تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

گئس جهڙي سهولت کان محروم ماڻهو

سنڌ ڪيترن ئي قدرتي معدنياتي وسيلن سان مالا مال آھي سنڌين جي خوش قسمتي اها آهي ته سنڌ ۾ ڪوئلي، سون گئس تيل سميت سمورا معدنياتي وسيلا موجود آھن ۽ سنڌين جي بدقسمتي اها آھي جو شاهوڪار سنڌ جو ماڻهو بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجي پيو جنهن جو سبب قدرتي وسيلن تي ڌارين جي قابض ھجڻ آھي. سنڌ ۾ گئس تيل ڪوئلي سون جا وڏا ذخيرا موجود آھن پر مقامي ماڻهو انهن سهولتن کان محروم آهن . سنڌ جي هڪ شاهوڪار ضلعي ڄامشوري جي ڳالهه ڪنداسون ته ان جي تعلقي مانجهند مان 1918ع کان ڪوئلي جون وڏيون وڏيون کاڻيون موجود آهن جڏهن ته ڄامشورو ضلعي تي قدرت جون مهربانيون آهن جو اتي تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا پڻ موجود آهن، پر افسوس آهي جو مانجھند تعلقي کي گئس کان محروم رکيو ويو آهي.
مانجھند شهر کي 2005ع ۾ تعلقي جو درجو ڏئي چيو ويو ته هاڻي رهواسين جا سمورا مسئلا حل ٿيندا اسسٽنٽ ڪمشنر ، مختيارڪار ، ٽي ايم اوز جون آفيسون هونديون جتي ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا پر 15 سال گذرڻ جي باوجود به مانجھند تعلقو سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. مانجھند تعلقي جي يوسي منظور آباد ، انڙپور ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا مليا جتي ٻاهر کان آيل ڪمپنيون چونڊيل نمائندن جي خاص آشيرواد سان پروڊڪشن ڪري رهيون آهن. پاڪستان جي قانون مطابق جتان قدرت جا معدني جا وسيلا دريافت ٿيندا آهن ته اتي جي 3 ڪلوميٽر تائين جي آسپاس جي ڳوٺاڻن کي رائلٽي ڏئي بينادي سهولتون ڏنيون وينديون آهن ۽ انهن ڳوٺن تي ڪمپني 10 سيڪڙو تعليم روڊ رستن تي خرچ ڪندي ۽ گئس يا تيل مفت ۾ ڏنو ويندو پر مانجھند واسين کي پئسن تي به ڪمپنيون گئس ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن.
مانجھند تعلقي ۾ گئس نه هجڻ جي ڪري 530 ڳوٺن شهرن جا رهواسي رڌ پچاءُ جي لاءِ سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن اڳ ۾ سنڌ جا ٻيلا آباد هوندا هئا ته ڪاٺين جو ڪو به مسئلو نه هوندو پر هن وقت جڏهن ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ته مانجهند تعلقي جا ماڻهو ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن. جنهن جي ڪري گھرن جو عورتون دونهين سبب مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن. تعلقي جي عوام سان هر دور ۾ ٻه اکيائي ٿيندي پئي اچي ڪڏهن ته پاڻي لاءِ دربد ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن بنيادي سهولتن نه ٿيون ڏنيون وڃن مانجھند تعلقي مان هميشه پيپلزپارٽي جا ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا پيا اچن ،
هن تعلقي جي عوام ڪڏهن ڀل ۾ به سهولتون نه ڏٺيون آهن. تعلقي جا ماڻهو اڄ به هن جديد دنيا ۾ پٿر واري دور جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. تعلقي مان وڏي پئماني تي گئس جا ذخيرا نه ملڻ باوجود به علي آباد کان لڪي شاھ صدر تائين ڪنهن به ڳوٺ يا شهر کي گئس جي سهولت ميسر ناهي جنهن جي ڪري سرندي وارا ماڻهو گئس سيلنڊر وٺي انهن تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا جڏهن ته غريب پورهيت طبقو گئس سلينڊر جي سگھه نه هجڻ جي ڪري اهو يا ته ڪاٺين جو بندوبست ڪري ٿو يا ته وري ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪري ٿو. غريب طبقي جي لاءِ اهو به آزار هوندو آهي ته جيڪڏهن اهو باھه ٻارڻ جو بندوبست ڪري ٿو ۽ اتفاق سان مزودري ته نه ٿو وڃي ته ان جا ٻچا بک تي ويٺا هوندا آهن ڇو جو هن تعلقي ۾ اڪثر غريب طبقو آهي.
مانجھند تعلقي ۾ ڪوئلي جون کاڻيون ، تيل ۽ گئس جي وڏا ذخيرا موجود آهن پر هن تعلقي جي عوام کي ڪا به رائلٽي نه ٿي ڏني وڃي هتان جو گئس ڪوئلو ۽ تيل سنڌ جي ٻين صوبن کي وڪرو ڪري ڏنو پيو وڃي ۽ تعلقي واسين کي ان کان به محروم رکيو ويو آهي مانجھند تعلقي جي علي آباد ، انڙپور مان گئس جا ذخيرا مليا ته تعلقي جي عوام کي وڏي خوشي ٿي ته انهن کي گئس ڏني ويندي رائلٽي سان گڏ بيروزگارن کي روزگارملندو پر تعلقي جي عوام کي ڪجهه ملڻ بدران سدائين وانگر گئس ذخيرن تي ڌارين جي لوڌ اچي قبضو ڪيو ۽ رهواسين کي نه رائلٽي ملي نه ٻارڻ لاءِ گئس نه روزگار مليو. ڪمپني جي اهڙي عمل خلاف انهي خلاف تعلقي مانجھند واسي سرگرم ٿيا ۽ پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ غير سياسي ڪميٽي جوڙي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي گڏجاڻيون ڪري هڪ جدوجھدي تحريڪ هلائي ڪمپني جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو جنهن کان پوءِ ڪمپني انتظاميا ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ٿي. اهي ڳالهيون ڊي سي آفيس ڄامشورو ۾ ٿيون لکت ڪئي وئي
مانجھند تعلقي جي عوام کي گئس ڏني ويندي پر هلندي هلندي ڪمپني انتظاميا انهن ڳالهين تان به ڦري وئي۽ گئس ڪڍي وڪرو ڪري رهي آهي پر هتان جي هواسين کي گئس نه ملي. آهستي آهستي اها تحريڪ به ماٺي ٿي وئي ۽ عوام کي ڪجهه به نه مليو .
هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر هن تعلقي جي عوام کي ڇو گئس کان محروم رکيو پيو وڃي، سنڌ جي ٻين شهرن کي به هن تعلقي مان گئس ڏني پئي وڃي ته ڇا هتي جي عوام جو ان گئس تي حق ناهي…؟ پر چوندا آهن ته رات جي انڌيري ۾ سج جي روشني نا ممڪن آهي هتي جي عوام کي گئس ملڻ مشڪل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعلقي واسين کي گئس ڏيڻ لاءِ هتان جون سياسي سماجي ڌريون ۽ چونڊيل نمائندا ڪوششون وٺن.
هن تعلقي جي عوام جي سان ٻه اکيائي آخر ڪيستائين جاري رهندي.جيڪڏهن سياسي سماجي ڌريون عوام کي حق وٺرائي ڏيڻ لاءِ اڳيان اينديون ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪنديون ته عوام به پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد هلائڻ لاءِ تيار ٿيندو ته کين هن جديد دور ۾ گئس جي سهولت ملڻ ڪو ايڏو ڏکيو مسئلو ناهي پر ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته علائقي جون سماجي ڌريون ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو اڳيان اچن ۽ انهن جي اڳواڻي ڪن. اسان وٽ مسئلو اهو ئي هوندو آهي ته پڙهيل لکيل ماڻهو ئي عوام جي مسئلن کان پاڻ کي لاتعلق ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ عام ماڻهو لاءِ ڪو آواز اٿارڻ وارو ئي نه هوندو آهي ،
ٻي مصيبت اها آهي آهي ته جتان به ڪا معدنيات ملندي آهي اها سهولت اتان جي مقامي ماڻهن جي ڄڻ نصيب ۾ ئي نه هوندي آهي ۽ اها سهولت ۽ نعمت ڌاريا استعمال ڪندا رهندا آهن ۽ مقامي ماڻهو بيوس ۽ لاچار ٿي ويٺا ڏسندا رهندا آهن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *