تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪميونسٽ پارٽي قومي سوال تي ٽڪرا ٽڪرا ٿي

منهنجي جيل ڊائري جيڪا ڊانڊرس قيدي جي عنوان سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهچي چڪي آهي، ان تي ڪجهه اڳوڻن ڪميونسٽن جو اولاد ۽ انهن جا حمايتي ڏاڍو ڏمريل آهن ۽ اهي سوشل ميڊيا تي ڪوڙين آئيڊين ذريعي منهنجي ڊائري ۾ ڇپيل مواد تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن ته ان ۾ مون رڳو مهاجر ڪميونسٽن ۽ انهن جي سنڌي ايجنٽن جا بي سبب پول پڌرا ڪيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مقامي هندو ۽ سک ڪميونسٽن جي ڀارت لڏي وڃڻ سبب هتي وڏو خال ٿي ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، دادا امير حيدر، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ رمضان شيخ، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ سميت وڃي ڪجهه بچيا جيڪي صوبائي سطح جا اڳواڻ هئا ۽ مرڪزي سطح جي قيادت ڀارت لڏي وئي. جنهن کي ڀرڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي جاري رکڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ڪامريڊ سجاد ظهير (بني ڀائي) کي پاڪستان موڪليو جنهن هتي اچي پارٽي کي منظم ڪيو. ٿوري عرصي ۾ ئي فوج ملڪ تي غالب ٿي وئي جنهن سبب 1952ع ۾ پنڊي سازش ڪيس ٺاهيو ويو، جنهن ۾ سجاد ظهير، فيض احمد فيض ۽ محمد حسن عطا کان علاوه جنرل اڪبر خان، ميجر اسحاق ظفر الله پوشي سميت وڏي تعداد ۾ فوجي آفيسرن کي گرفتار ڪري بند ڪيو ويو. نيٺ 1956ع ۾ کين آزاد ڪيو ويو ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري سجاد ظهير کي واگها بارڊر تي ڇڏي چيو ويو ته هو ڀارت واپس هليو وڃي هيڏي موٽيو ته کيس گولي هنئي ويندي. هو واپس ويو جڏهن ته ڀارت جو وزيراعظم جواهر لعل نهرو سندس دوست هو جنهن سبب کيس ڀارت جي شهريت ملي وئي.
ان کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا حسن ناصر کي پاڪستان موڪليو جنهن کي ايوب خان جي مارشل لا 1960ع ۾ گرفتار ڪري شاهي قلعي لاهور ۾ اذيتون ڏئي شهيد ڪيو ويو . هن جي لاش وٺڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سندس والد درخواست داخل ڪئي ته کيس پٽ جو لاش ڏنو وڃي. هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هڪ قبر کوٽي کيس لاش ڏيکاريو ويو جنهن جو چهرو سڃاڻڻ جهڙو ئي نه هيو. هن چيو ته اهو سندس پٽ جو لاش ناهي. جنهن وڪيل اها درخواست داخل ڪئي هئي، ان کي ڳجهي اداري جي ماڻهن گهر تي وڃي ڌمڪايو هو ته کيس گهڻي مشهوري ملي چڪي آهي هاڻي خاموش ٿي وڃي جي نه ته کيس به حسن ناصر جيان گمنام قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو. ان کان پوءِ ڪو به ڪميونسٽ اڳواڻ سرگرم نه ٿيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي ختم ٿي وئي. ڪامريد حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، رمضان شيخ، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ٻيا ڪامريد سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ جي ايم سيد جي سنڌ متحده محاذ تان سنڌي عوام ۽ هارين جي حقن جي حاصلات ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ شامل ٿي ويا. ان دوران يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، منير اعواڻ، اڪبر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ون يونٽ خلاف شاگردن جي تحريڪ شروع ٿي ۽ ان سان گڏ حيدرآباد اسٽوڊنٽس يونين وجود ۾ آئي ايئن سڄي سنڌ ۾ شاگرد تنظيم منظم ٿيندي وئي چار مارچ جي واقعي ۽ شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ سنڌ ۾ ايوب ۽ ان جي ون يونٽ خلاف تحريڪ باهه ڀڙڪائي ڇڏي.
1967ع ۾ ڄام ساقي ذريعي نئين ڪميونسٽ پارٽي ظاهر ٿي جنهن سڀني شاگرد تنظيمن کان هٽي ڪري نئون نعرو ڏنو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڏهن سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪميونسٽ پارٽي ظاهر ٿي، خبر پئي ته امام علي نازش ان جو سيڪريٽري آهي ۽ سائين عزيز الله، اعزاز نذير، سلام بخاري، حسن حميدي ۽ اظهر جميل وارا سڀ ڪميونسٽ پارٽي جا اڳوڻ هئا سڀني جو لاڳاپو هڪڙي ئي ڪميونٽي سان هو . ڄام ساقي کي نيشنل عوامي پارٽي جي فرنٽ تي رکيو ويو. ان کان اڳ رسول بخش پليجو ڪجهه ڏينهن هنن سان مليو پر ڪميونسٽ پارٽي تي هڪڙي ئي ڪميونٽي مهاجرن جي اجارا داري ڏسي الڳ ٿي ويو. بقول مهر حسن شاهه جي ته مهاجر ڪميونسٽن کي رسول بخش پليجو ۽ مون جهڙا ذهين ماڻهو ڏکيا ٿا لڳن هنن کي ڄام ساقي جهڙا سادا ماڻهو کپن.
ان دوران سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جي ڪميونسٽن کي چيو ته اهي ڀٽو خلاف هٿ هلڪو رکن ۽ هن جي ذريعي آندل سڌارن ۽ صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري ڀٽو جي ڪمن جي حمايت ڪن پر ڪميونسٽ پارٽي ان جي ابتڙ ساڄي ڌر جي پارٽين، جماعت اسلامي، جميعت علماءِ پاڪستان جميعت علماءِ اسلام واري لائين ورتي. جنهن سبب ڪميونسٽ پارٽي جي سنڌي ميمبرن سخت اختلاف ڪيو. ان کانسواءِ جڏهن سنڌي ٻولي وارو بل پاس ٿيو ته ڪميونسٽ پارٽي ان جي به سخت مخالفت ڪئي. ڪميونسٽ پارٽي جي ان سنڌ جي قومي سوال تي واضح ۽ چٽي پاليسيءَ نه هجڻ تي احتجاج ڪندي ڪيترائي سنڌي اڳواڻ نه رڳو ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان سان لاڳاپيل قيادت کان به الڳ ٿي ويا. اها ڳالهه هڪ اردو ڳالهائيندڙ ڪميونسٽ فتح الله عثماني به پنهنجي آتم ڪٿا نرمدا کان مهراڻ تائين ۾ به لکي آهي. (هلندڙ)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *