تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڪورونا جي ٻي لهر، احتياط جي ضرورت

سڄي دنيا سميت ملڪ ۾ تباهي ڦهلائيندڙ عالمي وبا ڪورونا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي ۽ ان جي ٻي لهر پکڙجي رهي آهي جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته ان جو نقصان شايد پهرين لهر کان به وڌيڪ خطرناڪ هجي. پهرين لهر جو زور به گهڻو ڪري يورپي ملڪن ۾ هيو جڏهن ته اسان جي پاڙيسري انڊيا ۾ به ان وڏي پئماني تي تباهي مچائي هئي جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جو نقصان اندازي کان گهٽ ٿيو جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر جيئن ٻين ملڪن خاص ڪري يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ ڪورونا سبب ماڻهن جي حياتيون وڃائجڻ جا انگ اکر سامهون آيا انهن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ان جي شدت تمام گهڻو گهٽ هئي، توڙي جو سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ نه اهي صحت جون سهولتون آهن نه ئي ان قسم جي انتظامي اهليت، جو جيڪڏهن ان پئماني تي اها وبا پکڙجي ها ته شايد ان کي منهن ئي نه ڏئي سگهون ها ۽ نه ئي اسان جي معيشت ايڏي مضبوط هئي جو ان وبا جي ايڏي شدت واري سٽ سهي سگهي ها ۽نه ئي ڊگهي لاڪ ڊائون سبب ماڻهن کي کائڻ پيئڻ يا روزمرهه جون شيون پهچائڻ جو حڪومت بندوبست ڪري سگهي ها، بهرحال اها خوشقسمتي چئجي جو انهي وبا جي پهرين لهر مان گذري پار پئجي وياسين ۽ ڪو وڏو معاشي توڙي جاني نقصان نه ٿيو توڙي جو ڪيترا ماڻهو انهي بيماري جي ڪري پنهنجن پيارن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا.
هاڻي وري ٻي لهر جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي يورپ جا ته ڪجهه ملڪ انهي خطري ۽ ڪورونا وبا جي تيزي سان پکڙجڻ سبب لاڪڊائون تي هليا ويا آهن ته ڪجهه شهرن ۾ ڪرفيو به لڳايو ويو آهي،جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ انهي وبا کي مانيٽر ڪندڙ ۽ حڪمت عملي ٺاهيندڙ نيشنل ڪنٽرول ۽ ڪمانڊ سينٽر اڳواٽ ئي خبردار ڪيو آهي ته جيئن جيئن سردين ۾ واڌ ٿيندي ڪورونا وبا جي پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويندو ان ڪري جيڪي ايس او پيز طئه ڪيون ويون هيون انهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ رماڻهو احتياط کان ڪم وٺن،ڪالهه ڪورونا وبا جي جاري ڪيل انگ اکرن مان ظاهر آهي ته اها وبا وڌي رهي آهي ،پنهنجي پهرين لهر ۾ عروج تي پهچڻ کان پوءِ اها وبا گهٽ ٿي هئي ته ان جو تناسب تقريبن 2 سيڪڙو کان به گهٽجي ويو هو پر گذريل ڏينهن ڪرايل ٽيسٽن مان ظاهر ٿيو آهي ته اهو ريشو 3.5 سيڪڙو کان به وڌي رهيو آهي جنهن جو مطلب ڪورونا پازيٽو ڪيسن جو تعداد وڌڻ شروع ٿيو آهي جڏهن ته فوتگين ۾ به اضافو رپورٽ ڪيو پيو وڃي،جنهن کي احتياط ۽ ايس او پيز تي عمل سان ئي روڪي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته پهرين مرحلي ۾ اسان ڏسون چڪا آهيون ته ڪورونا جي وبا رڳو معاشي ۽ جاني نقصان نه ٿي پهچائي پر انهي سبب زندگي سان لاڳاپيل هر ڪاروهنوار متاثر ٿئي ٿو اها تعليم هجي ،زراعت ،ڪاروبار خوشيون غميون شاديون، مراديون ڪچهريون، اٿڻ ويهڻ سڀ ڪجهه متاثر ٿئي ٿو، ايئن کڻي چئجي ته زندگي رڪجي ٿي وڃي ته غلط نه ٿيندو. معيشت جي ڪمزوري جي ڪري ڪورونا جي وبا جي ڏينهن ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو اهو ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ پورهيتن ۽ مزدورن کي پيو، جن جو گذر سفر آڻين ۽ چاڙهين تي گذارو ڪن ٿا. جيڪڏهن هاڻي به احتياط نه ڪرڻ سان وبا وڌي ۽ لاڪڊائون طرف وڃڻو پيو ته سڀ کان وڌيڪ انهن ماڻهن کي ڀوڳڻو پوندو جيڪي روز ڪمائين ۽ روز کائين ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته اها ذميواري حڪومت جي آهي ته انهي وبا جي ٻي لهر کي به گهٽ کان گهٽ نقصانڪار بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ۽ عام ماڻهن جو اهو فرض آهي ته حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا جي انهي لهر کان به پار پئجي سگهجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *