تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڪشمير مسئلو ۽ مخالف ڌر جي يڪجهتي

خبر نه آھي ته ملڪ اندر 2018 جي عام چونڊن کان اڳ وزير اعظم عمران خان بي جي پي جو چونڊ منشور پڙهو هو يا نه پر اگر وزير اعظم عمران خان ڀارت ۾ نريندر مودي جي ٻيهر چونڊجي اچڻ تي ڪشمير جي مسئلي جي حل ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي هئي اگر وزير اعظم بنا بي جي پي جي تاريخ کي پڙهڻ ۽ منشور جي جائزي وٺڻ جي اهڙي اميد تي ٻڌل بيان ڏنو هو ته ان تي رڳو حيرت جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو مون کي اهو به معلوم نه آھي ته وزير اعظم عمران خان مودي جي وزير اعظم ٿيڻ تي ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪهڙن بنيادن ۽ سببن کي سامهون رکي ڪيو هو پر اهو ضرور دنيا وانگر مونکي به معلوم آھي ته گذريل سال پنج آگسٽ تي ڀارتي وزير اعظم مودي ڀارتي آئين ۾ ڪشمير کي مليل خصوصي حيثيت کي نه رڳو ختم ڪيو پر والاريل ڪشمير سان گڏ آزاد ڪشمير کي به ڀارت جو حصو ڄاڻائي ڇڏيو.
ڳالهه رڳو اتي دنگ نٿي ڪري مودي سرڪار والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ نئين ڊوميسائيل پالسي آڻي آر ايس ايس جي انتها پسدن کي مراعتون ڏئي آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو پاڪستان ۾ ڪجه اڳواڻ لکين ڀارتي شهرين ته ڪجهه اڳواڻ چار لکن کان وڌيڪ ڀارتي شهرين کي ڪشمير جا ڊوميسائيل جاري ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آھن ڪجه ماڻهن جو خيال آھي ته ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سرگرميون ڀارت ٻين عملن وانگر کلي عام ڪرڻ بجاء ڳجهه ڳوهه ۾ ڪرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو جيئن اقوام متحده ۾ ان لاء ڪو مسئلو پيدا نه ٿي پر ڀارت پاران ديده دليري سان ڪشمير ۾ نو لک فوجي مقرر ڪرڻ، هن جديد دور ۾ ڪشمير ۾ پورو سال لاڪ ڊائون ڪرڻ، انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا تي پابندي لاڳو ڪرڻ سميت ڪنهن به عالمي وفد کي به والاريل ڪشمير تائين رسائي نه ڏيڻ جهڙا فيصلا ڪري ٿو ان مان واضح آهي ته مودي سرڪار ڪشمير ۾ قبضو ڄمائڻ لاءِ هڪ ايجنڊا تي هلي رهي آھي.
هونءَ ته دنيا جي حسين ترين وادي ۾ شمار ٿيندڙ ڄمون ڪشمير جي رهواسين سان ورهاڱي کان ظلم ٿي رهو آھي پر جيڪو ظلم گذريل هڪ سال کان ڪشميرين تي ٿيو آھي ته ان جو ڪو حساب نٿو نٿو ڪري سگهجي. پورو ڪشمير جيل جي صورت اختيار ڪري ويل آھي انساني حقن جي لتاڙ جا سمورا ليڪا لتاڙيا ويا آھن پر حيرت ۽ افسوس عالمي ادارن، دنيا، اقوام متحده جي خاموش ضمير تي آھي اقوام متحده جتي سڀ کان اڳ ڪشمير مسئلو ڀارت پاڻ کڻي ويو ۽ ڪشميرين کي حق خود اراديت جو حق ڏيڻ جي اقوم متحده مان منظور قراردادن تي ڀارت جون صحيون به موجود آھن انهن قراردان جي موجودگي ۾ ڀارت تڪراري والاريل ڪشمير کي پنهنجي ملڪ جو حصو بنائي ڇڏي ٿو ۽ اقوام متحده گونگي ٿي ويٺل هجي ٿي ته تڏهن ان اداري جي محڪوم قومن جي اداري هجڻ جو تاثر نه رڳو ڀڃي ڀري پوي ٿو پر هڪ اهڙي اداري طور اقوام متحده جو تصور سامهون اچي ٿو جيڪو طاقتور ڌرين جي ايجنڊا جي تڪميل لاءِ جوڙيو ويو هجي.
پاڪستان ۾ مني لاڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ ۾ قانون ڪمزور هجڻ تي پاڪستان جو نالو ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو پر ڀارت جتي انتهاپسندي جي انتها جا سوين داستان موجود آھن ڀارت جي رياستي طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوٽ هجڻ جو واضع ثبوت ڀارتي ڪمانڊر ڪلبوشن ياديو جي پاڪستان ۾ گرفتاري ۽ دهشتگردي جو اعتراف آھي پر ڀارت جو نه ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ عالمي ادارا نالو شامل ڪن ٿا نه ئي ان مٿان ڪو دٻاء ئي وڌو وڃي ٿو ڀارتي بربريت کي ڪاله جڏهن سال مڪمل ٿيو ان ڏينهن تي ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي بابري مسجد جي جاء تي رام مندر جي بنياد رکيو آھي اهو اهڙو عمل آھي جيڪو انتهاپسندي کي وڌيڪ هوا ڏئي سگهي ٿو جڏهن ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت کي سال مڪمل ٿيو تڏهن پاڪستان ۾ ان ڏينهن کي استحصال جي ڏينهن طور ملهايو ويو سينيٽ جي خصوصي اجلاس کي صدر خطاب ڪيو وزيرباعظم آزاد ڪشمير اسيمبلي کي خطاب ڪيو پرڏيهي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي ننڍي وڏي شهر ۾ ڀارتي ظلم خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي لاء ريليون ڪڍيون ويون ان کانسواء پاڪستان سياسي نقشو به جاري ڪيو آھي پاڪستان به والاريل ڪشمير کي پاڪستان جي نقشي ۾ ڏيکاريو آھي.
نه رڳو ايترو پر پاڪستان سياچن, سرڪريڪ , جهوناڳڙه, مناوا کي به پاڪستان جي نقشي ۾ ڏيکاريو ويو آھي اهي علائقا ڀلي ڪنهن جي به نقشي ۾ هجن پر اها تاريخي حقيقت آھي ته اهي تڪراري علائقا آھن جنهن جو اعتراف اقوام متحده جي قراردادن ۾ ٿيل آھي قراردادن ۾ اهو به آھي ته مستقبل جو فيصلو ڪشمير جا ماڻهو ووٽ ذريعي ڪندا اهڙين قراردان کانسواء پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 257 ۾ به واضع طور تي لکيل آھي ته والاريل ڪشمير جي عوام پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ته پوء انهن ۽ رياست وچم تعلقات ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق طئه ٿيندا مطلب چوڻ جو اهو ته والاريل ڪشمير کي پاڪستان يا ڀارت جي نقشي ۾ شامل ڪرڻ سان ڪجه نه ٿيندو ان لاء ڪشميرين جي خواهش بنيادي اهميت رکي ٿي.
اوهان کي ٻڌايان ته پاڪستان جي حڪومت ڪشمير هاء وي کي سري نگر هاوي ڪري ڇڏيو آھي توڙي جو سري نگر ڪشمير جي هڪ شهر جو نالو آھي ان شهر جي نالي روڊ ڪرڻ لاء ڪشمير جو نالو هٽائي ڇڏڻ جو فيصلو ظاهر آھي ڪجه سوچي سمجهي ڪيو ويو هوندو پر ان فيصلي تي حڪومت مٿان تنقيد ٿي رهي آھي پر ڪشمير هاءِ وي جي جاء تي سرينگر هاءِ وي جا اسلام آباد جي مختلف هنڌن تي سائن بورڊ لڳي ويا آھن. اوهان کي ٻڌايان ته ڪشمير اشو ڪري مخالف ڌر ان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو خطاب خاموشي سان ٻڏو جنهن مٿان مخالف ڌر ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري ۾ تبديل ڪرڻ جا الزام لڳائيندي رهي آھي اگر هو ڪشمير جي حوالي سان سينيٽ کي خطاب نه ڪري ها ته صدر جي خطاب دوران ايوان ۾ هنگامو نظر اچي ها. اهو ڪشمير جو مسئلو ئي آھي جنهن ڪري ن ليگ جو خواجه آصف اسيمبلي ۾ حڪومت سان ڪنهن قسم جون ڳالهون نه ڪرڻ جو اعلان ڪري شاهه محمود قريشي کي سخت تنقيد جو نشانو بنائڻ بعد ان کي تقرير نه ڪرڻ نه ڏيندڙ مخالف ڌر شاهه محمود جي پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان جي سياسي نقشي لاءِ ٿيل اجلاس ۾ شريڪ ٿي اڄ اربع ڏينهن تي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ٿي رهيو آھي جنهن ۾ ايف اي ٽي ايف جي بلن جي منظوري ۾ مخالف پاران حڪومت جو ملڪ جي عظيم تر مفادن ۾ ساٿ ڏيڻ جو امڪان آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *