Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_m5ps699p7beg8g74eb0ffmin4v, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪورونا جا روزگار تي راڱا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪورونا جا روزگار تي راڱا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڪورونا جا روزگار تي راڱا

بيروزگاري اڄوڪي دور جي وڏن مسئلن مان هڪ آهي. جيڪا معاشي، سماجي، نفسياتي ۽ صحت جا ‏مسئلا پيدا ‏ڪري ٿي. جنھن ڪري ٿورن وسيلن مان پورائو ڪرڻ گھڻو مشڪل بڻجي ويندو آهي. بيروزگار شخص کي مختلف ‏مسئلن کي منهن ‏ڏيڻو پوندو آهي، جھڙوڪ بي گھر ٿيڻ، عليحدگي/طلاق، شديد ڊپريشن، نشي ۽ شراب جو عادي بڻجڻ وغيره شامل آهن‎.‎‎ ڪورونا وائرس جتي لکين انساني زندگيون ڳڙڪايون آھن اتي سڄي دنيا جي معيشتن کي ڪيترا سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. وائرس کي روڪڻ لاءِ ملڪن طرفان ڪيل لاڪڊائون مدد ڪئي يا نه ان بابت ايندڙ وقت ۾ صحت جا ماھر پنھنجي راءِ ضرور ڏيندا. ڪورونا سبب ٿيل تاريخ جي بدترين لاڪڊائون، جنھن کي گريٽ لاڪڊائون به سڏيو وڃي ٿو، جي نتيجي ۾ ‏بيروزگاري جي ھڪ وڏي طوفان سڄي دنيا جي حڪومتن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جنھن ڪري 1939ع-1929ع واري (گريٽ ڊپريشن) کانپوءِ بدترين بيروزگاريءَ ٿي آھي. مزدورن ‏جي عالمي اداري (آءِ ايل او) پاران جاري ‏ڪيل اندازن موجب ڪووڊ-19 بحران سبب (ڪورنٽائين ۽ ٻين پابندين سبب) تقريبن 2.7 ارب مزدور متاثر ‏ٿيندا، مطلب ھر ‏پنجن ‏روزگارن مان چار روزگار متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. ايڏي وڏي تعداد ۾ ٿيندڙ بيروزگاريءَ جو مکيه سبب گريٽ لاڪڊائون آھي. ‏لاڪڊائون سبب ڪاروبار بند ھجڻ ڪري انھن جي ڪمائي گھٽجي وئي آهي، تنھن ڪري انھن پنھنجا خرچ گھٽائڻ لاءِ مزدورن جو تعداد گھٽائي ڇڏيو آهي. ‎بيروزگاري جي اڀرندڙ طوفان جي شدت ۽ رفتار جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته، آمريڪا جھڙي امير ملڪ ۾ ھڪ ھفتي ‏اندر 30.3 ملين ماڻهن پنھنجو نالو بيروزگاري الائونس وٺڻ لاءِ لکرائيو. جيڪو تعداد ٻن هفتن بعد وڌي 39.9 ملين ٿي ويو. ‏آمريڪا جي ‏مالياتي اداري فيڊرل رزرو مطابق آمريڪا ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 30 سيڪڙو تائين پهچي ‏سگھي ٿي.‏ ساڳئي طرح ‏برطانيا ۾ به شروعاتي ھفتي ‏اندر ڏھ لک ماڻهن بيروزگاري الائونس حاصل ڪرڻ لاءِ فارم ڀريو‎.‎ ڪورونا وائرس سبب 2019ع-2020ع دوران دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ‏بيروزگاري ۾ واڌ ٿي. جنھن جو ‏خلاصو ڪجهه ھن ريت ‏آھي، جاپان 2.4 سيڪڙو مان 3 ‏سيڪڙو، جرمني 3.2 سيڪڙو مان 3.9 سيڪڙو، برطانيا ‏‏3.8 سيڪڙو مان 4.8 سيڪڙو، ‏ڪينيڊا 5.7 سيڪڙو‎ ‎مان 7.5 ‏سيڪڙو، فرانس 8.5 سيڪڙو مان 10.4 سيڪڙو، اٽلي ‏‏10 سيڪڙو کان 12.7 سيڪڙو ۽ آمريڪا ‏‏۾ 3.7 مان 10.4 سيڪڙو ‏اضافو ٿيو آهي (ذريعو: آءِ ايم ايف ، بي بي سي ‏نيوز 2020‏‎).ھن وبا سڄي دنيا ۾ روزگارسان راڱا ڪيا آهن. جنھن سبب سڀ علائقا وائرس ‎کان متاثر ٿي چڪا آهن. ‏پوءِ اھي ‏عرب رياستون ھجن يا يورپي، ڏکڻ ايشيائي ملڪ ھجن يا آمريڪي، مطلب ڪنھن ملڪ، علائقي، قوم، نسل، ‏مذھب توڙي ‏فرقي سان ڪا رعايت نه ڪئي اٿائين.‎ ‎ان جو وڌيڪ اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته عالمي سطح تي، مزدورن جي آمدني 1.2 کرب ڊالرن کان 1.8 کرب ڊالرن تائين گهٽجي ويندي. ايشيا ۾ پگھارن واري آمدني ‏‏۾ ‏‏359 ‏ارب ڊالرن کان 550 ارب ڊالر تائين لاٿ جو امڪان آهي. جيڪو عالمي پگھارن جو 30 ‏سيڪڙو ‏آھي. لاڪڊائون جنھن ڪروڙين ماڻھن کي گھرن ۾ بند ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري لکين ڏھاڙيدار پورهيتن کي ‏فاقاڪشي کي منهن ڏيڻو پيو آهي‎.‎ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل مطابق، ٻي جنگ عظيم کان پوءِ دنيا تاريخ جي سخت بحران ‏کي منهن ڏئي رهي آهي ‎.‎
غير رسمي شعبي سان سلهاڙيل دنيا جي 3 ارب مزدورن مان اٽڪل 1.6‏ارب ‏‏محنت ڪش سخت متاثر ٿي چڪا آهن. ان جو سبب لاڪ ڊائون آهي، يا وري اھي گھڻو متاثر ٿيل ملڪن/ ‏علائقن/شعبن سان ‏‏لاڳاپيل آهن. سڄي دنيا جي محنت ڪشن جو اڌ پنھنجي روزگار وڃائڻ جي خطري ۾ آهي‎.‎ اندازن ‏مطابق عالمي سطح تي غير ‏رسمي مزدورن جي آمدني پهرين مهيني ۾ 60 سيڪڙو گهٽجي ويئي، جيڪا هن ريت آهي، ‏آفريقا ۽ ‏آمريڪا ۾ 80 سيڪڙو، ايشيا ۽ پئسفڪ ‏‏۾ 21.6 سيڪڙو، ۽ يورپ ۽ ايشيا ۾ 70 سيڪڙو.
پائيڊ مطابق ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ غربت ۽ بيروزگاري جا انگ اکر ڀيانڪ آھن. خراب منظرنامي مطابق ‏پاڪستان جي جي ڊي پي 0 کان 1.5 سيڪڙو لاٿ اچڻ جو خطرو آهي، غربت ۾ ‏اٽڪل 24.4 سيڪڙو کان 59 سيڪڙو تائين ‏اضافو، مطلب اڳ ڪيل اڳڪٿي کان 75 ملين وڌيڪ ماڻھن جو ‏اضافو ٿيندو. جنھن سبب غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي ‏گذاريندڙ ماڻهن جو تعداد 125 ملين ٿي ويندو. پر ھي ‏منظر نامو رسيشن ۽ جي ڊي پي ۾ واڌ بدران لاٿ سبب ھڪ خوشفهمي ‏آهي. ورلڊ بينڪ مطابق‎ ‎ھندستان جي غير رسمي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جو اٽڪل 90 سيڪڙو (400 ملين مزدور) متاثر ٿيا آهن، جيڪي هاڻي ‏‏وڌيڪ غربت کي منهن ڏئي رھيا آھن. ‎ڪووڊ-19 بحران شھرن ۾ خوشحالي جي اميدن سان آيل مزدورن کي پنهنجن ڳوٺاڻن علائقن ڏانهن موٽڻ تي مجبور ڪيو ‏آھي. ‎
وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شعبا‎:‎وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شعبن ۾، ھوٽل ۽ ريسٽورنٽ، کاڌو ۽ رهائش (144 ملين)، پرچون ۽ ھول سيل (487 ‏ملين)، خدمتن ۽ ‏انتظامي شعبو (157 ملين)، پيداواري شعبو سان لاڳاپيل (463 ملين) مزدورن جي ‏روزگار ختم ٿيڻ جو ‏امڪان ‏آھي. جيڪو عالمي ملازمتن جو 37 سيڪڙو آھي (آءِ ايل او‎).‎
پاڪستان ۾ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شعبا:پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪانامڪس (پائيڊ) مطابق 56 سيڪڙو محنت ڪش تمام ‏گهڻي خطري کي منهن ڏئي سگهن ٿا. جنھن ۾ 80 سيڪڙو زراعت جي شعبي ‏‏۾، 75 سيڪڙو ھول سيل ۽ پرچون، 50 سيڪڙو ‏ھوٽلن، 60‏ سيڪڙو ريئل اسٽيٽ بزنس 40 سيڪڙو ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن وارا شعبا متاثر ٿيا آهن‎.ان صورتحال ۾ اھو لازمي آهي ته حڪومتون انهن ماڻهن لاءِ ‏مالي سھائتا ۽ ڪاروبارن کي ‏تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ‏قدم کڻن (ورلڊ ‏بئنڪ‎)
ان بيروزگاري جي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ دنيا جي اڪثر ملڪن طرفان 4.5کرب ڊالرن جا امدادي پيڪيج ڏنا ويا آهن (4، ‏اپريل 2020، آءِ ايم ايف‎). ‎موجوده زماني ۾ امدادي رقم ڏيڻ جي شروعات برطانيا کان ٿي. بيروزگارن جي مالي سهائتا واري اسڪيم برطانيا طرفان 1911ع ۾ ‏منظور ڪيل نيشنل انشورنس ‏ايڪٽ قانون تحت متعارف ڪرائي وئي. جنھن تحت 39 ھفتن لاءِ 11 ملين کان وڌيڪ مزدورن، ‏تقريباً سمورن سول ‏ملازمن کي (سواءِ چند شعبن جي) ڏني وئي. ان بعد اھڙو قانون جرمنيءَ پاران بيروزگارن جي مالي سهائتا ‏ڏيڻ لاءِ 1927ع ۾ پاس ڪيو ‏ويو. جيڪو ٻي عالمي لڙائيءَ جي خاتمي کانپوءِ لڳ ڀڳ سڄي يورپ جي ملڪن تائين متعارف ‏ڪرايو ويو‎.‎ آمريڪا پاران گريٽ ڊپريشن دوران وڏي عمر وارن ۽ بيروزگارن لاءِ ھڪ انشورنس پروگرام کي 1935ع ‏واري آمريڪي سوشل ‏سيڪيورٽي ايڪٽ جو حصو بڻايو ويو (ڊينيئل اين. پرائيس‎)
اھا ‏رقم خاص طور غريب يا غير رسمي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، جن وٽ ڪمائڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نه بچيو ھجي، ‏يا ‏جن جو روزگار ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيو آھي‎.‎
جيئن ھالينڊ سرڪار اھڙين ڪمپنين جيڪي امداد حاصل ڪرڻ جي اھل ھجن انھن جي ملازمن جون 90 سيڪڙو ‏پگھارون ‏ڀري رھي آھي. ساڳي ريت فرانسيسي حڪومت اھل ڪمپنين جي ملازمن جي پگهارن جو 75 سيڪڙو ٽن ‏مھينن لاءِ ڏئي رھي ‏آھي‎. ‎
انهن انتهائي متاثر ٿيندڙ مزدورن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومتون خاص قدم کڻي چڪيون يا کڻي رھيون آهن‎.‎
جھڙوڪ، سڀني کان وڌيڪ ڪينيڊا پنھنجي ملڪ جي ھر بيروزگار ٿيل کي 1400 ڊالر نقد رقم ڏئي رھي آھي، جيڪا ‏وبائي ‏صورتحال سبب پنهنجي آمدني وڃائي چڪا آهن انهن کي چئن مھينن تائين ڏني ويندي (او اي سي ڊي ، بي بي سي.‎)
ڪوسٽا ريڪا هر مهيني 220ڊالر هانگ ڪانگ 1229ڊالر، آمريڪا ڊالر1203، جاپان 938‏‎ڊالر‎، ڏکڻ ڪوريا 822ڊالر، سنگاپور 425ڊالر بيروزگارن کي ڏئي رھيون آھن‎.‎
پاڪستاني سرڪار 900 ارب رپين (5.5 ارب ڊالر) جي ماليت جو امدادي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي، جيڪو گھٽ ‏‏آمدنيءَ وارن ماڻھن کي ڏنو ويندو‎.‎
پاڪستاني حڪومت اھڙن ڏھاڙيدار پورھيتن لاءِ 200 ارب رپيا (1.25 ارب ڊالر) رکيا آهن، جيڪي تقريبن 50 ‏لک ماڻهن ۾ 3000 رپيا (20 ڊالر) ماھوار حساب سان چئن مھينن لاءِ ڏنا ‏پيا وڃن‎.
ڪووڊ -19 کانپوءِ بحالي لاءِ حڪومتن لاءِ ضروري آھي ته: معيشت جي بھتري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکن، ڪاروبار ‏ڪندڙن کي مدد فراهم ڪئي وڃي، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ آمدني وڌائڻ لاءِ حڪومتن کي جوڳا قدم کڻڻا پوندا، ڪم جي ‏جڳهه تي مزدورن جي حفاظت ڪرڻي پوندي، وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سماجي گفتگو ڪري ماڻھن کي آگاهه ڪيو وڃي‎.‎
بيروزگاريءَ متعلق لکيل ھن مضمون ۾ گذريل پنجن مھينن جو خراب منظرنامو ئي نظر اچي ٿو ليڪن ھينئر ڪجهه بھتري ظاھر ٿيڻ شروع ٿي آھي. بي بي سي مطابق تازو چين ۽ ‏فرانس ۾ خريداري جي شرح ۾ ڪجهه اضافو ڏٺو ويو آهي جنهن سان شين جي کپت وڌندي ۽ نتيجي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *