تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي ٻي لهر ۾ به احتياط جي ضرورت

سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندڙ ڪورونا وائرس جي ڪري هيستائين دنيا ۾ فوت ٿيلن جو انگ 10 لک 14 هزار 931 ٿي ويو آهي جڏهن ته مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 39 لک 87 هزار 683 ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا آهن. 2 ڪروڙ 52 لک 51 هزار 332 ماڻهو مرض ۾ مبتلا ٿيڻ بعد صحتياب پڻ ٿي چيا آهن اهڙي ريت دنيا ۾ ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 77 لک 21 هزار 420 آهي. انهن مان به 76 لک 55 هزار 366 مريضن جي حالت بهتر آهي جڏهن ته 66 هزار 54 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. دنيا جا ٽي ملڪ جن ۾ مريضن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي انهن ۾ آمريڪا ۾ 74 لک 19 هزار 730، ڀارت ۾ 62 لک 69 هزار 42 ۽ برازيل ۾ 47 لک 87 هزار 637 آهي. آمريڪا ۾ 2 لک 11 هزار 183 ڄڻا، ڀارت ۾ 97 هزار 943 ۽ برازيل ۾ هڪ لک 43 هزار 243 ڄڻا فوت ٿيا آهن.
پاڪستان ۾ حڪومت جي دعوائن باوجود وائرس تي ڪنٽرول اچي نه سگهيو آهي، پهرين لاڪ ڊائون، سخت لاڪ ڊائون، وري ان تي يوٽرن وٺندي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو پر مرض اڃا تائين موجود آهي. حڪومت پهرين انتهائي ضروري ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني، پوءِ عوام جي روزگار سان واڳيل صنعتن کي کوليو ۽ پوءِ سمورو ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏيندي اڻ سڌي طرح اهو پيغام ڏنو ويو ته هي مرض هاڻ ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته صحت جي شعبي جا ماهر ڊاڪٽر دانهون ڪندا رهيا آهن ته هي مرض اڃا ختم نه ٿي سگهيو آهي ۽ ان جي ٻي لهر اچڻ جو خطرو موجود آهي پر حڪومت رڳو عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ عملي طور ڪي به قدم نه کنيا. هاڻ ته سمورا تعليمي ادارا پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين کوليا ويا آهن ته هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ واڌ اچي وئي آهي. هن وقت به پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪري متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 12 هزار 263 آهي جن مان 6 هزار 479 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. مريضن مان هڪ لک 36 هزار 795 جو واسطو سنڌ صوبي، 99 زهار 378 جو پنجاب، 15 هزار 257 جو بلوچستان، 37 هزار 776 جو خيبرپختون خوا، 16 هزار 581 جو وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، 3 هزار 778 جو گلگت بلتستان ۽ 2 زهار 698 جو آزاد ڪشمير سان آهي. 24 ڪلاڪن دوران 7 سئو کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصدي ٿي آهي جن مان اڌ کان وڌيڪ جو تعلق ڪراچي سان ڄاڻايو ويو آهي جنهن بعد ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. ملير گڏاپ جي علائقي منگھوپير يونين ڪائونسل 8، يوسي 8 جي سمامه ولاز ۽ صائمه سٽي ۾ مائڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. ڪاروباري سرگرميون بند رهنديون، رڳو راشن ۽ ميڊيڪل جا دڪان کليل رهندا. ان ڪري هاڻ حڪومت کي صلاح آهي ته هي مرض جيئن ته وڌي رهيو آهي ته ان جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن ماڻهن جون حياتيون بچائجن خاص طور تي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين سميت سمورن تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ته جيئن مستقبل جي معمارن کي مرض کان محفوظ رکي سگهجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *