تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

گجر نالي کان آئلينڊز اٿارٽي تائين

پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙڻ لاءِ جنهن مشڪوڪ نموني صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي،تنهن انهي شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي ڪوشش ڪا نئين ڳالهه ناهي،مشرف جي دور ۾ به ٻيٽن کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر سنڌ جي عوام جي مزاحمت سبب ان وقت جي سنڌ حڪومت ان جي مخالفت ڪئي جنهن ڪري اهي ٻيٽ وفاق پنهنجي قبضي ۾ نه وٺي سگهيو،ڪجهه وقت کان وٺي وري ترقي جي نالي ۾ انهن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جو ذڪر ٿيڻ شروع ٿيو جنهن تي اهو شڪ شروع ٿيو ته وفاق پنهنجي انهي منصوبي تان اڃان هٿ نه کنيو آهي ته ڪيئن سنڌ جا ٻيٽ قبضي ۾ وٺجن،جنهن ڪري ڪراچي جي ڪچري بهاني اوچتو ئي اوچتو وفاقي وزيرن کان وٺي وزيراعظم ۽ صدر تائين جون واپارين سان گڏجاڻيون شروع ٿيون،ڳالهه ڪچري ۽ گجر نالي جي هئي ۽ اندر ئي اندر کچڻي ٻي پچي رهي هئي جنهن ڪالهه اوچتو ڦاٽ کاڌو آهي.
مهينو اڳ 2 سيپٽمبر تي صدر مملڪت پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينت اٿارٽي جو آرڊيننس جاري ڪيو ان کي اهڙو ڳجهو رکيو ويو جو هيڏي ميڊيا ،سوشل ميڊيا هوندي اها خبر وڃي ٻه ڏينهن اڳ ظاهر ٿي آهي ته ڪو آرڊيننس جاري ٿي چڪو آهي نه ته ٿيندو اهو آهي ته ننڍي کان ننڍي مسئلي تي به ڪو آرڊيننس تياري هيٺ هوندو آهي تڏهن به سڄي ميڊيا ۾ ان تي ٻڙڌڪ مچي ويندو آهي پر هن هيڏي تڪراري مسئلي تي جاري ٿيل آرڊيننس جي ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي. جيئن ئي اهو آرڊيننس ظاهر ٿيو آهي ته سنڌ جي عوام روايتي ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊيا تي پنهنجو شديد ردعمل ظاهر ڪري رهيو آهي، گڏوگڏ بلوچستان جو عوام به انهي اٿارٽي کي پنهنجي ساحلي پٽي تي قبضي لاءِ خطرو سمجهي رهيو آهي. انهي آرڊيننس جي شقن کي پڙهجي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا اهي خدشا سو سيڪڙو درست ٿين ٿا. ون يونٽ وانگر اهو آرڊيننس صوبن جو پنهنجي ساحلي پٽين تان اختيار ختم ڪرڻ جو اهڙو پروانو آهي جيڪو سندن تاريخي حقن ۽ حدن کان محروم ڪري ڇڏيندو. 25 صفحن تي ٻڌل انهي آرڊيننس مطابق ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي ترقي لاءِ اهڙي اٿارٽي جوڙي وئي آهي جيڪا اتي جي زمين پاڻ وٽ رکڻ ليز تي ڏيڻ،گروي رکڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ڪمپني کي ڏيڻ جي مجاز هوندي، انهي اٿارٽي کي نه ڪنهن عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهبو نه ئي جنهن صوبي جي حدن ۾ اهي ٻيٽ آهن اتان جي عوام جي چونڊيل حڪومت انهي تي ڪڇي سگهندي. مطلب جنهن صوبي جي ملڪيت آهي ان جي مرضي کانسواءِ وفاق انهي تي قبضو ڪندو جيڪا صوبائي ملڪيت ڄاڻايل آهي پوءِ اهو سنڌ جو ساحل هجي يا بلوچستان جو. وفاق جون اهڙيون ڪوششون ته گهڻي وقت کان جاري هيون پر اصل حيرت ۽ سوال سنڌ حڪومت جي ان ڪردار تي آهي جيڪا مهينو اڳ جاري ٿيل آرڊيننس باوجود خاموش ويٺي رهي ڇو ته پنهنجي صوبي جي ملڪيت جي حفاظت جي ذميواري انهي سنڌ حڪومت تي آهي جنهن کي عوام ووٽ ڏئي اقتدار ان جي حوالي ڪيو آهي .جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي انهي آرڊيننس جي جاري ٿيڻ جي خبر نه هئي تڏهن به اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته وفاق هڪڙي صوبي کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهڙو آرڊيننس ڪيئن جاري ڪيو جنهن جي ملڪيت تي هو اها اٿارٽي ٺاهڻ وڃي رهيو هو پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت خبر هوندي اها خاموشي اختيار ڪئي آهي ته هن پنهنجي ووٽرن جي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي جن کيس ووٽ ڏئي پنهنجي ملڪيتن ۽ صوبي جي حفاظت جي ذميواري ڏني. آئين کي اورانگهي ڪنهن به صورت ۾ اڳتي وڌي نه ٿو سگهجي جڏهن آئين جو آرٽيڪل 172 ۾ اهو لکيل آهي ته 12 ناٽيڪل ميل(زميني 60 ميل) تائين سامونڊي حدون صوبي جي ملڪيت آهن ته پوءِ وفاق ڪيئن ان تي پنهنجي اٿارٽي ٺاهي سگهي ٿو.ترقي جو اهو مطلب هرگز نه ٿو ٿي سگهي ته آئين کي اورانگهي ،مقامي ماڻهن کي لتاڙي ۽ صوبائي صودمختياري کي نظر انداز ڪري پنهنجا فيصلا مڙهيا وڃن.
اسان سمجهون ٿا ته ماضي ۾ اهڙن فيصلن جا ڪيترائي ناڪاري نتيجا نڪتا آهن،سنڌ حڪومت کي به پنهنجي خاموشي ٽوڙي پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جي عوام ته فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي تاريخي حقن ۽ حدن تي ڪنهن به قبضي جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *