڪردار شاهو شودي کان هزار ڀيرا وڌيڪ بڇڙو آهي جيڪو ڪنڌ جهڪائڻ بدران انسانيت جا ليڪا لتاڙڻ واري عمل تي به پوليس اڳيان ڏوهه جو اعتراف ڪندي ڪمال جي بي حيائي سان چئي ٿو ته ڪجهه عرصو پهريان ڪراچيءَ ۾ عليشا جي امڙ سان ملاقات ٿي جتان کيس سٺي پگهار واري نوڪري جي ڏٽي تي ڪشمور ۾ آڻي خيرالله بگٽي نالي همراهه حوالي ڪيو، جتي اسان ساٿين سميت چئن سالن جي عليشا سان جنسي زيادتي ڪئي ۽ سندس ماءُ کي بليڪ ميل ڪندي چيو ته ڌيءَ جي آزادي لاءِ ڪراچي مان ڪا نوجوان ڇوڪري هٿ ڪري اچ. ان اعترافي بيان وقت جوابدار رفيق ملڪ صفا رليڪس نظر آيو ڄڻ ته کيس پوري پڪ هجي ته ٻين واقعن جيان هي واقعو به چند ڏينهن سوشل ميڊيا کان ويندي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي زينت بڻيل رهندو ۽ بعد ۾ ميڊيا توڙي ماڻهن کان ڳالهه وسري ويندي، اهو ئي سبب آهي جوابدار اهو به اعتراف ڪيو ته اسان عليشا کي بس مارڻ وارا هئاسين ته پوليس پهچي وئي جن اسان جو پورو پلان خراب ڪري ڇڏيو.

معصوم عليشا جي عمر هونئن ته گڏين سان کيڏڻ ۽ اسڪول وڃڻ کان به ننڍي صرف پوليو جا قطرا پيئڻ جيتري آهي، ان عليشا سان جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي چئن سالن جي اها معصوم عليشا جنهن کي سماج ۾ رشتن کي به اڃان سڃاڻڻ ڪونه پئي آيو. هوءَ ته فقط پيءُ ۽ ماءُ جي رشتي کان واقف هئي ان نياڻي تي ننڍي عمر ۾ قيامت گذري آهي جنسي زيادتي بعد هيسيل معصوم عليشا ڪيترن ئي ڏينهن تائين سڪتي ۾ هئي، ڪجهه ڳالهائڻ بجاءِ ننڍين اکين مان وڏا ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي گهڻي وقت کان خاموش عليشا نيٺ ڪالهه اسپتال ۾ علاج دوران رڙيون ڪري رني سندس روئڻ بي اختيار هو. رڙيون ۽ اوڇنگارون ايڏيون جو ڄڻ اڀ ٿي ڦاڙڻ گھريائين اڀ ته ڪونه ڦاٽو پر هن جي نيڻن مان وڏ ڦڙو وسندو رهيو. بي وسيءَ جي ماريل سندس ماءُ تبسم جو ساهه هيسيل هرڻيءَ جيان سڪل هو ۽ هن کيس “عليشا” پئي سڏيو. عليشا جي واتان به صرف “امان مونکي بچاءِ!” جو آواز پئي نڪتو. سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿيل ننڍي نينگريءَ جي وڏين رڙين واري وڊيو جنهن به ڏٺي انهن جي اکين جا بند ڀڄي پيا ڇاڪاڻ ته هاڻي ڪشمور واري واقعي بعد نياڻي ست قرآن واري چوڻي ساهه ڇڏي بيٺي آهي اهڙي سماج ۾ قبيلائي تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ نياڻيون ميڙ ڪري وڃڻ واري ريت به ڏاڍي بي سود ٿي پئي آهي. سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ جتي سرداري نظام ۽ وڏيراشاهي اڃان پنهنجي عروج تي آهي باوجود ان ڳالهه جي ته ملڪ جي ڪورٽن انساني حقن جي لتاڙ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سردارن کي سوڙهو پڻ ڪيو آهي پر ڇاڪاڻ ته انهن سردارن کي سياسي لٺ پڻ هٿ ۾ آهي جنهن سان صوبي جو قانون مفلوج ۽ لاچار بڻيل آهي. سنڌي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي مثبت ڪردار سبب واقعا سامهون ته ضرور اچن ٿا ۽ وقتي وٺ پڪڙ به ضرور ٿئي ٿي پر انهن واقعن جا مرتڪب ڪردار پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ کان رهجي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته اتان جي هڪ مضبوط سرداري مشينري متحرڪ ٿيڻ سبب اهڙن واقعن جي فريادين کي قانوني پڃرن ۾ اهڙو ته سوگهو ڪيو وڃي ٿو جو زيادتين جو ازالو گھرندڙ جان بچائڻ ۾ عاجز بڻجيو وڃن ٿا. سنڌ جا جيڪب آباد، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ اهڙن انسانيت سوز واقعن رونما ٿيڻ جا وڏا ٿاڪ بڻيا پيا آهن هڪ طرف عليشا جو واقعو آهي ته ٻئي طرف لکي غلام شاهه ويجهو اٺ سالن جي معصوم ٻارڙي نغما چند ٽڪن خاطر 50 سالن جي  اڌڙوٽ سان شادي لاءِ وڪرو ٿيڻ جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيون آهن. لکي غلام شاهه جي نينگري نغما ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سگهاري ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي لافاني ڪردار “پيراڻيءَ” ۾ نيٺ ڪهڙو فرق آهي؟  لکيءَ جي نغما جي ننڍي عمر ۾ شاديءَ لاءِ وڪري وارو واقعو جيتوڻيڪ هن سماج لاءِ ڪو پهريون ڀيرو ڪونه آهي، سنڌ اهڙا واقعا روزانو ڏسندي رهي ٿي پر سنڌ جي ساڃاهه وٽ ان حوالي سان اهو سوال پيدا ٿيڻ فطري آهي ته کربين روپيا سنڌ جي تعليم تي خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ جي سماجي حالت اها آهي ته جهالت پنهنجي عروج تي آهي. نياڻين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، هن جديد دور ۾ به هڪ طرف عليشا جهڙيون چئن سالن جون ٻارڙيون جنسي دردن کان محفوظ ناهن ته ٻئي طرف اڃان تائين سنڌ جون نغما جهڙيون نياڻيون ڀائرن جي بدڪار افعالن سبب چٽين جي ور چڙهنديون رهن ٿيون. وقت پنهنجي رفتار سان گذري رهيو آهي وحشتناڪ واقعا ڄڻ روز جو معمول بڻجي ويا آهن پر هاڻي ته ڪو نسيم کرل به ناهي جيڪو ڪشمور جي عليشا ۽ لکي جي نغما تي ڪهاڻي لکي پر ڇو لکي؟ امرجليل جو آڳاٽو افسانو نئين سنڌ ۾ اڄ به نئون آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *