تازا ترين
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ڪمزور ٿيندڙ طاقتور ڌريون

ڀرم کل جائي ظالم تيري قامت ڪي درازي ڪا
اگر اس طره اي پر پيچ ڪا هر پيچ و خم نڪلي
سو استاد غالب جي انهي شعر وانگر،ڏٽن ،دعوائن،پروپيگنڊه ۽ آسرن جي ور وڪڙن ذريعي اوچي ڪيل تبديلي جي پڳڙ مان اهي ور وڪڙ ڪڍڻ ۽ 22 سالن جي جدوجهد جي دعويٰ کي پنهنجي اصليت ۾ آڻڻ جو وقت اچي چڪو آهي.
واقعي ئي جمهوريت بهترين انتقام آهي ان جو اندازو شايد انهن طاقتور ڌرين کي به هاڻي ٿيندو هوندو. ڀلي کڻي ڇا به هجي پر گذريل پوين ٻن اسيمبلين جي رڳو پنهنجو مدو پورو ڪرڻ سببب اهي ايترا ڪمزور ٿي چڪا آهن جو ملڪي تاريخ ۾ بنا تياري 10، 10 سالن تائين سڌين مارشلائن ذريعي توڙي پٺيان ويهي حڪومتون هلائڻ جا عادي گذريل ڏهن سالن کان ماڻهن کي تبديلي لاءِ ذهني طور تيار ڪري سڀ حمايتون وٺرائي ڏيڻ باوجود پنهنجي ئي آندل تبديلي سرڪار کي ٻن سالن اندر تبديل ڪرڻ لاءِ بيقرار ويٺا آهن پر ڪوبه سندن انهي راند ۾ سندن شرطن تي شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. اهو به ته انهي ئي جمهوريت جو انتقام آهي جو وزيراعظم عمران خان وڏي واڪي چئي ٿو ته مونکان سواءِ ڪابه چوائس ناهي جنهن جو ٻيو مطلب اهو آهي ته هاڻي هو طاقتور ڌرين جي پسند نه پر مجبوري آهي ۽ ڪابه سياسي پارٽي خاص ڪري نوازليگ ۽ پيپلز پارٽي اهڙي پوزيشن ۾ اچڻ يا اهڙي پوزيشن وٺڻ لاءِ تيار ناهن .اهو به ته انهي گذريل 10 سالن ۾ ٻن اسيمبلين جي مدي پوري ڪرڻ جو ڪمال آهي جو اقتدار لاءِ سڪندڙ ۽ هڪٻئي خلاف سازشن ۾ شريڪ رهندڙ ڌريون ڪنهن مجبوري ۾ ئي سهي پر طاقتور ڌر جي سندن شرطن تي چوائس ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. اهو به ته انهي جمهوريت جو انتقام آهي جو ڪالهه تائين يوٽرن وٺڻ کي ڪامياب سياستدان جي نشاني چوندڙ عمران خان قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خاص ڪري پنهنجي نوجوان پارليامينٽيرين کي چئي رهيو هو ته اقتدار ۽ ڪرسيون اچڻيون وڃڻيون آهن پر اهو نظريو ئي آهي جنهن کي ڇڏڻ نه گهرجي،پر کيس ڪير سمجهائي ته اقتدار جي لالچ ۾ هو پنهنجون ٻه به وڃائي ويٺو آهي ته ڇهه به. اردو جي انهي شعر وانگر ته “سڀ ڪڇ لٽا ڪي هوش ۾ آئي تو ڪيا ڪيا”.
ڀلي کڻي ڪپتان کي اقتدار طاقتور ڌرين جي ٿوڻين ۽ ٽيڪ سان مليو هجي پر انهي حقيقت کان ڪهڙو ڪافر ٿو انڪار ڪري سگهي ته ملڪ ۾ سندس چاهيندڙن جو هڪڙو حلقو هو، هڪڙو ووٽ بئنڪ هو، هڪڙي پارٽي هئي (ڀلي کڻي انهي ۾ تنظيم نه هئي)جنهن کي نظر ۾ رکي طاقتور ڌرين کيس استعمال ڪيو ۽ اقتدار جي بک کانئس ڇا ڇا نه ڪرايو. نظرياتي سياست جا هوڪا ڏيندي ڏيندي همراهه يوٽرن خان بڻجي ويو ،ميرٽ ۽شفافيت جا حوالا ڏيندي ڏيندي پاڻ گروهي مفادن جي ٽولي جي ور چڙهي ويو. اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ جون ڳالهيون اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ وارين ڳالهين جون ڄڻ ترديد هجن، هڪڙي ڳالهه هجي ته ٻڌائجي،سندس حالت ته مدهوش جي انهي شعر واري لڳي پئي آهي ته
هڪڙو زخم هجي ها شايد ڇٽي وڃي ها
رڳ رڳ ۾ آهي ڇيرو سٿري ته ڳالهه ناهي.
اقتدار جي لالچ ۾لڳاتار يوٽرن وٺندڙ ڪپتان پنهنجي پارٽي،پنهنجو ووٽ بئنڪ ،پنهنجي سياسي ساک وڃائڻ کانپوءِ مڪمل طور انهن طاقتور ڌرين جي رحم ڪرم تي آهي جيڪي هاڻي بظاهر سندس ڪارڪردگي مان ناخوش نظر ايندي کانئس جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن. اهڙي وقت ۾ پنهنجي بيانن کان وٺي پنهنجي پارٽي جي ساٿين کان ملندڙ زخمن تي جيڪڏهن مٿس ڪير مرهم رکي سگهي ها ته اها پارٽي ۽ چاهيندڙ ئي ٿي پئي سگهيا پر اقتدار جون واڳون وٺڻ کانپوءِ هن انهن کان هٿ ايئن ڇڏايا ڄڻ سندس مقصد اول ۽ آخر ، هڪڙو ۽ آخري ڀيرو ئي رڳو انهي ڪرسي تي ويهڻ هو .پارٽي اندر ئي وزارت اعظميٰ جا ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيترا اميدوار آهن انهي جو ڀانڊو ته ڪجهه وقت اڳ ئي وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ انٽرويو ۾ ڦاڙي وڌو پر جنهن امپائر کيس آڱر پڪڙي اقتدار ۾ آندو اهو به هاڻي آڱر ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ آهي.پر اصل مسئلو اهو آهي ته امپائر کي به ڪا واٽ نه ٿي سجهي ڇو ته جن کي راند کان ئي سدائين لاءِ ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي انهن کانسواءِ باقي راند اڳتي وڌندي نظر نه ٿي اچي.
عمران خان جو معاملو ته ان وقت ئي ختم ٿيندي نطر اچي رهيو هو جڏهن شهباز شريف ڪورونا جي عروج جي ڏينهن ۾ اوچتو ئي اوچتو “جاڙا خان اسلام عليڪم ڪتو جهلجان”چئي لنڊن مان ملڪ موٽيو هو ،تڏهن کان اهي سرگوشيون هيون ته طاقتور ڌرين کيس گرين سگنل ڏئي ميدان تي آندو آهي پر اها ته مريم نواز ئي هئي جنهن پيءَ کي علاج لاءِ ٻاهر موڪلڻ خاطر پاڻ کي گروي رکيو پر شهباز شريف ذريعي طاقتور ڌرين جي رچايل نئين راند ۾ حصو ٿيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو، نه رڳو ايترو پر پنهنجي پارٽي اندر طاقتور ڌرين لاءِ نرم رويو يا همدردي رکندڙ گروپ سان منهن ڏيندي آئي جنهن جو مثال شاهد خاقان عباسي جو اوچتو اڳيان اچڻ ۽ وڌيڪ سرگرم ٿيڻ آهي جيڪو سڌو سنئون مريم نواز جي بيانيي کي بيان ڪري رهيو هو ۽ ڪجهه وقت تائين نيب جي قيد ۾ رهي ان جي سزا به ڀوڳي چڪو هو. پنهنجو سڄو منصوبو ناڪام نظر ايندي ئي طاقتور ڌرين کي وري نيب ذريعي نه رڳو شهباز شريف کي ٻيهر جيل موڪلڻو پيو پر خانصاحب کي به بجيٽ تائين گهلي اچڻو پيو. هاڻي وري تبديلي سرڪار جي اندران ئي نئين سر تبديلي آڻڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن جنهن جو اظهار فواد چوڌري جي انٽرويو ۽ عمران خان جي پنهنجي تقرير مان واضح نموني نظر اچي رهيو آهي.پر اصل مسئلو وري به اهو ئي آهي ته تبديلي سرڪار جي تبديلي کانپوءِ اڳتي معاملو وڌائجي ڪيئن؟جنهن ڪري نظر پيو اچي ته طاقتور ڌريون نيٺ مجبور ٿي نواز شريف جي آشيرواد سان ئي معاملي کي اڳتي وڌائڻ تي راضي ٿيون آهن ۽ هاڻي انهي جي جوڙجڪ تي ڪم ٿي رهيو آهي. جنهن مطابق مائنس عمران کانپوءِ ڪجهه وقت مطلب 6 مهينن کان سال لاءِ هڪڙو اهڙو اميدوار آڻجي جيڪو سڀني لاءِ خاص ڪري نواز ليگ لاءِ قابل قبول هجي ۽ ان کانپوءِ صاف شفاف عام چونڊون ڪرائجن. شهباز شريف جي موٽڻ کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ شاهه محمود قريشي انهي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو هو پر مريم جي مزاحمت سبب “مرشد” لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو پيدا ٿي ويو آهي ۽ هو به ميان محمد سومري ۽ فخر امام سميت انهن اميدوارن جي لسٽ ۾ اچي ويو آهي جيڪي ڪجهه وقت لاءِ حڪومت سنڀالي معاملو عام چونڊن تائين وٺي وڃڻ واري آپشن هيٺ آهن .
انهي سڄي راند ۾ جتي طاقتور ڌرين کي پوئتي ٿيڻو پيو آهي اتي اهڙي خواري “مرشد” کي به کڻڻي پئي آهي. وزارت اعظميٰ جي آسري پنهنجي پوين پارٽي سان محب وطني جي نالي بغات ڪري طاقتور ڌرين جي ويجهو اچڻ باوجود کيس اهو منصب نه مليو ۽ هاڻي به انهي آسري مان هٿ نه ڪڍڻ سبب موجوده پارٽي ۾ به پنهنجي پوزيشن مشڪوڪ ڪري ڇڏي اٿس پر پوءِ به لڳي ٿو “مرشد” تي اڃان تائين هما پکي جو پاڇو ناهي پيو. سنڌي ۾ اهڙي موقعي لاءِ ٻه چوڻيون آهن پر “مرشد” جي احترام ۾ انهن بدران اردو جي هن سٽ جو سهارو وٺڻ بهتر ۽ مناسب آهي ته ، “نه خدا هي ملا نه وصال صنم”. جيڪڏهن “مرشد” کي ڪو اڃان آسرو هجي ها ته هو ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول خلاف اهڙي تقرير هرگز نه ڪري ها جنهن ۾ هو کيس اوهان ڪهڙي باغ جي موري آهيو چئي مخاطب ٿي رهيو هو. رهي ڳالهه هر دور ۾ هر عهدي تي ويهڻ جي عادي محمد ميان جي ته ڀلي کڻي طاقتور ڌرين وٽ هزار ڀيرا قبول هجي پر شايد ئي سياسي ڌريون ان جي نالي تي راضي ٿين خاص ڪري نوازليگ ته پوءِ آخر ۾اڳيان ايندڙ نالن ۾ فخر امام ئي بچي ٿو جنهن جا نواز ليگ سان به سٺا لاڳاپا آهن ته پ پ لاءِ به قابل قبول آهي ۽ شخصي طور به سندس سڃاڻپ هڪ اصول پرست ماڻهو جي رهي آهي.اهي يا اڃان به ڪو ٻيو آپشن طور سامهون اچي سگهي ٿو پر اها ڳالهه پڪي آهي ته هاڻي تبديلي سرڪار وٽ ڪو گهڻو وقت نه بچيو آهي ۽ انهي کي واپس گهر موڪلڻ جو بندوبست به انهن کي ئي ڪرڻو آهي جن عوام کي اهو تبديلي جو تحفو ڏنو .
ڀرم کل جائي ظالم تيري قامت ڪي درازي ڪا
اگر اس طره اي پر پيچ ڪا هر پيچ و خم نڪلي
سو استاد غالب جي انهي شعر وانگر،ڏٽن ،دعوائن،پروپيگنڊه ۽ آسرن جي ور وڪڙن ذريعي اوچي ڪيل تبديلي جي پڳڙ مان اهي ور وڪڙ ڪڍڻ ۽ 22 سالن جي جدوجهد جي دعويٰ کي پنهنجي اصليت ۾ آڻڻ جو وقت اچي چڪو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *