تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

گئس پيدا ڪندڙ صوبو ئي گئس کان محروم

ملڪ ۾ حالت انهي چوڻي جهڙي لڳي پئي آهي ته “ڪمائين هڪڙا ۽ کائين ٻيا”.ماڻهن کي پنهنجي وسيلن کان محروم ڪرڻ يا ٻين جي وسيلن جي استحصال جا ماضي ۾ تلخ تجربا ٿي چڪا آهن پر حڪمران پنهنجي روش کان مڙن نه ٿا،ڪجهه ڏينهن اڳ ئي وزيراعظم پاڪستان پاڻ اهو اعتراف ڪري رهيو هو ته بلوچستان جي جنهن علائقي “سئي ” مان گئس نڪتي ان بلوچستان جا اڪثر شهر اڄ به انهي گئس کان محروم آهن جڏهن ته باقي سڄي ملڪ ۾ اها گئس پهچي وئي ۽ استعمال به ٿي رهي آهي،سنڌ درياءَ تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي پر ان جي پاڻي تي ڊيم ٺاهي مٿيان علائقا سيراب ڪيا پيا وڃن بنجر زمينون به آباد ڪيون پيون وڃن پر انهي پاڻي تي شاداب ٿيندڙ سنڌ جون زمينون هاڻي ڀڙڀانگ هجڻ جو ڏيک ڏئي رهيون آهن ۽ سمنڊ زرخيز علائقن کي پائيندو اڳتي وڌي انهن کي غرق ڪندو پيو اچي.سنڌ ملڪي ٽيڪس ڪليڪشن ۾ سڀني کان وڏو حصو ڏئي ٿو پر موٽ ۾ ان کي پنهنجي اين ايف سي جو حصو به ڪٽوتي ٿي ملي ٿو،جنهن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪڙين محرومين ۽ پاڻ کي نظرانداز ٿيڻ جا لقاءُ جنم وٺن ٿا، پر ماضي ۾ ٿيندڙ زيادتين تي ڌيان ڌري انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ بدران هر حڪمران پنهنجي دور ۾ ٿيندڙ ننڍن صوبن سان زيادتين تي خاموش رهن ٿا يا انهي ۾ حصيدار ٿين ٿا،جنهن ڪري صوبن ۽ وفاق ۾ هڪڙيون بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون، هاڻي به اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تي سنڌ جو عوام اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته رڳو سنڌ جي عوام کي نقصان ڏيندڙ فيصلا ڇو ٿا ڪيا وڃن؟
ملڪ ۾ گئس جي کوٽ ڄاڻائي سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنز کي سياري جا 4 مهينا گئس نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،سئي سدرن گئس ڪمپني انتظاميا سي اين جي اسٽيشن ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ٻڌايو ته سياري ۾ گئس جو بحران وڌي ويندو جنهن ڪري اسٽيشنز کي گئس فراهم نه ڪري سگهنداسين ۽ اهي پنهنجون اسٽيشنون ايل اين جي تي منتقل ڪن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اهو صوبو آهي جيڪو ملڪ جي ڪل گئس پيدارا جو 70 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو پر ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ کي گئس ۾ پنهنجو پورو حصو ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر ان سان رهندو زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن جڏهن ته اصولي طور اهو طئه ٿيل آهي ته جنهن صوبي مان گئس يا ٻي معدنيات نڪرندي ان صوبي جي ضرورتن ۽ پوراءُ جو پهريون خيال رکيو ويندو ان کان پوءِ ٻين صوبن يا ملڪ جي حصن ۾ ان جو استعمال ڪيو ويندو ،هتي ته صورتحال ئي ابتڙ آهي سڄي سياري ۾ ٻين صوبن جون سي اين جي اسٽيشنون کليل رهنديون ۽ انهن کي گئس ملندي رهندي جڏهن ته گئس پيدا ڪندڙ صوبو ئي ان کان محروم رهندو ان کان وڌيڪ ٻي زيادتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
اسان سمجهون ٿا ته انهي فيصلي سان ماڻهن ۾ هڪڙي بي چيني پيدا ٿيڻ فطري آهي، گئس جي کوٽ جيڪڏهن پيدا ٿئي ٿي ته پهرين پيدا ڪندڙ صوبي جي ضرورتن جو خيال ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين صوبن کي انهي کوٽ ۾ حصيدار ٿيڻ گهرجي،ڇو ته سنڌ ۾ وڏي پئماني تي گئس نڪرڻ سبب سي اين جي اسٽيشنز جو وڏو ڄار وڇايل آهي 4 مهينا ان جي بندش سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *