تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڪٿي آهي نئون پاڪستان ؟

گذريل هڪ هفتي کان وفاقي وزير پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي کي بيان ڪرڻ ۾ مصروف آهن، وزيراعظم عمران خان جنهن واعدو ڪيو هو ته هو هر هفتي پارليامينٽ ۾ اچي سوالن جا جواب ڏيندو، ساڳيو وزيراعظم پارليامينٽ ته هر هفتي نه آيو پر پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي کي بيان ڪرڻ لاءِ ٽي وي انٽرويوز به شروع ڪيا آهن، روز جي بنياد تي وفاقي وزير پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي بيان ڪرڻ لاءِ گڏجي پريس ڪانفرنس ڪن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ته بنا سوال جي پريس ڪانفرنس ڪري هليا وڃن ٿا. جنهن وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن کي 6 مهينن جو وقت ڏنو هيو ساڳيا وفاقي وزير ۽ وزيراعظم هڪ هفتي اندر اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن جيئن اقوام متحده ۾ ڪشمير معاملي تي عمران خان پنهنجي خطاب کانپوءِ چيو هو ته ايئن لڳي رهيو آهي جيئن مون 92 جو ورلڊ ڪپ کٽيو هو، اڄ به ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ عمران حڪومت ساڳيو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر حقيقت ۾ جڏهن 92 جو ورلڊ ڪپ خان صاحب کٽيو هيو تڏهن ملڪ اندر خوشي جي لهر هئي هينئر جڏهن خان صاحب اهڙي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تڏهن ملڪ اندر ڪنهن به پاسي تي ڪابه خوشي جي لهر ناهي ٻيو ته ٺهيو پر حڪومتي وفاقي وزير هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ ۾ پورا آهن. الزامن جي شروعات جيڪا چوڌري فواد کان ٿي اها شيرين مزاري جي خطاب تي اچي دنگ ڪيو آهي چوڌري فواد ملڪ جي اندروني حالتن جو اڇو چٺو پڌرو ڪيو هيو ته شيرين مزاري ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. اسان جي ملڪ جو هڪ اهم وفد هينئر سعودي عرب ۾ هو ته شاهه محمود قريشي چائنا جي دوري تي آهي، اها سڄي صورتحال ان ڪوشش جو نتيجو آهي جنهن ۾ خان صاحب ملائيشيا کي او آءِ سي جي سامهون تڪڙو ڪرڻ گهريو پئي نتيجي ۾ اسان اهڙا تڪڙا ٿي چڪا آهيون جو هاڻي اسان کي پنهنجي سفارتي ڪوششن جي نتيجن جو انتظار آهي.
جڏهن حڪومتي وفاقي وزير صبح کان شام تائين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪرڻ شروع ڪن ٿا تڏهن صحافي پاڻ ڳالهائيندي چون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر هجي ها ته اهڙيون ڊگهيون ۽ هفتن تي ٻڌل پريس ڪانفرنسون ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، حڪومت جون ڊگهيون پريس ڪانفرنسون اصل ۾ ڪوڙ کي سچ ۾ تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهن، حڪومت جيڪا پهريان “گهبرانا نهين” جو بيانيو رکندي هئي هاڻي “چڱا ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن ”جهڙو بيانيو بيان ڪري رهي آهي پر چڱن ڏينهن جي شروعات جيڪڏهن حقيقت ۾ هجي ها ته هر شيءَ پراسرار طريقي سان نه ٿيندي هجي ها، قانونسازي آرڊيننس ذريعي نه ٿيندي هجي ها، هينئر به جيڪو گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو آهي جنهن کي صدر عارف علوي خطاب ڪرڻ پهتو. ان حوالي سان اپوزيشن جو چوڻ هيو ته ڪنهن به قسم جو ڪو به اطلاع نه هيو رات جو اوچتو سرڪيولر جاري ڪيو ويو حڪومت جي جيڪڏهن ڪارڪردگي ايتري بهترين هئي ته پوءِ آئيني طريقي جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ به ڳجهي پلان رکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪڏهن اهڙو اطلاع اڳ ۾ ئي ڏنو وڃي ها تڏهن به حڪومت خلاف مخالف ڌر احتجاج يا بائيڪاٽ ئي ڪري ها جيڪو احتجاج هاڻي به ٿيو، حڪومت جيڪا بجيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪي هئي ساڳئي حڪومت هينئر به قومي اسيمبلي اندر پنهنجي اڪثريت جي بنياد تي نه پر اسراريت جي بنياد تي معاملا هلائي رهي آهي.
ملڪ جي صدر کي خطاب ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اهڙي طريقي سان گهرايو ويو جو راجا پرويز اشرف خواجه آصف مطابق بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف به پهچي نه سگهيا.
وفاق ۽ سنڌ جي معاملن تي به ڳالهين جا ٽي دور اهڙا ٿي گذريا جو سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه پنهنجن صوبائي وزيرن ناصر شاهه ۽ سعيد غني سان گڏ ايئن ڳجهي طريقي سان پهچي رهيو هو جنهن مان لڳي رهيو هو ته “حاضر ٿيو” جا آرڊر ڪي اهڙا هئا جو ٽن ملاقاتن جي ڳالهه کي پڌرو ڪرڻ بجاءِ ڳجهو رکيو ويو جڏهن اهي راز اسد عمر پنجن وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ بيان ڪيا تڏهن رڳو معاملو نالا صاف ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ هلائڻ جو نتيجو نڪتو .ڇا 18هين ترميم کانپوءِ اسد عمر ڪنهن صوبي جي وڏي وزير کي ايترو مجبور ڪري سگهي ٿو جو هو ايمرجنسي بنياد تي پنجن صوبائي وزيرن سان گڏ اسلام آباد پهچندو هجي. ڇا عمران خان پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ڪڏهن آئيني تقاضائون پوريون ڪندي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي آهي جيئن ڪاميٽي جي مسئلي تي چيو وڃي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه انتظامي اشو آهي ته عمران خان جو گورنر هائوس پهچڻ، سنڌ ۾ ٽائيگر فورس تي جهيڙا ڪرڻ، ڪراچي کي الڳ صوبو چورائڻ، علي زيدي کان جي آءِ ٽي رپورٽ تي سخت پريس ڪانفرنسون ڪرائڻ کانپوءِ ٽي ٽي ڀيرا سنڌ جي وڏي وزير کي حاضر ٿيو اسلام آباد جا حڪمناما موڪلڻ کانپوءِ ڪهڙي اها نفسياتي جنگ آهي جيڪا هي کٽڻ چاهين ٿا؟
سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ جڏهن مراد علي شاهه پاور جنريشن جي معاملي تي چيو هو ته اسان پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ان لاءِ ميٽنگ ٿي آهي اهڙا معاملا لکت ۾ آڻڻ لاءِ چيو ويو آهي. تڏهن به مراد علي شاهه کان اهو سوال ڪيو هو ته ساڳئي انڊر ٽيڪنگ پنجاب کان به گهري وئي آهي جيڪڏهن بلدياتي چونڊن ذريعي سڄو ناڻو ايم ڪيو ايم يا پي ٽي آءِ کي ڪراچي ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ڇا باقي صوبن ۾ بلدياتي چونڊون ٿي ويون آهن.؟
احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جي پيش ٿيڻ دوران بلاول ڀٽو چيو هو ته منهنجي خاندان سان نفسياتي ويڙهه ڪئي پئي وڃي، ان ڏينهن به مون کي ياد آيو ته جڏهن پرويز مشرف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو تڏهن پرويز مشرف جي گاڏي رستي مان عدالت جو رستو وٺڻ بجاءِ سڌو راولپنڊي اسپتال پهتي جڏهن ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي بيماري واري حالت ۾ به عدالت ۾ آڻڻ لاءِ عمران خان جي حڪومت سندن ضمانتون ختم ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشس ڪئي آهي. جڏهن پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي جي معاملي تي اسلام آباد حاضري لڳائي ڪاميٽي ٺاهڻ تي مجبور ٿي آهي ته اهڙي فرصت کانپوءِ وفاقي حڪومت جي وفاقي وزير شبلي فراز اچي چيو آهي ته نيب کي درخواست ڪنداسين ته پرڏيهي وزارت معرفت برطانيا سان رابطو ڪري نواز شريف کي ملڪ واپس آڻڻ لاءِ چوي.
شبلي فراز نيب قانون ۾ ترميم لاءِ مخالف ڌر کان تجويزون گهرڻ کانپوءِ سندن تجويزون ڏيڻ واري اها لسٽ کڻي اچي پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريندي چيو ته هي تجويزون آهن جيڪي مخالف ڌر طلبي رهي آهي جنهن کي اين آر او نه چئون ته ڇا چئون،؟ اسان مخالف ڌر هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين. شبلي فراز کان ڪو پڇي ته اهي تجويزون ته نيب ترميمي آرڊيننس لاءِ قانون جي وزارت معرفت گهريون ويون هيون انهن تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو اڃان شروع ٿيڻو هو انهن تجويزن جي بنياد تي پارٽين کي اين آر او ڏيڻ جا طعنا ڏيڻ سان گڏ سندن تجويزون ميڊيا آڏو لهرائڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ان سان گڏ اهو چوڻ ته جيڪڏهن ايف اي ٽي ايف تي مخالف ڌر سهڪار نه ڪيو ملڪ بليڪ لسٽ ۾ اچي ويو ته ان جي ذميواري مخالف ڌر تي هوندي. مطلب ته جيڪڏهن ڪراچي جي مسئلي تي ڪاميٽي نٿا ٺاهيو ته گورنر راڄ به لڳي سگهي ٿو، ايف اي ٽي ايف جي مسئلي تي سهڪار ڪري قانونسازي نٿا ڪرايو ته نيب کي درخواست ڪنداسين ته مخالف ڌر جي اڳواڻن کي حاضر ڪري.
خبر ناهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪير ڪنهن کي ٿو بليڪ ميل ڪري؟ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي وارو اتحاد به الڳ پريس ڪندي نظر اچي ٿو ته پ پ ۽ ن ليگ وارا وري الڳ پريس ڪانفرنس ڪندي نظر اچن ٿا حقيقت ۾ مولانا فضل الرحمان عمران خان حڪومت کي ڪيرائڻ گهري ٿو جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ پنجن اڳواڻن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. خورشيد شاهه ۽ حمزا شهباز ته جيل ۾ آهن پر آصف زرداري ۽ نواز شريف جون ضمانتون ختم ڪرائڻ جون ڪوششون به ٿيندي نظر اچي رهيون آهن پر مولانا فضل الرحمان جي پارٽي في الحال اهڙي دٻاءَ ۾ ناهي پ پ ۽ ن ليگ تي اهو دٻاءُ آهي ته جيڪڏهن حڪومت خلاف تحريڪ هلائجي ٿي يا ايف اي ٽي ايف تي قانونسازي ۾ سهڪار نٿو ڪجي ته نيب کي ٽارزن ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار دا ٿو ڪجي ته مولانا صاحب جي پارٽي حڪومت جا سهولتڪار هئڻ جو طعنو ڏيڻ شروع ڪري ٿي. شبلي فراز کي اها پريشاني آهي ته نواز شريف لنڊن ۾ ويهي ڪافي پيئندي مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو سان فون تي ڳالهائي رهيو آهي پر پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف سان ڇو نٿو ڳالهائي ته شيخ رشيد کي اها پريشاني آهي ته مريم نواز شهباز شريف کي ٻوڙي ڇڏيندي. ايف اي ٽي ايف جي قانونسازي کان اڳ ۽ پوءِ ڇا ڇا ٿئي ٿو اهو ته ايندڙ ڏينهن تي ڇڏيون ٿا پر وفاقي وزيرن جي ٻن سالن واري جشن تي مون کي اهو ڏينهن ياد اچي ٿو جڏهن فاروق قيصر (انڪل سرگم) پنهنجي آمريڪا مان آيل ڌيءُ سان گڏ منهنجي آفيس آيو هو تڏهن هن ٻڌايو ته سندس نياڻي ان اسڪرپٽ لکڻ ۾ مدد ڪئي هئي جنهن ۾ انڪل سرگم پنهنجي ڪارٽونن وارن ڪردارن سامهون ملڪ جي ترقي ڪارڪردگي بيان ڪرڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن سندس ڪارٽونن وارا ڪردار انڪل سرگم آڏو احتجاج ڪندي نعرا هڻڻ شروع ڪن ٿا ته اسان کي اهڙي خوشحال پاڪستان وٺي هلو. هتي جڏهن وفاقي وزير پنهنجي ٻن سالن تي مشتمل ڪارڪردگي واريون پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا تڏهن اسان به انڪل سرگرم جي ڪارٽونن جيان اهو پڇڻ شروع ڪيون ٿا ته ڪٿي آهي اهڙو نئون پاڪستان؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *