Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mr0lqhvi3aj4uhvthmeg6042ju, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
 "ڪنھن سان سليان سور؟" - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar  "ڪنھن سان سليان سور؟" - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

 “ڪنھن سان سليان سور؟”

اھو ھڪ انتھائي اداس افسانو ھو. اھڙا افسانا لکڻ جو آرٽ روسي رائٽر چيخوف کي ايندو ھو. مون پنھنجي ادبي ابتدا ۾ اھو افسانو سنڌيءَ ۾ پڙھيو ھو. ان افساني جو انگريزيءَ ۾ عنوان آھيMISRY جنھن کي سنڌيءَ ۾”ڪنھن سان سليان سور” جي لفظن ۾ لاٿو ويو ھو. مون کي ھن مھل ان افساني جي مترجم جو نالو ياد نھ ٿو اچي. پر مون کي پڪ آھي تھ سنڌي ادب جي انسائڪيلوپيڊيا جي سھيڙيندڙ کي اھو افسانو بھ ياد ھوندو ۽ ھن کان ان جو سنڌي مترجم بھ نھ وسريو ھوندو.
مون کي اھو افسانو ان مھل شدت سان ياد آيو ھو، جڏھن مون پنھنجي دوست تاج جويو جي پٽ جي باري ۾ اھا خبر پڙھي تھ ھن کي بھ کنڀي کنيو ويو آھي. اھا خبر پوڻ شرط مون کي تاج جوئي جون ٻارن جھڙيون اکيون ياد آيون ۽ مون کي ياد آيو روس جو اھو ڪراڙو ڪوچوان “لونا”، جنھن جو جوان پٽ ھن جھان ۾ نھ رھيو ھو ۽ ھو پوڙھي ڄمار ۾ ٽانگو ڪاھي شھر ۾ آيو ھو. ان مھل رات جو وڳڙو ھو. پيٽرس برگ جا رستا برف جي پوڻين سبب سفيد ٿي رھيا ھئا. برف جو ھلڪڙو تھھ گھٽين ۾ ٻرندڙ فانوسن تي بھ ڄمي ويو ھو. ڪراڙو ڪوچوان پنھنجي ٽانگي ۾پٿر جي بت وانگر ويٺل ھو ۽ ھن جي پنبڻين مٿان برف جا ذرڙا اٽڪي پيا ھئا. اھڙي حالت ۾ ھن کي جڏھن بھ ڪا سواري ملي ٿي تھ ھو ان سان پنھنجو اندر اورڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪوئي ھن کي چوي ٿو “ماٺ ڪر. مٿو نھ کاءُ” ۽ ڪوئي ھن جي ڳالھھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ٿو. ھو سڄو وقت سواريون کڻندو ۽ انھن سان پنھنجي اندر جا سور سلڻ جي حسرت اندر ۾ سانڍي ھلندو رھي ٿو، پر پوري پيٽرس برگ ۾ ھن کي ھڪ بھ اھڙو انسان نھ مليو جيڪو ھن جي نوجوان پٽ جي باري ۾ ھن جي پيڙا ٻڌي تھ جيئن ھن جو ھيانءُ ھلڪو ٿئي. رات جو دير تائين ٽانگو ھلائي جڏھن لونا واپس گھر وري ٿو، تڏھن ھو پنھنجي گھوڙيءَ کي سائو گاھھ وجھي ٿو ۽ ھن جي اکين جي چمڪ ۾ پنھنجي لاءِ پيار ۽ ڏک ڏسي ٿو، تڏھن ھو پنھنجي پٽ جي وڇوڙي جي ڪھاڻي پيرائتي طرح پنھنجي گھوڙيءَ کي ٻڌائي ٿو ۽ لونا ڏسي ٿو تھ ھن جي گھوڙي نھ صرف ھن جي درد ڪٿا ٻڌي رھي آھي پر ھن جي چمڪندڙ اکين مان ڳوڙھا بھ ڳڙي رھيا آھن. جڏھن سنڌي ادب جي پورھيت رائٽر تاج جويو جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو، تڏھن مون کي روسي ڪردار لونا جي ياد آئي. جيتوڻيڪ تاج جوئي جي واتان سارنگ جي وڇوڙي جي ڪھاڻي سنڌ ۾ سڀ ٻڌندا پر لونا جي برعڪس تاج پنھنجي اندر جو ارمان ڪنھن سان سلڻ نھ چاھيندو. ھو نھ چاھيندو تھ دنيا ھن کي ڪمزور پيءُ جي صورت ۾ پسي. ھو صرف جي ايم سيد جو شاگرد ناھي. ھو عبدالواحد آريسر جو دوست بھ آھي. ھن کي ڳوڙھا لڪائي ڳالھائڻ ايندو آھي. ھو پنھنجن زخمن جي نمائش نھ ڪندو آھي. ھن کي پنھنجي ذاتي ڏکن جو اظھار نھ وڻندو آھي. ھو جڏھن تمام گھڻي تڪليف محسوس ڪندو آھي، تڏھن زور سان اکيون ٻوٽي ليٽي پوندو آھي. جيتوڻيڪ ھن کي ننڊ نھ ايندي آھي پر ھو پوءِ بھ ننڊ جو ناٽڪ ڪري اھا اڪيلائي چاھيندو آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجن پيارن يارن کي ايترو چٽي طرح سان ياد ڪري سگھي جو ھن انھن جا چھرا ھن جي اکين جي اسڪرين تي اڀري اچن.
مون کي معلوم ناھي ۽ نھ وري مون ھن کان پڇيو آھي تھ سارنگ جي کنڀجڻ کان پوءِ ھن پنھنجي اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ پھريون خواب ڪنھن جو ڏٺو؟ ھن پنھنجي سائين جي ايم سيد کي پسيو يا ھن کي دلداري ڏيڻ جي لاءِ آسمان مان بادل ھٽائي عبدالواحد آريسر آيو ھو؟ منھنجو خيال آھي تھ ھن کي سندس ڀاءُ خاڪي اچي ٻڌايو ھوندو تھ آريسر صاحب اوطاق ۾ ويٺو آھي ۽ ھن جڏھن عبدالواحد آريسر کي ڏٺو ھوندو تھ ھن جا گھڻن ڏينھن کان روڪيل ڳوڙھا ڳڙي پيا ھوندا. ھن کي جڏھن پنھنجي روئڻ جي ڦِڪائي ٿي ھوندي تھ عبدالواحد آريسر سگريٽ مان ڪش ھڻي پنھنجي مخصوص انداز ۾ چيو ھوندو تھ “مولانا آزاد ڪٿي لکيو آھي تھ روئڻ ڪمزوريءَ جي علامت ناھي. جڏھن بھ ڪا ڳالھھ دل کي گھرائيءَ سان ڇھي ويندي آھي تھ ماڻھوءَ جا نيڻ ڀرجي ايندا آھن. ۽ ماڻھو صرف پيڙا ۾ نھ پر پيار ۾ بھ روئي پوندو آھي. غالب لکيو آھي:
“مار ديتا ھي لگاوٽ ۾ تيرا رو دينا
تيري طرح ڪوئي تيغ نگھھ ڪو آب تو دي”
مون سدائين سائين جي ايم سيد کي لطيف جي شعرن تي ٻارن وانگر روئيندي ڏٺو ۽ تون پاڻ بھ ان جو شاھد آھين تھ سائين ڪيترو نھ روئڻو ھو. جڏھن سائين روئيندو ھو تھ مون کي ائين محسوس ٿيندو ھو تھ ڄڻ ڪارونجھر پھاڙ تان برسات جو پاڻي وھي رھيو آھي.
۽ تاج توکي ياد آ تھ اياز ڇا لکيو ھو؟
اياز لکيو ھو تھ:
“ويھھ سال ٿيا آھن
مان ۽ ڪارونجھر ھڪ ٻئي کي ڏسندا رھيا آھيون
نھ ھو اتان چُريو آھي
۽ نھ مان چُريو آھيان
ھر چُرندڙ پُرندڙ جيءَ وانگر
اھو بھ اداس ٿي سگھندو آھي
جنھن وقت مور پڪاريندا آھن تھ ائين لڳندو آھي
ڄڻ ڪا ديوداسي ڪنھن سوني مندر ۾ ڏيئا ٻاري
واجھائي رھي آھي، ڪنھن لاءِ
ڪنھن وقت سانوڻ جي موسلاڌار مينھن ۾
ھو زارون زار روئيندو آھي
۽ ان جي ڀرسان وھندڙ نيون
ان جا ڳوڙھا پنھنجي سيني ۾ سانڍي
سڏڪا ڀرنديون وينديون آھن
ڪنھن وقت طوفان ۾
ھن تي اڀريل ڪونڀٽ جھولندا آھن
تھ ائين لڳندو آھي
تھ ھو پنھنجا وار پٽي رھيو آھي
ھي ڪارونجھر! جو منھنجو ڀاءُ آھي
جو مون جيئن اڏول آھي
۽ مون جيئن اداس آھي”
۽ تاج پنھنجا واعدا تھ وقت ۽ حالتن کان وڏا آھن. اسان پنھنجي لاءِ تھ ڪجھھ بھ برداشت ڪري ٿا وڃون پر اسان جو اولاد اسان جي ڏکندڙ کڙي آھي. جڏھن مان تارچر سيل ۾ ھوندو ھوس تڏھن مون کي اندرا الاھي ياد ايندي ھئي ۽ ان مھل مان پاڻ کي ٿڪل مور جيان ڪمزور محسوس ڪندو ھوس پر جڏھن سائين جي ياد ايندي ھئي تھ منھنجي روح جا سمورا گھاوَ محبت جي مرھم سان ڇٽي ويندا ھئا.
منھنجا خيال تمام گھڻي آواراگردي ڪرڻ وار آھن پر اھي ڪڏھن ان طرف نھ ڀٽڪيا تھ اسان جا ٻار بھ ان ھنڌن تان گذري سگھن ٿا، جن ۾ اسان کي اڇلايو ويو. مون کي خبر آھي تھ ايجنسين جا زندان زندگيءَ کي سان اھا ڪار ڪندا آھن، جيڪا خزان جا جھوٽا پپل جي پنن سان ڪندا آھن. پر تاج توکي ياد آھي تھ اياز اھو بھ لکيو آھي تھ:
“ھي ماڻھوءَ جو ٻچڙو آھي
ڪونپل کان بھ ڪچڙو آھي
پنھنجيءَ تي جنھن وقت اچي ٿو
ڌرتي ۽ آڪاش ڌڏي ٿو
تارا ھن لاءِ ھيٺ لھن ٿا
پربت ھن کي سجدا ڪن ٿا”
تڪليفون انسانن ۾ اميدن جا نوان ڏيئا بھ ٻاري وينديون آھن. اسان کي ان ڳالھھ تي فخر بھ ھجڻ گھرجي تھ اسان صرف ٻين جي ٻارن کي جيلن ۽ ٽارچر سيلن جون ياترائون نھ ڪرايون. اسان جا ٻچا بھ انھن گھاٽن تان گھڙيا آھن، جت درياھھ ۾ سڀ کان وڌيڪ دھشت ھوندي آھي.”
نھ معلوم تاج ڪنھن سان اھو راز اوريو آھي يا نھ؟ تھ جڏھن ھن جي تصور ۾ آريسر جو چھرو ايندو آھي تھ ھو ننڍڙي ٻار جيان تصور کي پڪڙي ننڊ جي نيري نگريءَ ۾ ھليو ويندو آھي.
تاج ڪنھن کي ڪجھھ نھ ٻڌايو ھوندو پر ننڊ جي نيا ۾ آريسر سان گڏ ويھي ھو سن جي پتڻ تي بھ پھتو ھوندو ۽ ھن پنھنجي رھبر جي پيرن تي ھٿ رکيا ھوندا تھ ھن جي نيڻن مان ڪجھھ لڙڪن جا قطرا ھن جي سائينءَ جي پيرن تي پيا ھوندا ۽ ھن کيس پنھنجي ڀر ۾ ويھاري چيو ھوندو تھ “ھاڻي پيرائتي ڳالھھ ٻڌاءِ!”
۽ تاج ھن کي ان ڏينھن کان وٺي سارنگ جي ڪھاڻي ٻڌائي ھوندي، جنھن ڏينھن ھن کي پتو پيو ھو تھ ھن جي دنيا ۾ ھڪ نئون انسان اچي رھيو آھي. اھي موسمون ڪھڙيون ھيون؟ اھي برساتون ڪيتريون وسيون ھيون؟ اھي پل ڪيترو وقت ترسيا؟ ۽ ھن ڪھڙي ڏينھن ۽ ڪھڙي وقت جنم ورتو؟ ھن مھانڊا ڪيئن ھئا؟ پوءِ ھو آھستي آھستي وڏو ڪيئن ٿيو؟ ھو بانبڙا پائڻ ڪيئن سکيو ھو؟ ھن ٻاتيون ٻوليون ڪيئن ٻولڻ شروع ڪيون ھيون؟ ھن کي جڏھن بخار ٿيندو ھو تھ ھو لوڊشيڊنگ ۾ ھن کي آڌيءَ رات تائين وڃڻا ڪيئن ھڻندو ھو؟ پوءِ ھڪ ٻار مان ھڪ ھڪ ڳڀرو ڪيئن ٿيو؟ ھن موڙ ڪيئن ٻڌا؟ ھن جو پٽ پاڻ پيءُ ڪيئن ٿيو؟ انھن جي ڌيئرن جا نالا ڪيئن سوچيا ويا؟ اھو سمورو داستان تاج ھن ديس کي ٻڌائي نھ ٿو سگھي. ھو پنھنجي اندر جي پيڙا صرف ۽ صرف پنھنجي رھبر سان اوري سگھي ٿو. ڇو تھ انسان پنھنجي منھن تان معاشرتي ماسڪ ھر ماڻھوءَ جي سامھون نھ لاھيندو آھي. اھو ستر جو سوال آھي. انسان پنھنجي جيون ساٿيءَ جي آڏو جسماني طور تي بي لباس ٿيندو آھي پر ھو پنھنجي منھن تي پاتل نقاب صرف ان جي سامھون لاھيندو آھي، جنھن سان ھن جو روحاني پردو نھ ھجي. ۽ جنھن سان روحاني پردو نھ رھندو آھي، اھو رھبر ٿي ويندو آھي.
تاج جويو کي پنھنجو اندر صرف ٻن انسانن سان اورڻ ايندو ھو. ھڪ عبدالواحد آريسر ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد. اڄ سارنگ حق ۽ انصاف جي لاءِ پنھنجي پيءُ جيان آواز اٿارڻ جي ڏوھھ ۾ گھر مان کنڀيو ويو آھي ۽ تاج پنھنجي پيڙا کي صرف پنھنجن خيالن ۽ خوابن ۾ ئي پنھنجي رھبر ۽ پنھنجي رفيق سان شيئر ڪري سگھي ٿو.
سنڌ جي تاج جي لاءِ روس جي لونا وانگر اھو سوال مشڪل ۽ منجھيل ناھي تھ ھو ڪنھن سان سور سلي؟ ھن کي پنھنجي اندر جا عيب صرف اکيون ٻوٽڻ سان نظر اچي ويندا آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ ھو سفر دوران کليل اکين سان بھ خواب ڏسندو ويندو آھي ۽ پنھنجن پيارن سان خاموش روح رھاڻ ڪندو ويندو آھي.
ھو پنھنجا سور ۽ نھ صرف سور پر پنھنجا پور بھ پنھنجن دل جي دلبرن سان سليندو ويندو آھي ۽ سنڌ سمجھندي آھي “تاج اسان سان پنھنجو اندر نھ ٿو اوري!!”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *