تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪشمير مسئلو ۽ نقشن جي سياست

اڄ مون کي اسڪول جو زمانو ياد ٿو اچي، اسان اسڪولي شاگردن کي دنگ يعني بارڊر بابت وڏو تجسس هوندو هو، ڳوٺ جنجھي جو رهواسي الهڏتو سنگراسي تنهن زماني ۾ پرائمري استادن جون پگھارون کين اسڪولن ۾ پهچائڻ ويندو هو، سندس پٽ لقمان اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندو هو، هڪ ڏينهن لقمان سنگراسيءَ اسان کي اچي ٻڌايو ته هو دنگ ڏسي آيو آهي. ڄار جو ڇوڏو لاهي وڏن اکرن ۾ دنگ لکيل آهي، اسان سڀني شاگردن لقمان جي ڳالهه مڃي ورتي سين. 20 سالن کان پوءِ اسان کي خبر پئي ته بارڊر تي نه ڪا ڄار آهي ۽ نه وري ڪو ڇوڏو لاهي دنگ لکيل هو.
پوءِ جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ آياسين ۽ صوبي جي جاگرافي پڙهي سين، پر جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ اسڪالر شپ جي امتحان ۾ ويٺاسين ته سوالنامي ۾ لکيل هو ته “سابق سنڌ صوبو.” اسان کي امتحان جي سپرنٽينڊنٽ هدايت ڪئي ته سنڌ جي اڳيان سابق لکڻو آهي، توهان کڻي پڙهيو ڪجھه به هجي، ڪتابن ۾ ڇا به هجي پر امتحان ۾ ايئن ئي لکڻو آهي. ٻه سالن بعد پتو پيو ته اصل ۾ ون يونٽ ٺهي چڪو هو. سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري اولهه پاڪستان ٺاهيو ويو هو، پوءِ 69ع ۾ حيدرآباد اچي مون پاڻ ڏٺو ته اهو ون يونٽ ڪئين ٽوڙيو ويو.
عام ماڻهوءَ لاءِ نقشو خير سلا جھڙي ڳالهه آهي. ان کي رڳو ڪاغذ تي ڪڍيل ليڪا سمجھيو ويندو آهي. پر جڏهن نقشي سان گڏ دنگ جو معاملو اچي ٿو ته ان کي رواجي نه ليکيو ويندو آهي. وزيراعظم طرفان ڪشميرين جي حق ۾ ملهايل يوم استحصال جي موقعي تي پاڪستان جو نئون نقشو پڌرو ڪيو ويو جنهن ۾ انڊيا جي والاريل ڪشمير توڙي جھونا ڳڙهه رياستن کي به پاڪستان جو حصو قرار ڏنو ويو آهي. ان تاريخ تي هڪ سال اڳ انڊيا والاريل ڪشمير جي اسپيشل آئيني حيثيت ختم ڪئي هئي. گذريل سال انڊيا سياسي نقشو جاري ڪيو جنهن ۾ آزاد ڪشمير، لداخ ۽ گلگت بلتستان کي پنهنجو حصو ڪري ڏيکاريو ويو هو. ان تي پاڪستان سان گڏوگڏ چين ۽ نيپال به اعتراض واريا هئا. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت هڪ سال انڊيا جي جواب ۾ اهو نقشو جاري ڪيو. انڊيا کي نقشي جي ذريعي جواب ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي پر اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير وارو تڪرار يا خود ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪيتري مدد ڏيندو؟ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ موجب ڪشمير ۾ ريفرنڊم ٿيڻو هو جيڪو اڌ صديءَ کان مٿي عرصو گذرڻ بعد به نه ٿي سگھيو. انڊيا ۽ پاڪستان ان سوال تي هڪ ٻئي سان اٽڪيل آهن. ڪشميري پاڻ ڇا ٿا چاهين؟ ان بابت گڏيل قومن جو ادارو توڙي عالمي برادري عملي طرح خاموش آهي. ڪشمير دراصل ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي رهجي ويل ايجنڊا آهي.
سنڌ ۾ اهو عام آهي ته ڪو خميسو خان تپيدار نوان نقشا ۽ نوان دنگ ٺاهي ٻنين جا نمبر اڳتي ٽپائي ڇڏيندو آهي. پتو تڏهن پوندو آهي ته متاثر ڌر جو نمبر نقشي ۾ موجود هوندو آهي. پر سرزمين تي نه هوندو آهي. ان سرزمين تي ٻئي ڪنهن جو دنگ ۽ نقشو هوندو آهي. ڪجھه سال اڳ عمر ڪوٽ شهر ۾ هڪ پلاٽ جي تڪرار جو فيصلو جڏهن مرحوم ايم پي اي صاحب وٽ ويو ته ايم پي اي صاحب شڪايت ڪندڙ ڌر کي ٻڌايو ته فيصلو پوءِ ٿا ڪريون، پهرين نقشي ۾ ڏسون ته اهو پلاٽ آهي ڪٿي؟ پتو پيو ته شهر جي سروي پلاٽ کي ٻه ٽي ميل اڳتي ڌڪي وڃي بيهاريو ويو هو.
تاريخي طور علائقن تي پنهنجي حڪومت ۽ ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نقشا ٺاهيا ويندا رهيا آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته مختلف قومن پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا نقشا به ٺاهيا ته جيئن ماڻهن ۾ پنهنجي حاڪميت ۽ دعويٰ جي قبوليت ماڻي سگھجي. جديد تاريخ جي دور ۾ جرمني پهرين مهاڀاري لڙائي جي موقعي تي جاري ڪيو. انهن نقشن جو مقصد عام راءِ تي اثر انداز ٿيڻ هوندو آهي. 1914ع ۾ چين هڪ اهڙو نقشو جاري ڪيو جنهن ۾ هند چيني سمنڊ جا ڪجھه ٻيٽ چين جو حصو قرار ڏنا ويا هئا.
هن وقت تائين دنيا ۾ جيترا به نقشا ٺاهيا ويا آهن انهن جي پويان سياسي مقصد هوندو آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته نقشي ۾ توهان ڪهڙي پاسي بيٺل آهيو. دنيا ۾ هن وقت موجود سمورا نقشا اولهه وارن ملڪن يعني آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جا ٺاهيل آهن. سڌريل سڏجندڙ ملڪن هتي نقشن ۾ به مت ڀيد رکيو ۽ پنهنجي مٿڀرائپ برقرار رکي. آفريڪا آمريڪا کان علائقي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڏو آهي پر اسان کي نقشي ۾ آمريڪا وڏو ۽ آفريڪا ننڍو نظر ايندو آهي. ساڳي صورتحال آمريڪا جي باقي بچيل اصلوڪن رهاڪن جي علائقن جي آهي جنهن ۾ انهن جي علائقن کي نقشن ۾ هميشه ننڍو ڏيکاريو ويندو آهي ته جيئن هڪ ئي نظر ۾ انهن جي اهميت گھٽيل نظر اچي. جرمن فلم ساز ۽ صحافي ايرنو پيٽرو موجب نقشي ۾ آمريڪا جي رياست گرين لينڊ ۽ آفريڪا نقشي ۾ ساڳئي سائيز جا ڏيکاريل آهن. جيتوڻيڪ آفريڪا گرين لينڊ کان 4 ڀيرا وڏو آهي. ساڳئي حالت ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي رکي وئي آهي.
نقشن بابت تاريخ جون ڪيئي ستم ظريفيون به آهن ته وري دلچسپ قصا به ته ٻين ملڪن کي دوکو ڏيڻ پڻ. ڪن ملڪن نقشن ۾ ڪوڙا شهر ٺاهيل ڏيکاريا، مثال طور آمريڪا جي نيويارڪ رياست ۾ ايگلوئي، ڪيليفورنيا ۾ وائيٽ وال ۽ فلوريڊا ۾ ريلي سينٽ جا شهر ڏيکاريل آهن جن جو سرزمين تي ڪو وجود ئي ڪونهي. اها وري ستم ظريفي آهي جو 1895ع ۾ برلن ۾ ڪوٺايل هڪ ڪانفرنس ۾ فرانس جرمني، بيلجيم، انگلينڊ، اٽلي ۽ پرتگال آفريڪا کي فٽ پٽيون رکي ورهايو ۽ پنهنجي پنهنجي قبضي ۾ رکيو. زميني حقيقتن کي ليکي ۾ آڻڻ بنا ٺاهيل اهڙن نقشن آفريڪا ۾ گھرو لڙاين کي جنم ڏنو جيڪي ڏيڍ صديءَ بعد به ختم نه ٿي سگھيون آهن.
ننڍي کنڊ کي ورهائڻ لاءِ سرل ريڊ ڪلف جون وڌل ليڪون اڃان تائين گھائي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو لکين ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿي بلڪه ڪيترائي اڻ نبريل سوال ڇڏيا ويا، ڪشمير انهن مان هڪ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *