تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ڪڪوريل ڪربلا ۽ رڻ ۾ پيل راتڙيون

محرم جو چنڊ شام جي لهندڙ ڳاڙهي سج کان پوءِ آسمان تي نمودار ٿئي ٿو امامن جو قافلو ڪوفي لاءِ سنبري روانو ٿئي ٿو، تاريخ جو هڪ ڏکيو موڙ اچي بيهي ٿو، جڏھن ڪوفي جا ماڻھو بار بار امام حسين عه جن کي خط لکي اها التجا ڪن ٿا ته سائين جن اسان وٽ مهرباني ڪري اچن ته اسان سندن بعيت ڪريون ڇاڪاڻ  ته هو يذيد جي ڪوڙي خلافت مان بيزار آھن.
ڪوفين ڪاغذ لکيو ، وچ وجهي الله 
اسين تابع تنهنجي ،تون اسان جو شاهه 
هيڪر هيڏي آءُ ، ته تخت تابيني تنهنجي 
آخر ڪوفين جي گهڻي اسرار تي حضرت امام حسين عه پنهنجي ساٿين سميت ڪوفي ڏانهن روانا ٿين ٿا، پاڪ بيبيون ، معصوم ٻارڙا ، ڊگهو سفر، سفر جون تڪليفون نيٺ امام عالي مقام جن جڏھن بابل جي سرحد تي پهچن ٿا ته کين معلوم ٿئي ٿو ته ڪوفي ڦري يزيد جا حمايتي ٿيا آھن، امام حسين عه جن جو قافلو جڏھن ڪربلا جي رڻ  ۾ پهچي ٿو ته سندن گهوڙو  ذوالجناح اڳيان هلڻ کان لنوائڻ لڳي ٿو ،امام عالي مقام ان وقت الله اڪبر چئي فرمائڻ لڳن ٿا؛
هي زمين ڪربلا جي آھي جتي مظلومن جو خون وهڻو آھي،  امام حسين عه جن آخرڪار اتي ئي خيما کوڙين ٿا ،يزيد ملعون ، امام حسين عه جي خاندان ۽ سندس ساٿين جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏي ٿو،امام حسين عه جي خاندان ۾ معصوم ٻارڙا ۽ پاڪ بيبيون اڃ ۾ تڙپنديون رهن ٿيون ، هڪ پاسي يزيد ملعون جي هزارن جي تعداد ۾ فوج، ٻئي پاسي امام عالي مقام حضرت حسين عه جا چند ساٿي ڪربلا جي رڻ ۾ ڀاري فوج سامهون حق ۽ سچ لاءِ جهيڙيندا رهن ٿا.
هوڏانهن هنن هاڪاريو ، هيڏھن هي هڻن ، 
سرنايو ن ۽ سنڌڙا ٻنهي پاسي ٻرن ،
گهوڙن ۽ گهوٽن ، رڻ ۾ لائون لڌيون ،
جنگ هلندي رهي، امام حسين عه جا ساٿي جام شهادت نوش ڪندا ويا، آخر ۾ امام حسين عه جا پٽ ۽ ڀائٽيا شهزادا وڃي بچيا،  نيٺ امام قاسم ، غازي عباس ، معصوم  امام علي اصغر، امام علي اڪبر سميت ڪيترائي شھزادا جڏھن ڪربلا جي تتل رڻ ۾ حق ،سچ ۽ رسول الله صلعم جن جي ڏسيل راهه تي  هلندي پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو ڏيئي چڪا هئا ته آخر ۾  امام حسين خيمن مان موڪلائي جنگ جي ميدان ۾ ڪاهيائون وڏي ويڙھاند کان پوءِ پاڻ به وڃي الله جي حضور ۾ حاضر ٿيا.
ڏاڙھي رت رتياس ڏند ته ڏاڙھون گل جيئن
چوڏھين ماهه چنڊ جيئن ، پڙ۾ پاڳڙياس
ميڙي ۾  محمد جي مر مرڪي ماس ،
تنهن سورهيه کي شاباس ، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي ،
انساني تاريخ ۾ حق ۽ سچ تي هلندڙ سورهين جي هيءَ وڏي ۾ وڏي آزمائش ھئي ۽ اهڙي آزمائش  اسلامي ۽ انساني تاريخ ۾ ڪٿي به  نه ٿي ملي ،جيتوڻيڪ دنيا ۾ آڳاٽي زماني ۾ نبين تي آزمائشون ضرور آيون، ليڪن اهي پيغمبر انفرادي طور مشڪلاتن ۾ آيا ۽ تڪليفون برداشت ڪيون ليڪن نبي حضرت محمد صلعم جن جي ڏوهٽن ۽ انهن جي خاندان تي جيڪا آزمائش آئي ان جو  درد ، نه فقط هڪ زماني ۾  ماتم جوروپ وٺي  ڪربلا جي دردن کي جهڪو ڪرڻ جو ذريعو رهيو آھي ليڪن ڪيئي صديون گذرڻ بعد به اهو درد ڪروڙين دلين ۾  نئين پڪار سان گونجندو رهي ٿو.   هر سال محرم جي مهيني اچڻ سان ڪربلا جي قضئي جا ڦٽ نئين سر چڪي پوندا آھن 
ڪامل ڪربلا ۾ ، آيا جنگ جوان ،
ڌرتي ڌٻي لرزي ،ٿر ٿليا آسمان ،
ڪره هئي ڪانه, هو نظارو نينهن جو
امام حسين عه  ۽ سندن ساٿين  جي قر باني بهادري ، همت، جرئت ، حق سچ جي حاصلات ، ۽ زندگي جي حقيقي ڪارج جو اهو اعليٰ نمونو ۽ انساني تاريخ جو وڏي ۾ وڏو مثال آھي، امام عالي مقام حضرت حسين عه جن  باطل اڳيان نه جهڪي نه فقط حق ۽ سچ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏنائون ،گڏوگڏ اسلام ۽ زنده ضمير کي بلند آواز جي گونج به بخشي ويا، اها گونج ڪربلا جي جهونجهارڪي جهڳڙي ۾جنهن ۾ رت جا ريلا وهيا هئا ۽ تلوارن تجلا ڪيا هئا پوءِ به سپوت سورهين ان منزل کي آسان سمجهيو هو ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين حق ۽ سچ جي سر بلندي خاطر اها گونجار گونجندي رهي ٿي ۽  اهو مثال انهن  سڀني مظلومن لاءِ اونداهي ۾ ڏيئي جيان اڄ به روشني وانگي چمڪي رهيو آھي .هونئن به انساني زندگي ٿورن ڏينهن لاءِ آهي محلن ۾ ھوندي به انسان مري وڃڻو آھي ته عام رواجي طرح رهندي به کيس دارالبقا ڏي ضرور وڃڻو آھي پر جيڪڏھن سچ ۽ حق خاطر  ڪنهن جنگ جي ميدان ۾  ڪنهن شينهن جيان گجندي تيرن تلوارن گولين ۽ بارودن سامهون ڪو بهادر  سينو ساهي پهنجي جان گنوائي ٿو ته اها زندگي نه فقط حقيقي سڦلتا ماڻي ٿي پر اهو سورمو تاريخ ۾ پوئين نسلن لاءِ ھمت ۽ حوصلي جو ڪرڻو بڻجي وڃي ٿو.
مر مرين آئون روئان ، موٽي آءُ م ڪانڌ
 ڪچن وڏا پاند ، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا ،
ڪربلا جون شھادتون ۽ سختيون الاهي عشق جو اهڃاڻ آھن امام حسين عه جن ۽ سندن عظيم خاندان شھادت جو اعليٰ مقام ماڻي نه فقط دين الاهي زنده ڪري ويا پر صدين تائين پاڻ به زنده ضمير دلين ۾  سدائين زنده رهندا پيا اچن ۽ تائين قيامت زنده رهڻا آھن  ان کي ئي زندگي جي حقيقي حاصلات چئجي ٿو
سختي شھادت جي ،مڙوئي ملار ،
ذرو ناهي يزيد کي ، اي عشق جو اثار ،
ڪسڻ جو قرار ، اصل امامن سين ،
امام حسين عه ۽ سندس خاندان جي شهادتن جي ڏک کي جهڪو ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو آھي ته سندن عظيم ڪردار جي پوئواري ڪئي وڃي ۽ سندن  حڪمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ دنيا ۾ ھر ظالم سامهون حق ۽ سچ خاطر  همت ، بهادري ۽ حوصلي سان اوچي ڳاٽ زندگي گذارجي جيڪڏهن ان سامهون ٿيڻ جي نوبت اچي ته بهادري سان ان جو ڀرپور مقابلو ڪجي ڇاڪاڻ ته جوڌا زندگي جي عظيم حصول خاطر جام شھادت پي زندگي جي حقيقي حز ماڻي.
محرم جو مهينو اسان کي اهو به ياد ڏياري ٿو ته ڪنهن به مشڪل  ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ گهرجي، امام حسين عه جنهن مشڪل ۽ آزمائش ۾ ھئا ان وقت به سندن مثالي صبر ۽ شڪر هو ،پاڻ ان وقت به  صبر سان ان صورتحال کي برداشت ڪن ٿا، جڏهن سندن پاڻي بند هجي ٿو، جڏھن سندن معصوم شھزادو امام علي اصغر ظالمن جي تير لڳڻ ڪري شهادت ماڻي ٿو جڏھن ڪوفي جا ظالم فوجي  ،خيمن کي باهه ڏين ٿا جڏھن امام سائين حضرت حسين عه جن جا ساٿي ۽ عزيز شھادتون ماڻي چڪا هجن ٿا.
دنيا ۾ اهي زندگيون ئي عظيم آھن، جيڪي دنيا لاءِ مثال بڻجي وڃن ٿيون  ڪربلا جو واقعو سن 61 هجري ۾ پيش آيو، ڪيئي صديون گذرڻ باوجود به امام حسين جي عظيم بهادري ،  جرئت ، سچ ۽ حق جي سر بلندي ۽ عظيم قرباني عيوض سندس محبت عقيدت ، هر دور جي ماڻھن جي دلين ۾  ڪنهن جوت جيان جڳمڳائيندي رهي ٿي .  ان عظيم قرباني کي ڪنهن به دور جي يزيدن لاءِ ميسارڻ ايئن آھي جيئن آڪاش منڊل ۾  چمڪندڙ چانڊاڻ کي روڪڻ.
حسن مير حسين کي  ، رنو ٽن ٽولن،
 گهر ماڙهين ، جهنگ مروئين اڀ ۾ ملڪن
پکين پاڻ پڇاڙيو ، ته لڏيو هوت وڃن
ٰ الا شهزادن  سوڀون  ڏين سچا  ڌڻي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *