تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

ڪيچ جا اڙانگا پنڌ ۽ مرندڙ معذوريون

اسان جي سماج ۾ صدين کان هلندڙ ڪٺورتائن ۽ براين جو جڏھن ذڪر ڇڙي ٿو، ته اتي انهن عورتن جو به ذڪر اچي ٿو، جيڪي بيگناه ڪاريون ڪري ماريون وينديون آھن. تازو سنڌ ۾ ڪجھه اهڙا واقعا پيش آيا آھن، جن سان سنڌ جي سونهن، مهمانوازي، غيرت ۽ قدامت کي ڇيهو رسيو آھي، سنڌ اها ڪشش ڪندڙ ڌرتي رهي آھي، جنهن ۾ جڏھن اونهاري جي ابتدا ۾ سورج مکي ۽ ڄانڀي جا گل ٽڙندا آھن ته سارا کيت هيڊن رنگن سان جرڪي پوندا آھن. ڄانڀي جي ڦلڙين جي خوشبوءِ نه فقط ساري علائقي کي معطر ڪندي آھي، ليڪن ان جي ڦلڙين جي ڪشش تلور کي ڏورانهن علائقن کان ڇڪي علي الصباح پاڻ ڏي آڻيندي آھي. سورج مکي ۽ ڄانڀي جي  ٽڙيل گلڙن جي رنگت کي ڏسي ايئن لڳندو آھي، ڄڻ فطرت هيڊي رنگ جا ٿالھه کيٽن مٿان هاريا آھن. تلور جڏھن باک ڦٽي ويلي پيرڙين ڄانڀي جي ڦلي ڏانهن ويندي آھي ته ٿڌي ڌرتي ان جا پير چمندي آھي. ان سهڻي سنڌ ۾ جڏھن سج الهندا آھن ته شفق ۾ اٺن جون قطارون ڪنهن موتين جي لڙھين وانگر لڳنديون آھن. ان سنڌ ۾ جڏھن چيٽن جا کيٽ چنڊ کي ڏسندا آھن ته ٽڙي۽ کڙي پوندا آھن. ان سنڌ ۾ جڏھن لوڪ گيت خوشين جي موقعي تي گونجندا آھن ته ساري فضاگيتن جي گونجار سان  جهومي پوندي آھي. ان ئي سهڻي سنڌ ۾ ويجهڙائي ۾ ڪجھه عورتن کي ڪاريون ڪري قتل ڪرڻ جون هانءُ ڏاريندڙ وارداتون ٿيون آھن، جن کي ميڊيا رپورٽ ڪيو آھي. اهي عورتون ايئن ماري دفن ڪيون ويون آھن جيئن اسلام کان اڳ عرب جي سرزمين تي عورتن کي ماري دفن ڪيو ويندو هو. عورتن جي شادي ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو ۽ نياڻين جو ڄمڻ نڀاڳ ليکيو ويندو هو. هن وقت جيتوڻيڪ صدين جي ڊگهي سفر کان پوءِ علم، عقل، فهم ۽ ترقي هوندي به ڪيترن ئي انسانن جون جبلتون اڃا به نه بدليون آھن ۽ ان دور جي آدم جهڙيون محسوس ٿين ٿيون اڃا به انهن انساني جبلتن ۾ ڪو گهڻو فرق نه آيو آھي.
ڪجھه مهينا اڳ ڪاري گونگڙي جي علائقي ويجهو هڪ عورت کي بگهڙ صفت انسانن واٽ ويندي جهنگ ۾ جهلي، سندس لڄ لٽي ان بعد کيس قتل ڪري فرار ٿيا هئا. ان هلندڙ واردات دوران تتل بر ۾ ان عورت سسئي جيان ڪيترائي سڏ واڪا ڪيا. پر ڪير به ان جي عزت ۽ زندگي بچائڻ ڪو نه آيو. نيٺ هوءَ سڃ ۽ اڃ ۾سڏيندي سڏيندي ساه ڏيئي ويئي.
آئون نه گڏي پرين کي، ڪاري ٿي قيام 
هٿن هاج ڇڏي، نيڻين ننڊ حرام،
ڪٺيس تنهن ڪلام، هوت هلندي جو ڪيو.
ان مظلوم عورت جي خمير جي مٽي ان شھر سان جڙيل هئي، جنهن شهر کي خليفي محمود فقير نظاماڻي جي پيءُ گهنور خان نظاماڻي ميرن جي دور ۾ اچي آباد ڪيو هو. هن شهر ۽ اتان جي علائقي جي اهميت نه فقط خليفي محمود فقير نظاماڻي ۽ ملا حسن جي بزرگي ۽ سندن اڇن رنگن وارن اوچن مقبرن جي ڪري آھي، ليڪن هي علائقو سخاوت، فراخدلي ۽ آبهوا سبب به گهڻو اهميت جو حامل رهيو آھي. گڏوگڏ ھن علائقي مان جتي گهڻو آڳاٽو پٽيهل درياءُ وهيو آھي، جنهن هتان جي سر زمين کي نه فقط سرسبز  پئي ڪيو، گڏوگڏ وڻن، ولين، گاهن، پکين، جانورن ۽ انسانن جي پاڻي سان پرورش به  پئي ڪئي. پٽيهل درياءُ جي ڏکڻ ۾ وري وڳهه ڪوٽ جي سر زمين تي، ديس جي دنگن ۽ ننگن تان دودن جون ڌارين سان جنگيون به ٿيون آھن، جن خوني جنگين ۾ دودن ھمت ۽ بهادري جي نئين تاريخ  رقم ڪئي. ھندستان جي حاڪم خلجين ۽ دودي سومري جي وچ ۾ لڳل جنگ ۾ رت جو درياءُ به وهيوآهي. ان جنگ کي ڪيترين ئي صدين تائين چارڻن ڳائي دودن جي سورهيائي کي بيان پئي ڪيو آھي. دودا ديس ۽ ويس تان سر ڏيئي سرها ٿيا آھن.
ھاڻي وري هڪ ٻيو واقعواتر سنڌ جي علائقي ۾ هڪ ٻي عورت سان پيش آيو آھي، جنهن کي سندس برادري جي هڪ ڀوتار جي فيصلي تحت  ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو آھي. ان قتل ۾ ان عورت جي ڀاءُ جا هٿ ڳاڙھا آھن. مقتول ناري جي پيءُ دانهيندي چيو هو ته آئون ڪاٺيون ڪري گهر جو گذر سفر ڪندو هوس، منهنجي غير موجودگي ۾ ڀوتار جي چرچ تي منهنجي پٽ، منهنجي نياڻي کي بيگناهه ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو. هي مقتول عورتون سنڌ جي ٻھراڙي جي انهن علائقن جون رهواسي هيون، جتي ڪچڙي منجهند ۾ تاڙن جون تنوارون فجر جي ٻانگ جيان محسوس ٿينديون آھن ۽ ڪوئل جون ڪوڪون ڪنهن بکايل ٻار جي سڏ جهڙيون هونديون آھن. سنڌ جا اهي علائقا جتي اڪثر عورتون مردن سان گڏ کيٽن ۾ ڪم به ڪن ٿيون ته وري گهر جو گاڏو به هلائين ٿيون. سنڌ جا اهي علائقا  سدا ملوڪ علائقا آھن، جتي جڏھن بادل برجن سان نڪرندا آھن ته لوڪ گيت روح جي سرزمين تي محو رقص ٿيندا آھن. هي قتل ٿيل عورتون شاعرائون، گلوڪار، ۽ سياستدان ته ڪونه هيون يا ڪنهن وڏي جدوجهد جي ڪا علامت به نه هيون ليڪن هي عورتون اسان جي سماج جون مظلوم عورتون هيون. جيڪي ڪارنهن الزامن جي ضد ۾ اچي هٿيارن جو کاڄ بڻيون آھن. اسان جو طبقاتي سماج جنهن ۾صدين کان عورتن سان ظلم جا نوان نوان داستان رقم ٿيندا رهيا آھن، اسان نه پاڻ بدلجي سگهيا آھيون ۽ نه ئي سماج بدلائي سگهيا آھيون. وقت گذرندو ٿو رهي، سماجي برايون ساڳي هنڌ تي موجود آھن. جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور جي علائقي ۾ وحشي درندن هڪ معصوم نياڻي ۽ ان جي ماءُ کي قيد ۾ رکي ساڻن لڄالٽ ڪندا رهيا، جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ ھميشھ لاءِ جهڪي ويو ۽ اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. انهن مان هڪ درندي نه رڳو ان معصوم نياڻي جي ماءُ سان لڄالٽ ڪئي، گڏوگڏ ان معصوم نياڻي سان به لڄالٽ ڪندو رهيو، جنهن جي عمر چار سال ٻڌائي پئي وڃي. جنهن کان پوءِ ھڪ غيرت مند صوبيدار پنهنجي نياڻي جي آواز وسيلي ان کي گرفتار ڪري ورتو ۽ آخر اهو درندو سندس ئي ساٿي جي گولي سان انجام کي پهتو.
سنڌ جي  سدا ملوڪ علائقن ۾ اهڙا قهرٻڌي ۽ ڏسي انساني لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. جتي اهڙا قهر برپا ٿين ٿا، اتي سنڌ سان واڳيل سڀ عظيم ڪردار تاريخ جي جهروڪن مان جهڪيل نظر ٿا اچن. اهڙيون بدنصيب عورتون جيڪي ڀوتارن جي غلط فيصلن جي ور چڙھي قتل ٿي وڃن ٿيون. انهن عورتن جي ڀيٽ لطيف جي سورمين سان ته نه ٿي ڪري سگهجي، ليڪن هو اسان جون لڄون آھن. اسان مان ڪنهن جون ڌيئرون، مائرون ۽ ڀيڻيون آھن. هو ھن سماج جي اڏڻ ۾ اوتريون ئي ڪارائتيون ۽ حصيدار رهيون آھن، جيترو مرد. ڪڏهن ڪڏھن ته هو مردن کان به ٻه قدم اڳتي رهيون آھن. عجيب اتفاق آھي ته لطيف جي سورمين جو تعلق به سنڌ سان آھي. انهن سورمين ۾ مارئي، نوري ۽ سسئي جو تعلق لاڙ سان، جڏھن ته سورٺ جهونا ڳڙھ انڊيا ۽ سهڻي گجرات پنجاب سان واسطو رکندي هئي. سهڻي جي قبر شهداپور ۾ موجود آھي. مومل جو تعلق وري اپر سنڌ گهوٽڪي سان هو، بحر ڪيف سورٺ ۽ سهڻي جا علائقا به ان وقت سنڌ ۾ ھئا، آڳاٽن ڪتابن ۾ آزاد سنڌ ملڪ جون حدون وسيع هيون. اها سنڌ جيڪا امن، محبت، انسانيت، بهادري، حيا ۽ لڄ ڪري نه فقط دنيا ۾ مشھور هئي، ليڪن ان جي اعليٰ ڳڻن ۽ ڪردارن کي شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ڳائي ان کي ويتر امر بنايو. سنڌ جي هنن سدا ملوڪ ماڳن تي جتي لطيف جي سورمين جي سچائي ۽ مظلوميت جو خوب ذڪر ملي ٿو، اتي لطيف جي ڏھن ڏاتارن جو ذڪر به وڏي شد مد سان بيان ڪيل آھي.
لاکي لڄ کنئي، اسان اوڏڙين جي،
ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آھيان.

ابڙو وڏ وڙو، جهلي سو سامن
سرڻن جا سوٺا سهي، سمون سونهن سندن،
تو در ترڪ اچن، ڪيئن ڪريندي ڪڇ ڌڻي.
لطيف سائين جا ڏاتار، اڀرن جا همدرد ۽ مسڪين ماڻھن جي لڄن جا ڀرجهلا رهيا آھن. هو سخي مرد انسانيت جي اعليٰ گڻن جا اهم ڪردار آھن. اهي ڪردار ئي تاريخ ۾ بهتر سماجن جي اڏاوتن جا اهم جز رهيا آھن، اها ٻي ڳالھه آھي ته جنهن ديس ۾ دودن جنم ورتو آھي، اتي چنيسرن جي به کوٽ ناهي. اعليٰ انساني گڻن جي ڪردارن جا مالڪ مري به زنده رهندا آھن، جڏھن ته بدڪردار انسان زنده هوندي به مئل هوندا آھن.
سمون سڀني ڏڍ، ائين پڻ لوچو لڄ کي،
پئي پريان جي پيچري، ڪائي ڪيرت ڪڍ،
آن پڻ ٿئي ڏڍ، سمي جي پڻ سوڀ ٿئي.
بي پهچ ۽ ستين عورتن جي لڄ لٽيندڙ ۽ مٿن الزام مڙھي کين قتل ڪندڙ بدبودار ڪردارن هميشھ سنڌ جي  لڄائتي اصولن کي پائمال پئي ڪيو آهي، نه فقط ايترو پر انهن ڏھن ڏاتارن جي روح کي به رنجايو آھي، جيڪي سامن تان سر ڏيڻ کي فخر محسوس ڪندا هئا. ويجهڙائي ۾ بيگناهه قتل ڪيل ۽ لڄ لٽيل معصوم عورتن سان ڏاڍائي ڪندڙ ڪردارن جتي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪايو آھي، اتي ڪنهن انگريز مفڪر جي ان قول کي هٿي به وٺرائي آھي ته انسان ڪڏھن ڪڏھن مرون به ٿي سگهي ٿو.
هاڻي جڏھن موسم ويس مٽي رهي آھي، سرد راتيون، اڻکٽ انتظار، چانڊوڪين جون چلولايون ۽ گيتن جي گونجار نئين سر نڙين مان سرجي رهي آھي، ته ڪوئلون انبن جي وڻن تي ننڊاکڙيون نظر ٿيون اچن ۽ ڪائنات تي سردين جي پراسرارخاموشي ڇانيل آھي. هن وقت ڪارونجهر کان ڪراچي تائين، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين انهن سڀني ماروئڙن جي جهوپڙين ۾ ڏيئا ۽ مچ ٻرڻ لڳا آھن ۽ زندگي جي سفر ۾ نوان ولولا جاڳي پيا آھن، ته اتي اهي هزارين پورهيت عورتون توڙي مرد جيڪي پنهنجي پگهر جي پورهئي مان ڪيل مزدوري سان پنهنجي گهر ڀاتين جي بک اجهائيندا رهيا آھن، اهي بدلجندڙ حالتن سبب برادرين جي ڀوتارن جي غلامي جي چڪي ۾ روز بروز پيڙھجندا پيا وڃن. ڀوتارن جي فيصلن ۾ ھنن جون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون نه فقط سڱ چٽي جهڙين غليظ روايتن ۽ سماجي غلامي جي قيد ۾ ھليون وڃن ٿيون، گڏگڏ ڪاروڪاري جهڙي دقيانوسي رسم جي ور به چڙھي ٿيون وڃن ۽ اهڙي طرح ڪيترين ئي خوبصورت عورتن جون جوانيون موت جي منهن ۾ ھليون ٿيون وڃن. تاريخ  بي ڏوهي عورتن سان اڃا انصاف ناهي ڪيو. اهي اڄ به ايئن ماريون وڃن ٿيون، جيئن شڪارين هٿان ڪونجون ماريون وينديون آھن. عورتون اڃا به خاموش آھن، انهن جي دانهن کي اڃا داد ملي نه سگهيو آھي. لطيف چواڻي:
سور ڪنهين م سل، مڇڻ  ڄڀ ڄراٽيين
هڏ ڪرنگهو مک، منجهيئي محو ٿئي.
ڪجھه عرصي پڄاڻان قتل ڪيل اهڙين ڳوٺائي عورتن جي قتلن جو چوٻول ميڊيا تان ميسارجي ويندو آھي. انهن جي قبرن جي مٽي به پراڻي ٿي ويندي آھي، جڏھن اهڙا سانحا ماضي ۾ بدلجي چڪا هوندا آھن ته ان وقت هن ڀوتارڪي سماج جا طاقتور ڪردار حرڪت ۾ اچي قاتلن جي پوئواري ڪرڻ شروع ڪندا آھن. راڄوڻي ڪرائي قاتلن کي آزاد ڪرائي وٺندا آھن ۽ جنهن بعد مقتولن جا روح سنسان قبرستان جي ڪنڊن ۾ انصاف پڪاريندي هميشھ لاءِ خاموش رهجي ويندا آھن ۽ ظالم سماج وري ٻين ڪن نون سانحن کي جنم ڏيڻ لڳندو آھي….

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *