تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ڪمزور بند ۽ آبپاشي کاتي جو ڍڳو پير پيران….

اها هڪ حقيقت آهي انسان ضرورت آڌار نامهربان موسمن جي تلخين تباهين کان بچڻ لاءِ ۽ انهن جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ نت نيون ايجادون ڪيون آهن انسان قدرتي آفتن کي روڪي نٿو سگهي پر سنجيده ڪوششون وٺي انهن جي شدت گهٽائي سگهي ٿو پر اسان وٽ ٿيندو ايئن آهي ته برسات ۽ ٻوڏ جهڙي ڪنهن به قدرت آفت مصيبت کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪرڻ بجاءِ گهري ننڊ ۾ ستل اڪثر سرڪاري ادارن کي آفتون اچي جاڳائينديون آهن ۽ پوءِ انتظامي بدحواسي وائڙائپ ۽ صرف خالي ڏيکاءُ جا اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ ملندا آهن جو عقل دنگ رهجي ويندو آهي. هن وقت توڙي جو سنڌ ۾ 2010ع واري ٻوڏ جهڙي شديد صورتحال ناهي پر پوءِ به خطري جي ڳالهه ضرور آهي، ڇوته 2010 ع واري مها ٻوڏ کانپوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو چڪ ۽ ڀرپاسي جي ڪچي جي مٿين سطح سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان جل ٿل ٿي آهي توڙي سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو وڏي اعتماد سان اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته پاڻي جا وهڪرا ايڏا وڏا ناهن، هن ڀيري پاڻي 6 لک ڪيوسڪ کان مٿي ناهي ۽ ساڍا ست لک ڪيوسڪ تائين به پاڻي آرام سان بئراجن مان گذاري سگهجي ٿو پر چڪ-سکر بيگاري بچاءُ بندن جي موجوده حالت کي ڏسي اتر سنڌ جي ماڻهن کي حڪومت جي ڪيل دعويٰ جي آسري نه لڳڻ گهرجي ڇوته آبپاشي اختيارين جي نااهلي مسلسل پاڻيءَ ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ جي وارننگ جاري ٿيڻ باوجود نه رڳو چڪ-سکر بچاءُ بند تي غيرقانوني قبضا برقرار آهن پر چڪ-سکر بيگاري بچاءُ بند کي پنج هنڌن تان پيل پراڻا خطرناڪ کڏا ڏهه سال گذرڻ بعد به نه ڀرجي نه سگهيا آهن، ٻئي طرف ڪيترن کي هنڌن تان بند کي کاڌ واري جاين تي نالي ماتر مٽيءَ وجهي ڀرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري هن وقت ٻوڏ جي وارننگ جاري ٿيڻ کانپوءِ به انهي بند جي حالت انتهائي خطرناڪ آهي.
پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽنگ جي سلسلي ۾ روزانو بچاءُ بند تي وڃڻ ٿئي ٿو بچاءُ بند سان سالن کان جيڪا ويڌن ٿي آهي ان تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو هڪ طرف پاڻي ماهرن سنڌ جي بچاءُ بند جي حالت کي ڏسندي پاڻي جي 6 لک ڪيوسڪ واري وهڪري کي به خطرو قرار ڏنو آهي ته ٻئي طرف چڪ-سکر بيگاري بچاءُ بند تي هن مهل تائين آبپاشي کاتي جي ڪابه چرپر نظر نٿي اچي، وڏي ڳالهه ته بچاءُ بند جي مٿان توڙي ٻنهي پاسن کان سوين خانگي ماڻهن جا نه صرف قبضا برقرار آهن پر بند جي حد کان 200 فٽن جي مفاصلي تائين ڪا اڏاوت نه ڪرڻ واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي شڪارپور ۽ سکر ضلعن جي حد ۾ ايندڙ 86 ڪلوميٽر بند جي مک پاڙن ۾  ڪيترائي مڇيءَ جا فارم ٺهيل آهن. 2010ع جي مها ٻوڏ کانپوءِ 10 سالن دوران بندن جي مرمت لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن. چڪ سکر بيگاري بند لاءِ مقرر سوين ملازمن جي هوندي لاڳاپيل کاتي جي لاپرواهي سبب عام ماڻهن ڪچي ڏانهن اچڻ وڃڻ جي سهولت لاءِ من پسند لنگهه ٺاهي ڇڏيا آهن. بچاءُ بند جي ڀرپاسي جي شهرن چڪ، کاهي، ڀرڪڻ، عبدو، رستم، جهان خان، ناپر ۽  ڀرپاسي جي وڏن ڳوٺن ٻڌ چيمن، بيچانجي، آندلاڻي، ڌاراڻي، عبدالغفور چاچڙ، قاسم، نمهورو، وانڍ، طيب، ۽ آباد ڳوٺن جي رهواسين ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي ته بيگاري بچاءَ بند ٽٽڻ سان وڏي تعداد ۾ جاني مالي معاشي تباهي ٿي سگهي ٿي. علائقي واسين پاران سنڌ سرڪار کان بند مٿان توڙي ٻنهي پاسن کان قائم غير قانوني اڏاوتون ختم ڪري اسٽون پچنگ سان گڏوگڏ بند تي هٿرادو لنگهه ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي ڇو ته انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ جهونن کي 1942ع ۽ 1976ع ۾ چڪ لڳ آرائين ريگيوليٽر ۽ ٽٽڻ سبب سنڌ جي بدترين تاريخي مها ٻوڏ جون ٿيل تباهه ڪاريون وسريون ناهن، 1942ع واري ٻوڏ کي علائقي واسي اڄ به ڪاري ٻوڏ طور ياد ڪن ٿا.
بچاءَ بند جي نازڪ صورتحال هوندي چڪ سکر بيگاري بچاءَ بند جي اندرين پاسن کان 200 ميٽرن جي مفاصلي تي ٻٻر ٽاري ۽ لئي جي وڏن گهاٽن پوکيل وڻن جي بدترين واڍي ڪئي پئي وڃي بند جي ڪنارن تي پوکيل وڻن کي “پهي” سڏيو ويندو هيو اهي پهيون ڄڻ ته ماضيءَ جو قصو ٿينديون پيون وڃن جيڪي ڪچي ۾ ٻوڏ دوران وڏين ڇولين جي صورت ۾ بند تي پوندڙ پاڻي جي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪنديون هيون پر هينئر تعلقي لکي جي حد ۾ ايندڙ 67 ڪلوميٽرن بند جي حصي ۾ ڪٿي به گهاٽن وڻن واري پهي ته پري جي ڳالهه نالي ماتر ڪو وڻ نظر نه ايندو. آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان سرڪاري ڪامورن توڙي عام ماڻهن پاران انهن پوکيل هزارين وڻن جي بدترين واڍي ڪري بچاءَ بند جي ان پهرين تحفظ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي نه صرف ايترو پر انگريز دور ۾ ٻوڏ وقت ڪنهن به وڏي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ چڪ-سکر بيگاري بچاءَ بند جي اڳيان وڏا گودا ۽ ٻوڏ دوران آبادي وارن علائقن ڏانهن وڌندڙ پاڻي کي روڪڻ لاءِ بچاءَ بند کي 500 ميٽرن جي مفاصلي تي سوين ايڪڙن تي مشتمل 7 وڏا گودا قائم ڪيا ويا جيئن ڪنهن به وقت امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ توڙي بند تي پاڻي جي تيز دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ انهن وڏن گودن ۾ پاڻي عارضي طور جمع ڪري سگهجي انهن گودن بچاءَ بند جي مختلف هنڌن تان ڪمزور پاسن وٽان جهلي بند ڏنا ويا جنهن کي 1860ع واري بند مينيوئل قانون موجب“ Second Line Of Defince” چيو ويندو آهي جيڪو  مين بند سان گڏ انهن گودن ۽ جهلي بندن تي پڻ وڏي تعداد بااثر خانگي ماڻهن جا قبضا ٿي ويا آهن انهن سوين ايڪڙن جي گودن ۾ مڇين جا فارم ٺهيل آهن پر حڪومت توڙي آبپاشي کاتو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن بندن تي مقرر هيٺين سطح جي آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته سندن چوڻ هو ماضي جي ڀيٽ ۾ بدامني ۽ قبائلي تڪرارن ۾ ڏينهون ڏينهن ايندڙ تيزي سبب پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڊيوٽي ڪيون ٿا پر جائز شڪايتن جو ازالو ڪرڻ بجاءِ وڏا آفيسر انهن بااثرن جي ڀر کڻن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار کي نه صرف بچاءَ بندن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي پر بند جي چوڪسيءَ لاءِ مقرر آفيسرن ملازمن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *