تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ڪنھن تي ڪيئن يقين ڪجي…..؟؟؟

گذريل سيپٽمبر مھيني جي آخري ھفتي ۾ لاڙڪاڻي پوليس جي اي ايس آءِ اصغر مغيري صحافين آڏو دانھيو ته بااثر ذوالفقار جکراڻيءَ ٿاڻي اندر تذليل، تشدد جو نشانو بڻائيندي وردي ڦاڙي آھي، ان دوران ھن خودڪشي جي ڪوشش پڻ ڪئي، اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي باھ جيان وائرل ٿي وئي ۽ ھڪ بااثر جي ڀيٽ ۾ پوليس اھلڪار سان سوشل ميڊيا تي ھمدردي جو ڀرپور نموني اظھار ڪيو ويو، نيٺ پوليس جي بالا آفيسرن اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺي بااثر شخص خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، ايس ايڇ او کي برطرف ڪري ڇڏيو. معامري جي ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر ڪامران فضل طرفان جاچ جي لاءِ سندس ئي آفيس جي ڪمپلينٽ سيل انچارج ۽ ايمانداريءَ جي حوالي سان مشھور غلام علي جماڻيءَ کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ٽن ڏينھن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، جاچ آفيسر لاڙڪاڻو پھچي درخواست گذار بااثر ذوالفقار جکراڻي، اي ايس آءِ اصغر مغيري، وليد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالوھاب مسڻ، وڏي منشي اياز علي، پوليس اھلڪار جاويد علي بروھي، ھيڊ ڪانسٽيبل حبدار علي چانڊيو، ھيڊ ڪانسٽيبل عبدالوھاب جتوئي جا بيان قلمبند ڪيا. درخواست گذار ذوالفقار جکراڻيءَ طرفان ڏنل بيان جو ذڪر ڪندس جنھن ڄاڻايو ته اي ايس آءِ اصغر مغيري چيڪنگ دوران الطاف عمراڻيءَ کان 20 ھزار روپيا کسيا ۽ ٿاڻي تي وٺي ويو، جنھن کي ڇڏائڻ لاءِ پھتس، رڪارڊ جي چيڪنگ کان پوءِ ايس ايڇ او ماڻھو اسان جي حوالي ڪيو، جنھن تي اسان 20 ھزار روپيا به گھريا ته اي ايس آءِ گھٽ وڌ ڳالھايو جنھن تي اسان جي منھن ماري ٿي. اھڙي طرح جاچ آفيسر ان ڪيس سان لاڳاپيل پوليس آفيسرن توڙي عملدارن جا بيان به ورتا. ھونئن ته اصغر مغيريءَ جو بيان اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آھي ته چيڪنگ دوران ٻن موٽر سائيڪل سوارن کي شراب سميت گرفتار ڪيو، جنھن کان پوءِ بااثر پ پ اڳواڻ ذوالفقار جکراڻي ٿاڻي تي پھتو، جنھن تذليل، تشدد جو نشانو بڻائيندي وردي ڦاڙي آھي ۽ ايس ايڇ او به چيو ته تون پ پ اڳواڻ جي ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي، ان سميت ھن ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش مٿان به الزام مڙھي ان سڄي ڪھاڻيءَ کان پڙھندڙ چڱي ريت واقف آھن تنھن ڪري ان ڪيس جي جاچ آفيسر طرفان جيڪا جاچ ڪئي وئي آھي ان معامري طرف ھلون ٿا.
جاچ آفيس پنھنجي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته 26 سيپٽمبر 2020ع لاڙڪاڻو جي وليد ٿاڻي جي اي ايس آءِ اصغر مغيري، ھيڊ ڪانسٽيبل عبدالوھاب جتوئي ۽ پي سي جاويد علي بروھي چيڪنگ دوران موٽر سائيڪل سوار الطاف عمراڻي ولد ديدار عمراڻي کي روڪيو ۽ موٽر سائيڪل جا ڪاغذ ڏيکارڻ جو چيو، جنھن وٽ گاڏيءَ جا ڪاغذ نه ھئا. جنھن بعد اتي درخواست گذار ذوالفقار جکراڻي ۽ محراب عمراڻي پھتا جن الطاف عمراڻي کي آزاد ڪرڻ جو اي ايس آءِ کي چيو. پر ھن انڪار ڪندي پوليس موبائيل گھرائي کيس ٿاڻي تي اماڻي ڇڏيو. واقعي جي 20 کان 25 منٽن بعد اي ايس آءِ اصغر مغيري ۽ ٻئي عملي ٻن ڄڻن طارق رحمان کٽياڻ ۽ عمران ڀٽو کي ٻن شراب جي بوتلن سميت گرفتار ڪيو. ان دوران ذوالفقار جکراڻي ٿاڻي تي پھتو، جتي ايس ايڇ او عبدالوھاب مسڻ به موجود ھيو، جنھن الطاف عمراڻي کي ڇڏڻ جو چيو. ايس ايڇ او رڪارڊ تي تصديق بعد ھن کي ڇڏي ڏنو. جنھن کان پوءِ ذوالفقار جکراڻي ۽ الطاف عمراڻي چيو ته اصغر مغيري طرفان چيڪنگ دوران ورتل 20 ھزار روپيا به واپس ڪيا وڃن، جنھن تان اصغر مغيري ۽ ذالفقار جکراڻي وچ ۾ صرف سخت لفظن جي ڏيتي ليتي ٿي، (يعني جاچ آفيسر موجب اتي اي ايس آءِ جي ڪا به تذليل نه ڪئي وئي ۽ نه ئي وري ھن تي ڪو تشدد ڪري وردي ڦاڙي وئي) جنھن کان پوءِ اتي موجود عملي مداخلت ڪئي ۽ اي ايس آءِ علي حسن مگسي. اصغر مغيري کي ٿاڻي کان ٻاھر وٺي ويو، جاچ رپورٽ موجب معامري جي اي ايس آءِ اصغر مغيري ايس ايس پي لاڙڪاڻو توڙي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي ڪا به شڪايت نه ڪئي. واقعو 26 سيپٽمبر تي پيش آيو، ۽ اصغر مغيري 27 سيپٽمبر تي ڊرامو رچائي پنھنجي پوليس وردي پاڻ ڦاڙي پنھنجي مفاد جي لاءِ سوشل ميڊيا تي بالا آفيسرن خلاف غلط ٻولي جو استعمال ڪيو. جڏھن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش ٻن ڏينھن جي موڪل تي ويل ھيو. جنھن کي اصغر مغيري معامري متعلق آگاھه ئي نه ڪيو ۽ مٿس الزام مڙھيو ته ايس ايس پي سندس بدلي پي ايس وليد تان پي ايس حيدري ڪري ڇڏي آھي. جيتوڻيڪ اھا بدلي ايس پي ٽو ڪليم ڪئي ھئي. جاچ آفيسر غلام علي جماڻي پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته ايس پي ايس ايف اڳواڻ ذوالفقار جکراڻي وٽ ھڪ پوليس اھلڪار گن مين آھي، جيڪو لاپرواھه ماڻھو آھي. جنھن اي ايس آءِ مٿان 20 ھزار روپيا سرچ دوران کسڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي کيس حراسان ڪيو آھي. جاچ رپورٽ ۾ اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته سوشل ميڊيا تي اھو معامرو وڌي وڃڻ بعد 27 سيپٽمبر تي گناھه نمبر 2020/95 تحت ذوالفقار جکراڻي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏھن ته واقعو 26 سيپٽمبر تي پيش آيو ھو، ساڳي ٿاڻي تي ھڪ ٻئي ايف آءِ آر گناھ نمبر 2020/96 تحت طارق رحيم کٽياڻ ۽ عمران ڀٽو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جن وٽان ٻه شراب جون بوتلون برآمد ٿيون ھيون، جيتوڻيڪ اھو ڪيس به 26 سيپٽمبر تي ٿيو ھو. جاچ رپورٽ موجب لاڙڪاڻو وليد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالوھاب مسڻ غفلت جو مظاھرو ڪيو، ذوالفقار جکراڻي جي اچڻ تي پريشان ٿي ويو ۽ معامري کي منھن نه ڏئي سگھيو.
جاچ آفيسر غلام علي جماڻي طرفان ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر ڪامران فضل ڏانھن اماڻيل رپورٽ ۾ اي ايس آءِ اصغر مغيري خلاف جاچ رپورٽ ۾ ڊپارٽمينٽل ڪاروائي ڪرڻ جي سفارش ڪندي ڄاڻايو آھي ته ھن ورديءَ جو غلط استعمال ڪري غلط بياني ۽ بالا آفيسر خلاف غلط زبان استعمال ڪرڻ سان گڏ پوليس ڊپارٽمينٽ جي عوام آڏو بدنامي ڪئي آھي. ڄاڻايل رپورٽ منظر عام تي اچڻ کان پوءِ مختلف ڳالھيون منظر عام تي اچي رھيون آھن ڪجه ماڻھو جو چوڻ آھي ته بالا آفيسر خلاف ڳالھائڻ تي ان قسم جو ته رد عمل ايندو، جھڙي طريقي سان اي ايس آءِ معامرو ميڊيا تي کنيو ان معامري جو حل ايئن ئي ٿيڻو ھو. پوليس جي حلقي طرفان نالا ظاھر نه ڪرڻ تي چيو ويو ته اي ايس آءِ بالا آفيسر خلاف غلط زبان ۽ غلط بياني کان ڪم ورتو ان ڪري ئي اھو ڪيس ڳچيءَ ۾ پيو، جيڪڏھن ھو پنھنجي آفيسرن خلاف نه ڳالھائي ھا ۽ صرف ساڻس ٿيل ناانصافيءَ تي فوڪس ڪري ھا ته شايد ان قسم جو فيصلو نه اچي ھا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *