تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڪڻڪ جي امدادي اگهه ۾ واڌ تي وفاقي حڪومت ڇو چڙيل آهي!؟

بدقسمتي آهي ته زرعي ملڪ هوندي سدائين زرعي شعبو ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهو ئي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن،نه حڪومتي پاليسين ۾ انهن کي اهميت ڏني ويندي آهي نه ئي وري اوپن مارڪيٽ ۾ انهن لاءِ ڪا گنجائش هوندي آهي ته اهي پنهنجي سڄي سال يا سيزن جي محنت جو صحيح اجورو حاصل ڪري سگهن،سدائين امدادي اگهن لاءِ کين احتجاج جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو آهي يا وري معمولي معاوضي تي پنهنجي محنت وڪڻڻ تي مجبور هوندا آهن،وري جڏهن ڪا آفت ڪا مصيبت ايندي آهي ته انهي دوران به سندن ڪو سار لهڻ وارو نه هوندو آهي اڪثر آبادگان جي فصلن جي ڪا انشورنس ئي ٿيل نه هوندي آهي سرڪاري سطح تي به ڪا اهڙي پاليسي نه جوڙي وئي آهي،جنهن ڪري ڪڏهن ٻوڏون ،ڪڏهن برساتون ته ڪڏهن ماڪڙ سندن فصل تباهه ڪري ڇڏينديون آهن ۽ هو پنهنجي محنت پنهنجي اکين آڏو لڙهندي ڏسي بيوسي جي تصوير بڻيل هوندا آهن. اهو ته سٺو ٿئي سنڌ سرڪار جو ان ٿورو گهڻو انهي پاسي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ زراعت واري صوبائي وزير اهو اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال کان فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جو سوچي رهيا آهيون جڏهن ته هن ڀيري ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2000 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ سان به آبادگارن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بهتري جي اميد پيدا ٿي آهي، جڏهن ته ڪمند جو امدادي اگهه اوترو مقرر نه ڪيو ويو آهي جيتري جي اميد يا مطالبو آبادگار ڪري رهيا هيا، توڙي جو کنڊ 55 رپين کان وڌي وڃي 110 رپيا في ڪلو پهتي آهي پر ڪمند جي سرڪاري اگهه ۾ في مڻ تي رڳو 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کي ڏسجي ته اها واڌ نه هئڻ برابر آهي جنهن کي به اڃان وڌائڻ جي ضرورت آهي.
ڪجهه وقت کان ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت هڪٻئي تي الزام هڻنديون رهيون ۽ انهي بحران ۽ اگهه وڌڻ جو هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏينديون رهيون.وفاق جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت وقت تي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ نه آڻي بحران پيدا ڪيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت جو موقف هو ته سنڌ واحد صوبو هو جنهن پنهنجو ڪڻڪ جو ٽارگيٽ پورو ڪيو ۽ ٻيا صوبا پنهنجو حدف حاصل نه ڪري سگهيا ۽ وفاق اڳواٽ ئي ڪڻڪ ٻاهر موڪلي هٿ سان بحران پيدا ڪيو آهي جنهن ڪري کوٽ به ٿي ته اگهه به وڌي ويا. وفاقي حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 1600 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ته آبادگارن ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن احتجاج ڪيو ته اهو اگهه گهٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي وڌايو وڃي، انهي احتجاج ۽ آبادگارن جي مطالبي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2000 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي سنڌ جي زرعي ماهرن ،زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ آبادگارن ساراهيو آهي انهن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه بهتر مقرر ڪرڻ سان ڪڻڪ ٻاهر وڪرو ٿيڻ جا امڪان ختم ٿيندا ۽ صوبي ۾ بحران پيدا نه ٿيندو ڇو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي اڳواٽ ٿيندي آهي جڏهن ڪڻڪ لهندي آهي ته ٻين صوبن ۾ وڌيڪ اگهه ملڻ لاءِ ٻاهر موڪلڻ سبب صوبي ۾ ان جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خطرو رهندو آهي يا وري پوءِ مهانگي اگهه تي ملي سگهندي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت جي انهي فيصلي تي شديد ردعل ظاهر ڪندي هڪ صوبائي حڪومت خلاف اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن جيڪي نه استعمال ڪرڻ گهرجن ها، ڇو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ اهو صوبن جو اختيار آهي ته اهي پنهنجي مرضي سان امدادي اگهه مقرر ڪري سگهن. اڳ ۾ پنجاب ۾ ڪمند جو امدادي اگهه سنڌ کان وڌيڪ هو،اطلاعات واري وفاقي وزير سنڌ حڪومت جي انهي فيصلي کي پريس ڪانفرنس ۾ شرپسندي سڏيو آهي جيڪي انتهائي غير مناسب لفظ آهن ۽ چيو ته اٽي ۽ کنڊ جي بحران ۾ سنڌ سرڪار جو ڪردار مشڪوڪ هو.جڏهن ته ڪورونا جي ڏينهن ۾ به وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ هم آهنگي نه هئڻ ڪري هڪٻئي خلاف الزام ڄڻ ته روز جو معمول هئا .
اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت جو ڪم وڏي وارو هجڻ گهرجي باقي صوبا آئين تحت مليل اختيار استعمال ڪن ٿا ته اها ڪا خراب ڳالهه ناهي، جيڪڏهن ٻيا صوبا پنهنجو هدف حاصل نه ڪندا ته ان جي سزا ڪنهن ٻئي صوبي جي آبادگارن يا زرعي شعبي کي ڇو ملڻ گهرجي ؟ جيڪڏهن سنڌ سرڪار سمجهي ٿي ۽ اهو بار کڻي سگهي ٿي ته ڪڻڪ جي امدادي اگهه 2000 رپيا في مڻ آبادگارن کي ملي سگهي ته ان سان زراعت جي شعبي کي ئي فائدو ٿيندو، جنهن تي وفاق کي ارهو ٿيڻ نه گهرجي هن وقت به پنجاب ۾ آبادگار سراپا احتجاج آهن ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه وڌايو وڃي. جڏهن وفاقي حڪومت صنعتن لاءِ پيڪيجز مٿان پيڪيجز جا اعلان ڪري رهي آهي ۽ تازو انهن لاءِ بجلي به سستي ڪئي وئي آهي ته پوءِ زرعي شعبي کي نظر انداز ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. وفاق سنڌ سرڪار تي ناراض ٿيڻ بدران صوبن سان گڏجي اهڙيون پاليسيون ٺاهي جيڪي زراعت کي فائدو ڏين، زراعت جو شعبو به ايئن ئي ملڪ لاءِ اهم آهي جيئن صنعتون ملڪي معيشت کي فائدو ڏين ٿيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *