Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_sr3118o08euubkpfev1oc7l6u4, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪميونسٽ پارٽي ۾ قومي سوال جو تڪرار - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪميونسٽ پارٽي ۾ قومي سوال جو تڪرار - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

ڪميونسٽ پارٽي ۾ قومي سوال جو تڪرار

سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، ان کي پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو، جنهن سبب لکن جي تعداد ۾ سنڌين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد سنڌي لينگويج ٽيچر طور ڀرتي ڪري اردو ميڊيم وارن اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويو هو. ان تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ماحول خراب ڪيو ويو. لياقت آباد، عزيز آباد ۽ نارٿ ناظم آباد جي سنڌي ڳوٺن تي حملا ڪري انهن کي باهيون ڏنيون ويون. شهر ۾ نظر ايندڙ اجرڪ ۽ ٽوپي وارن تي گوليون وسايون ويون، جنهن تي ممتاز ڀٽو جي صوبائي حڪومت به طاقت جو استعمال ڪيو هو . ٻولي تڪرارن، هنگامن کان ڊڄي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي پوئتي هٽڻو پيو هو ۽ مهاجرن جي نمائندگي ڪندڙ پارٽين جي اڳواڻن نواب مظفر، جميعت علماءِ پاڪستان جي مولانا شاهه احمد نوراني ۽ جماعت اسلامي جي پروفيسر غفور احمد ۽ منور حسن سان ڳالهيون ڪيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڀٽو حڪومت کي پوئتي هٽڻو پيو هو. سنڌي کي قومي ٻولي وارو بل واپس وٺڻو پيو . ان تي سخت ردعمل ڪندڙ ممتاز ڀٽو کي وڏ وزارت تان هٿ ڌوئڻا پيا هئا ۽ ان جي جاءِ تي غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو هو ۽ ننڍي چونڊ ذريعي ممتاز ڀٽو کي وفاقي وزير ڪيو ويو. ان بعد ڪميونسٽ پارٽي سڄي سنڌ ۾ سرڪيولر موڪليو هو ته ڪميونسٽ پارٽي جا سمورا ڪارڪن اردو ۾ لکن پڙهن ۽ تقريرون ڪن، ان سلسلي ۾ ان وقت جي هڪ مهاجر ڪميونسٽ پنهنجي آتم ڪٿا “نربدا کان مهراڻ” ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
قوميت جي مسئلي تي اسان جو نقطه نظر نهايت اهم هو ۽ اهائي ڳالهه اردو ڳالهائيندڙ ڪاروبارين کي اسان ڏانهن اچڻ واري راهه ۾ رڪاوٽ هئي، سکر جو اردو ڳالهائيندڙ ڪاروباري طبقو ڏاڍو رجعت پسند ۽ انتها پسند ۽ نام نهاد اسلام پسند هو، جنهن وٽ انسان دوستي ۽ برابري ۽ پيڙهيل غريب کي حق ڏيڻ ڏوهه هو ۽ اردو برتري ۽ نظريه پاڪستان جي فرسوده نعرن ۽ خيالن سهاري جي رهيا هئا ۽ نفرت جو ٻج ڇٽي رهيا هئا، اهوئي سبب آهي جو نعپ (نيشنل عوامي پارٽي) سکر ۾ ڪافي مضبوط پارٽي جي حيثيت سان اڳيان آئي. اسان جي ايمانداري، سچائي ۽ خلوص جي اهي به تعريف ڪندا هئا جيڪي اسان جا ڪٽر مخالف هئا پر اسان جي دوستن جي تنگ نظري نعپ کي نه صرف ڪمزور ڪيو پر حقيقت ۾ ختم ڪري ڇڏيو. ون يونٽ جي دور ۾ ون يونٽ جي مخالفت اسان جي سياست جو بنيادي نقطو هو، ايستائين جو جيئي سنڌ، سدا جيئي اسان جو سلام هوندو هو، جلسن جلوسن، پروگرامن، سڀني ۾ اسان قوميت جي مثبت روح کي اجاگر ڪندي پوري ملڪ جي پورهيتن جي حقن لاءِ ون يونٽ جي خاتمي، صوبن جي بحالي ۽ صوبائي زبانن کي انهن جو حقيقي درجو ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهياسين. ون يونٽ ختم ٿيو ته سکر ۾ نعپ جو زوال شروع ٿيو، اسان جا دوست جيڪي ڪراچي ۾ رهندا هئا، ون يونٽ جي خاتمي جو سندن زندگيءَ تي ڪو اثر نه پيو تن حڪم صادر ڪيو ته اندرين سنڌ ۾ سموري لک پڙهه اردو ۾ ٿيندي ۽ ساٿي اظهار خيال اردو ۾ ڪندا. جڏهن ته ڪراچيءَ جي ساٿين لاءِ سنڌي زبان سکڻ جو ڪو به شرط نه هو. نعپ جي پاليسي ڪراچي ۾ ويهي ٺاهي ويندي هئي ۽ زميني حالتن جو ڪو به خيال نه ڪيو ويندو هو. اسان سکر جي دوستن ان تي احتجاج شروع ڪيو (ان باغي گروپ جي اڳواڻي مون کي ڏني وئي) پر ڪراچي وارن جي ڪن تي جونءِ به نه سري، پوءِ جھيڙا شروع ٿيا پر ڪو به فرق نه پيو آخر رشيد، فتاح ملڪ، غلام قادر ملڪ ۽ بار جا ٻيا ساٿي الڳ ٿي ويا، قوم پرستن جون همدرديون ختم ٿيڻ لڳيون، حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجي جو اثر وڌڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ اهڙو وقت به آيو جو سکر جي ليفٽ جي شروع کان آخر تائين اسان سان گڏ رهندڙ شمس الدين شاهه به الڳ ٿي ويو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو، هاڻي نعپ ۾ صرف مان ۽ قاسمي صاحب وڃي رهياسين يا حسن حميدي، پر هو به سرگرم نه رهيو، شاهه صاحب عبدالرئوف جوهر واري ٽڪيٽ واري واقعي کان پوءِ مايوس ٿي ويو هو. هو ان ڪري موقعو ملندي ئي نعپ ڇڏي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو. منهنجا اختلاف به سائين سان وڌندا رهيا، ڪراچيءَ وارن جي بالادستي ۽ اردو ڳالهائڻ وارن جي ذهني برتريءَ جو تصور منهنجي لاءِ سهڻ کان مٿي ٿيندو پئي ويو. امام علي نازش، ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ عزيزالله سڀني جي اڳيان هي مسئلو رکيو، ڳالهه ٻولهه ٿي پر هو انهن ڳالهين کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا، آخرڪار مان 1970ع جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي استعيفيٰ صوبائي سيڪريٽري باقر شاهه کي موڪلي ڏني.
سنڌ ۾ جي ايم سيد صاحب عوامي ليگ جي حمايت اختيار ڪري رهيو هو، اخبار صبوح سنڌ ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي، منهنجو دوست نبي بخش کوسو انهن ڏينهن ۾ اخبار ۾ ڪم ڪري رهيو هو، منهنجي استعيفيٰ جي هڪ ڪاپي دوست رشيد ڀٽي به ورتي هئي جيئن هو تاريخي دستاويز طور پاڻ وٽ رکي، نبي بخش کوسي ڪنهن طرح سان ان جي ڪاپي حاصل ڪئي ۽ اخبار ۾ ڇاپي ڇڏي.ان جي شايع ٿيندي ئي مخالفن کان مبارڪون ملڻ شروع ٿيون ۽ دوستن رنج ٿي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ڪجھه ڏينهن بعد سياسي جماعتن تي پابندي پئي ۽ نعپ سان ساٿ نه صرف وقتي طور تي پر سياسي اعتبار سان به ختم ٿي ويو. ڀٽي صاحب جو اقتدار ختم ٿيندي ئي نعپ تان پابندي هٽائي وئي. هوءَ بحال ضرور ٿي پر سنڌ ۾ ان جو ڪردار ختم ٿي ويو ۽ اثر به، ڄام ساقي سيڪريٽري طور ان کي سنڀالڻ جا جتن ضرور ڪيا پر بي سود، هو مون وٽ به آيو ۽ منهنجي استعيفيٰ ۾ لڳل الزامن کي درست قرار ڏيندي پنهنجي ساٿين جي ڪيل غلطين جو اعتراف ڪيو ۽ آئينده ان سلسلي ۾ محتاط رهڻ جو واعدو ڪيو ۽ قوميت جي مسئلي جي اهميت ۽ خاص طور سنڌ ۾ ان جي تضاد کي مڃيندي ان تي ڌيان ڏيڻ جو يقين ڏياريو، ان جي واعدن تي مان وري به نعپ ۾ سرگرم ٿيس ۽ نعپ جي پشاور ڪنوينشن ۾ ويس، ان بعد ٻن ٻيڙين ۾ سوار ٿيڻ واري پاليسيءَ کان بدظن ٿي آخرڪار نعپ جي بنيادي ميمبرشپ تان ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.هاڻي نعپ عملي طور سنڌ مان ختم ٿي چڪي هئي، صرف ڪجھه دوست رهجي ويا هئا. امام علي نازش سان گڏ هڪ ٻي شخصيت سکر جي سياست ۾ اڀري ۽ اها شخصيت هئي سائين عزيزالله جي، هن جي زندگيءَ جو وڏو حصو زير زمين سرگرمين ۾ گذريو ۽ ڪافي وقت سکر ۾ گذاريائين، سياسي داءَ پيچن جو ماهر هو، سکر جي ساٿين کي گڏ کڻي هلڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار هو. امام علي جيان آخر ۾ سندس صحت خراب ٿي وئي، سکر کان ڪوئيٽا هليوويو ۽ بعد ۾ بيماريءَ سبب ذهني ۽ جسماني طور ڄڻ مفلوج ٿي ويو. ايوب خان جي دور ۾ ون يونٽ جي مخالفت پنهنجي اوج تي هئي، سکر بار انهن تحريڪن جو محور هئي، ون يونٽ خلاف مظاهرا، شام سنڌ، ادبي اجتماع، ٺهراءَ، بيان روز جو معمول هو، حيدرآباد جي شاگردن جي بک هڙتال هجي ته اسان مزدورن سان يڪجهتي لاءِ اتي وڃي حاضر ٿيندا هئاسين. جنهن ۾ ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ حسن حميدي به گرفتار ٿيا هئا.
ون يونٽ جي خاتمي کان فورن پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي سربراهه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وفات ڪئي، سنڌ هاري ڪاميٽي کي سرگرم رکڻ ۽ ان جي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جتوئي صاحب جھڙي باهمت مرد جو ڪارنامو هو، ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي کي ٻيهر منظر ۽ سرگرم رکڻ جي مقصد سان سڪرنڊ ۾ ڪانفرنس رکي وئي ڇو ته سڪرنڊ هاري ڪاميٽي جو ڳڙهه چيو ويندو هو. هن ڪانفرنس ۾ هاري ڪاميٽي جي دوستن کان سواءِ گھڻو تعاون ۽ حصو نعپ ۽ ڪامريڊن جو هو، ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي ۽ ان جا چار اجلاس ٿيا ۽ اٽڪل ٻن هزار نمائندن حصو ورتو، سکر مان مون سان گڏ رشيد ڀٽي، ممتاز مهر، نبي بخش کوسو، ڊاڪٽر اعزاز نذير، حسن حميدي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به آيو. نوابشاهه مان سيد رشيد احمد شاهه حيدرآباد مان ڄام ساقي، مهر حسين شاهه ميرپوخاص مان غلام محمد لغاري ڪراچيءَ مان محمود الحق عثماني، نواز ٻٽ ۽ ٻيا ساٿي آيا هئا. سنڌ هاري ڪاميٽي جو پراڻو ڪارڪن ڪامريڊ رمضان ڳڙهي ياسين کان آيو هو ۽ ٻيا ڪيترائي سياسي ڪارڪن اديب ۽ شاعر آيا هئا، هي هڪ عاليشان يادگار ڪانفرس هئي. تنظيم ڪاريءَ جي حوالي سان سٺو موقعو هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪمي شدت سان محسوس ڪئي وئي، هي خلا ڪڏهن به ڀرجي نه پئي سگھيو پر سنڌ هاري ڪاميٽي جي هڪ نئين ورڪنگ ڪاميٽي جوڙي سگھجي پئي، پر الائي ڇو اسان جي شهري ڪامريڊن کي ڇا سجھيو، هنن سنڌ هاري ڪاميٽي تي غير ضروري طور تي اثر انداز ٿيڻ پئي چاهيو ۽ ورڪنگ ڪاميٽي پنهنجا ماڻهو آڻڻ پي گھريا، آخري اجلاس ۾ هيءَ بدمزگي ڏسڻ ۾آئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي اصل ڪارڪنن اهو محسوس ڪيو ته شهري ڪامريڊ هاري ڪاميٽي کي هاءِ جيڪ ڪرڻ ٿا چاهين، سنڌ هاري ڪاميٽي جا ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ ڪامريڊ رمضان شيخ ڏاڍا جذباتي ٿي ويا ۽ ڪامريڊ جتوئيءَ کي ياد ڪري دانهون ڪرڻ لڳا ۽ جيڪا وڏي تصوير ڪامريڊ جتوئي جي ڊائيس تي رکيل هئي اها کڻي ويا. افسوس جو هن اهم ڪانفرنس جو چڱو مقصد حاصل ٿي نه سگھيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي گھڻي سرگرم ٿي نه سگھي.(آخري حصو)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *