تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪمزور اسٽيبلشمينٽ کي ڪلهو ڏيندڙ سياستدان

هن ملڪ جي اها بدقسمتي چئجي يا سياستدانن جي اڻ ڄاڻائي، موقعي پرستي، لالچ يا دورانديشي جي کوٽ، جو ملڪي قيام جي شروعاتي ڏينهن کان ئي اقتدار تي اسٽيبلشمينٽ ۽ مخصوص طبقي جو قبضو رهيو آهي. گڏيل هندستان جي ورهاڱي دوران نئين ملڪ ۾ شامل ٿيندڙ وحدتن ۽ قومن سان جنهن بنيادن تي جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، افسوس! جو ملڪ ٺهڻ بعد انهن سڀني واعدن کان نه رڳو انڪار ڪيو ويو پرسمورا عمل انهن جي بلڪل ابتڙ ڪيا پيا وڃن. ملڪ جو پهريون وزيراعظم ئي ٻاهران آيل هڪ اهڙي شخص کي مقرر ڪيو ويو جنهن جي سوچ جمهوري هئڻ بجاءِ سندس هر قول، فعل، عمل، ڪردار ۽ ذهنيت آمراڻي، حاڪماڻي ۽ تعصب واري هئي. پاڪستان ۾ شامل محڪوم قومن جي وحدتن ۽ قومي سڃاڻپ کان ته ان ڏينهن ئي انڪار ڪيو ويو هو جڏهن ملڪ جي باني ۽ پهرين گورنر جنرل محمد علي جناح ڍاڪا ۾ تقرير ڪندي لشڪري ٻولي اردو کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. اهڙي طرح ان ڏينهن کان قومن جي آئيني، قانوني، تاريخي ۽ آفاقي حقن کان انحرافي جي جيڪا شروعات ٿي هئي، سا بغير ڪنهن وقفي جي اڃان تائين جاري آهي. حڪومتون جمهوري هجن يا غير جمهوري، عوامي هجن يا آمراڻيون، پر مرڪزي سوچ، حڪمت عمليون ۽ پاليسيون اهي ئي ساڳيون غاصباڻيون ۽ ڦر لٽ واريون مستقل طورتي هلنديون پيون اچن. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي ٽيهتر ورهين جي مجموعي تاريخ ۾ ٽيٽيھه ورھيه هتي آمريت، آپيشاهي ۽ کليل جارحيت رهي آهي. جنهن سبب جمهوري ادارا مضبوط ٿيڻ بجاءِ ڪمزور ٿيندا رهيا آهن، ملڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف وڃڻ بجاءِ تباهي ۽ بربادي ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي. هتي سهپ، رواداري، هڪٻئي جو احترام، برداشت ۽ سيڪيولر سوچ کي هٿي ڏيڻ بجاءِ ملائيت، انتهاپسندي دهشتگردي، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. جنهن ڪري عوام ۾ فرسٽريشن، بيچيني، پريشاني ۽ مايوسي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو آهي.
مٿئين سڄي صورتحال جون ذميوار هن ملڪ جون مقتدر قوتون، اسٽيبلشمينٽ ۽ مخصوص طاقتور طبقو ته آهي ئي آهي. پر، جيڪڏهن پوري ايمانداريءَ سان تجزيو ڪنداسين ته اسٽيبلشمينٽ ۽ مقتدر قوتن جي هر غير آئيني، غير قانوني، غير سياسي ۽ غيرجمهوري قدمن ۽ عملن ۾ ملڪ جي اقتدار جا شوقين سياستدان سڌي يا اڻ سڌي طرح سندن سدائين مددگار، سهولتڪار ۽ ٻانهن ٻيلي رهندا آيا آهن ۽ اچن پيا. هن ملڪ جو ڪو به ذي شعور ۽ سمجھه ڀريو شخص ان حقيقت کان انڪار ڪو نه ڪندو ته، جڏهن به ڪنهن جنرل يا ڪنهن ڊڪٽيٽر عوامي اقتدار تي قبضو ڪندي چونڊيل حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪري هڪڙن سياسي رهنمائن جي تذليل ڪندي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ بند ڪرڻ، جبري طور جلاوطن ڪرڻ يا کين ڦاهيءَ جي ڦندي تي پهچائڻ جھڙا ڪڌا ڪم ڪيا آهن ته، انهن سمورن بڇڙاين ۽ عوام دشمن ڪارن ڪرتوتن ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪن ٻين سياسي اڳواڻن پارٽين جي مدد ۽ مرضي شامل رهندي آئي آهي.
1958ع ۾ ايوب خان ملڪي تاريخ جي پهرين مارشل لا نافذ ڪري ملڪ جو پهريون فوجي حڪمران بڻيو ته هن نه رڳو پنهنجو پاڻ کي مضبوط بنائڻ لاءِ مخالف سياسي اڳواڻن ۾ خوف پيدا ڪري کين هيسائڻ ۽ خاموش ڪرڻ، اظهار جي آزادي ۽ پريس تي پابندي لاڳو ڪرڻ، سمورن ادارن تي پنهنجو ڪنٽرول ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدم کڻڻ سان گڏ ايندڙ وقت ۾ فوجي حڪمرانن لاءِ مستقل ۽ غيرجمهوري رستا ۽ روايتون به قائم ڪيون. جيتوڻيڪ 1958ع کان 1962ع تائين ايوب خان مارشل لا جي ذريعي حڪومت ڪئي. پر هن، غير آئيني فوجي حڪومت کي آئيني قانوني ۽ عوامي شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي ئي نگراني هيٺ چونڊرايل بلدياتي نمائندن جي ووٽ سان ڪرايل ريفريڊم ذريعي پاڻ کي ملڪ جو صدر منتخب ڪرايو. 1962ع ۾ آئين جي بحالي ۽ مارشل لا ختم ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ پنهنجي اقتدار کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ لاءِ کيس سياسي پارٽيءَ جي ضرورت محسوس ٿي ته، سياسي اڳواڻن سان صلاح مصلحت بعد ڪنوينشن مسلم ليگ جو بنياد وجھي پاڻ ان جو صدر ٿي ويو. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو به سندس حڪومت ۾ نه رڳو شامل رهيو، پر ٿوري ئي وقت اندر سندس خاص ۽ ويجھن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويو.
جڏهن جنرل يحييٰ خان، ايوب خان کان اقتدار وٺي، 25 مارچ 1969ع تي مارشل لا نافذ ڪري ملڪ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽيٽر بڻجي ويو ته ملڪ جو پهريون سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو ئي هيو جنهن جنرل يحييٰ خان جي مارشل لا کي ڀليڪار چيو.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو ته هن به ساڳين آمريتي روايتن کي برقرار رکندي مخالف سياسي اڳواڻن توڙي صحافين کي جيل ۾ بند رکڻ، هر مخالف آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ، پريس تي پابندي لاڳو ڪرڻ، عدالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ سميت پنهنجي ئي 73 واري آئين ۾ ست ترميمون ڪري چڪو هو. ان کان علاوه ڇهن جنرل جي سينارٽي کي رد ڪندي جنرل ضياءَ کي آرمي چيف مقرر ڪيائين، جنهن 5 جولاءِ 1977ع تي سندس اقتدار تي قبضو ڪندي 4 اپريل 1979ع تي کيس ڦاسيءَ جي تختي تائين پهچايو. جنرل ضياءَ پنهنجي يارهن ورهين جي آمريتي حڪومت دوران 1984ع ۾ ريفرينڊم ذريعي ڪاميابي ماڻڻ بعد 20 مارچ 1985ع ۾ ملڪ اندر غيرجماعتي بنيادن تي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد صدر ضياءَ محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم منتخب ڪيو. جڏهن سندس منتخب وزيراعظم کي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ وٺڻ جي ضرورت پئي ته جنرل ضياءَ پاران پاڪستان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سمورن موقعي پرست ۽ اقتدار پرست سياسي رهنمائن کي گڏ ڪيو ويو. اڄوڪي اسيمبلي ايوان ۾ به ڪيترائي جنرل ضياءَ جا جوڙيوال يا انهن جو اولاد موجود آهي. جنرل ضياءَ جي ڪارن قانونن، ذوالفقار ڀٽو جي شهادت ۽ سنڌ سان مسلسل ٿيندڙ زيادتن سبب سنڌين ۾ شديد قسم جي ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ نفرت پيدا ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري 86 – 1983ع ۾ ايم آر ڊي جھڙي مزاحمتي تحريڪ ۽ 1988ع ۾ جنرل ضياءَ جي موت بعد انتهائي ڪمزور پوزيشن تي بيٺل اسٽيبلشمينٽ سان بينظير ڀٽو سمجھوتو ڪري اقتدار نه وٺي ها ته ملڪ جون حالتون مختلف هجن ها، ۽ سندس ٻه ڀيرا حڪومتون ختم نه ڪيون وڃن ها. نواز شريف به هر ڀيري ساڳئي روايت کي ورجائيندي اقتدار حاصل ڪندو رهيو ۽ هر ڀيري کيس رسوا ڪري اقتداري ايوانن کان ٻاهر اڇلايو ويو آهي.
جڏهن آڪٽوبر 1999ع ۾ جنرل مشرف چونڊيل وزير اعظم ميان نوازشريف جو تختو اونڌو ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو ته پهرين سياسي اڳواڻ بينظير ڀٽو هئي، جنهن مشرفي آمريت کي نه صرف ڀليڪار ڪيو پر مٺايون به ورهايون . مشرف جي ڊگھي آمريت دوران سنڌ سان جيڪي ويڌن ڪيا ويا انهن جي تمام ڊگھي لسٽ آهي. ڪراچي سميت سنڌ جا وڏا شهر ايم ڪيو ايم حوالي ڪرڻ، بلديه فيڪٽري وارو سانحو، وڪيلن کي ساڙي مارڻ، پاڪستان جي چيف جسٽس جي رستا روڪ ڪرڻ، نواب اڪبر بگٽي سميت بلوچن جو قتل عام ڪرڻ ۽ سنڌ جي وحدانيت خلاف منظم سازشون ڪرڻ سميت ڪيترائي ڪڌا ڪرتوت شامل آهن. وڪيلن جي ملڪ گير تحريڪ، لال مسجد، نواب اڪبر بگٽي ۽ بينظير ڀٽو جي قتل سميت ٻين ڪيترن ئي مونجھارن ۾ ڦاٿل جنرل مشرف ۽ بيوس بڻيل اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري آصف علي زرداري اقتدار وٺي کين سهارو ڏنو.
ملڪ جي ٽيهتر ورهين جي تاريخ ۾ سدائين اهو ڪجھه ٿيندو رهيو آهي جيڪو اسٽيبلشمينٽ چاهيو آهي. سياستدانن جي نالي ۾ صرف شڪليون تبديل ٿينديون رهيون آهن. هتي حقيقي حڪومت هميشه اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪمزور اسٽيبلشمينٽ کي سدائين سياستدان پنهنجو ڪلهو ڏئي کين طاقتور بڻائيندا رهيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *