Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_114h0058r7sjf6k3sb9of4kq9p, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
گلشانه جا ايلاز اڃان اچن پيا... - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar گلشانه جا ايلاز اڃان اچن پيا... - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

گلشانه جا ايلاز اڃان اچن پيا…

جيڪڏهن ڌرتيءَ تي زلزلا زمين جي تهن جي چرپر ۽ ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ جهڙن سائنسي سببن بدران مظلومن جون آھون عرش تي پهچڻ سان اچن ها ته ان ڏينهن عربي سمنڊ جي تهن ۾ زميني پليٽن ۾ ڪا اهڙي چر پر ضرور پيدا ٿئي ها جنهن سان سنڌ جي ساري ڌرتي ڌڏي وڃي ها جنهن ۾ سانگهڙ جو “کاهي” نالي وارو شهر شايد گوگل جي سيٽلائيٽ نقشي ۾ وري ڪٿي نظر نه اچي ها! هي اهو ئي سانگهڙ جو “کاهي” آهي جتي تر جي وڏيرن صلاح ڪري 25 ورهين جي مظلوم عورت گلشانه کي ايئن قتل ڪيو جيئن شوقين شڪاري جيئري پڪڙيل جانور کي نشانو چٽو ڪرڻ لاءِ ماريندا آهن.
اهو گذري ويل ڇنڇر جو ڏهاڙو هيو جڏهن سانگهڙ جي اسپتال ۾ بنا پوسٽ مارٽم جي  گوليون لڳل هڪ لاش کي کڻڻ لاءِ سندس پيءُ ۽ هڪڙي ڀاءُ کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪونه هيو.
پوسٽ مارٽم جو قانون وساري ويٺل اسپتال انتظاميا وٽ گلشانه جو لاش ڳوٺ پهچائڻ لاءِ پراڻي ماڊل واري  ڀڳل سڳل ڪا ايمبولينس به موجود نه هئي ان ڪري سندس پيءُ پنهنجي ڌيءُ جي ٿڌي ٿي ويل جسم کي ٻک ۾ کڻي  سوزوڪيءَ جي ڊالي ۾ اچي اڇلايو. 
۽ جڏهن گلشانه جو لاش سندس ڳوٺ پهتو ته شرن سميت ڳوٺ مان ڪنهن به ماڻهوءَ گلشانه جي “ناپاڪ” لاش کي دفنائڻ لاءِ سندس پيءُ جي مدد نه ڪئي. 
سوشل ميڊيا جي اڄوڪي تيز ۽ تڪڙي دور ۾ ڪنهن به ٽچ موبائيل جي ڪئميرا ۾ ڪوبه اهڙو فوٽو ڇڪجي نه سگهيو جنهن ۾ گلشانه جي جنازي کي ڪي ٻه چار ڪانڌي ڪلهو ڏيندي ڏسڻ ۾ ايندا هجن!رت ۾ لت پت ٿيل گلشانه جي ٿڌي ٿي ويل لاش کي ڪهڙي خبر ته سندس مٽيءَ هاڻي لاش کي غسل ڪرايو ويو يا نه؟ 
ڪتبي ۽ قبر جي نشانن کان سواءِ ئي مٽيءَ ۾ مدفون ٿيل سانگهڙ جي سانوري ڇوڪريءَ کي ڪفن به بافتي بدران انهن سنهري رنگ وارن ڪپڙن جو پهريل هيو جيڪي گوليون لڳڻ کان پوءِ سندس جسم مان وهي آيل ڳاڙهي رت سبب اڃان به وڌيڪ رنگين ٿي پيا هئا. 
هاڻي ته هن مرداڻي سماج ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ به عورتن جي حقن جي نالي تي فيشن بڻيل آهي ان ڪري گلشانه شر کي اڳواٽ ڪيل فيصلي موجب  ڳولي ڳولي مارائيندڙ  وڏيرن کي خبر آهي ته اخبارن جي سمورين سرخين ۽ فيس بوڪ جي پوسٽن جي عمر اڌ هفتي کان وڏي ٿي نٿي سگهي.گلشانه شر کي خانداني ڪيٽيءَ ۾ پاليل جانور جيان سندس شڪار ڪندڙ وڏيرن کي اها به خبر آهي ته حڪومتي ادارن جا عملدار جتي روڊ جي ابتي پاسي کان ايندڙ گاڏين کي ڏهن رپين جي خرچي عيوض سلام ڪري ڇڏي ڏيندا هجن، جتي جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر منهن تي پاتل ماسڪ به پنهنجن پئسن تي خريد ڪندا هجن اتي صدين کان اڇڙي ٿر جون سانوليون ڇوڪريون ڪاريون ڪري ماريندڙ ننڍن ۽ وڏن وڏيرن ۾ ڪير هٿ وجهي سگهندو؟ 
گلشانه کي رڳو ڪاري ڪري ماريل هڪ عورت جي نگاھه سان ڏسڻ بدران جيڪڏهن کيس وڏيرڪي سماج جي وحشي ريتن جي ور چڙهيل هڪ مظلوم انسان جي روپ ۾ ڏسجي ته ڇا پئسن تي وڪاميل قانون جي رکوالن کان وٺي مذهبي لبادا پائي ويٺل ملن تائين اسان سڀئي هن ظلم جا ڀاڱي ڀائيوار ناهيون؟ڇا ڪلهن تي ڦول سجائي سانگهڙ جي وڏين اوطاقن تي هرڻن جون پڪل رانون ڪُرٽيندڙ پوليس آفيسر گلشانه جي امڪاني قتل کان اڻ واقف هئا؟
سڄي سنڌ جي ڏٺل اها وڊيو جنهن ۾ مرڻ کان ڪيئي ڏينهن اڳ گلشانه پنهنجي وات سان زندگي بچائڻ لاءِ ايلاز ڪري رهي آهي، ڇا اها وڊيو سانگهڙ جي ان ايس ايس پي ڪونه ڏٺي هوندي جنهن کي سندس پي آر او اخبار جي ڪنڊ ۾ لڳل سانگهڙ پوليس جي سنگل ڪالم واري خبر جي ڪٽنگ به صبح جو سوير سندس ٽيبل تي آڻي رکندو آهي پر الميو رڳو پئسن جي پويان ڊوڙندڙ پوليس جو ڪونهي، سڄي سنڌ مان ڪو ھڪ آواز به اهڙو ڪونه گونجيو جنهن ۾ گلشانه جي زندگي بچائڻ جي سڏ جو پڙاڏو هجي.. 
چون ٿا ته ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهوءَ گلشانه شر جي جنازي نماز نه پڙهي، نه ئي ڳوٺ جي ان عورت کي گلشانه جي گهر وڃڻ جي اجازت ملي جيڪا مري ويل ماين کي غسل ڏيندي آهي. ڇنڇر واري ڏينهن هڪ عورت جو لاش ڳوٺ اچڻ باوجود  کاهيءَ جي هَٽن تان ڪفن جو ڪپڙو خريدڻ به ڪير ڪونه پهتو…جو بائيڊن جي کٽي اچڻ تي سرهائي محسوس ڪندڙ هيلوڪي سنڌ ۾ هڪ بيگناھه ماريل نوجوان عورت جي موت تي ڳوٺ ۾ سندس تڏو به وڇائجي نه سگهيو…
جيتوڻيڪ وڏيرن جي ٻڌايل فيصلي موجب گلشانه کي مارڻ سندس پيءُ جو فرض هيو پر صدين جون ريتون رسمون هن ڀيري هڪڙي هنڌ پيءُ جي پيار  آڏو ٿوري دير لاءِ هار کائي ويون ۽ فيصلو ٻڌائيندڙ تر جي چڱن مڙسن جي دڙڪن ۽ دهمانن باوجود گلشانه جو پيءُ کيس پهنجي هٿن سان گولي هڻي ماري ته نه سگهيو پر ڏسڻو اهو آهي ته ڳوٺ ۾ اڪيلو ٿي ويل گلشانه جو پيءُ قاتلن مٿان داخل ڪرايل ڪيس تان هٿ کڻڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳائي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪجھه ڏينهن جي سماجي پريشر سبب پوليس روايتي طريقن سان ڪيس جي ٿڌي ٿيڻ جو ٿورڙو انتظار ڪندي ۽ پوءِ جڏهن بيوسين جي بار هيٺان دٻيل گلشانه جو پيءُ ڪورٽ ۾ خون معاف ڪرڻ يا قاتلن سان ٺاھه ڪرڻ جو بيان لکي ڏئي ايندو تڏهن قاتلن جو ڪيس ختم ٿيڻ واري خبر غير اهم ٿي چڪي هوندي. 
اخباري دنيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي چڱي ريت خبر هوندي آهي ته اهڙن واقعن جن تي ماڻهو مڇرجي پوندا آهن تن ڪيسن جي آيف آءِ آر تر جي چڱن مڙسن ۽ حد جي پوليس جي گڏيل مشوري سان  هاسيڪار اهڙي ماڻهوءَ جي فرياد تي داخل ڪئي ويندي آهي جيڪو پنج ڇھه مهينن کان پوءِ اڳواٽ طئه ٿيل ڳالهين موجب ڪيس تان هٿ کڻي ويندو آهي.پر جيڪڏهن حقيقي فريادي سامهون اچي به ويندو آهي ته تمام تر ڪوششون ڪرڻ کان پوءِ کيس خبر پوندي آهي ته دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ.
پر ڳالھه اتي ختم نٿي ٿئي، سماجي شعور جي ساٿ ۽ فريادي جي ڪيل سمورن ڪوششن کان پوءِ جڏهن اهڙي قسم جو ڪو ڪيس داخل ٿي به وڃي ٿو ته پوءِ وري شروع ٿين ٿيون عدالت جون اهي ڪربناڪ ڪهاڻيون جن ۾ وڪيل جي ڳرين فين کان وٺي تاريخن مٿان تاريخن جو اهو سالن جو سفر هجي ٿو جنهن ۾ هڪ مظلوم ۽ مسڪين ماڻهو هلي هلي ٿڪجي پوي ٿو ۽ جيت وري به ٿئي ٿي ان وحشي وڏيري جي جيڪو هر روز ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن گلشانه جهڙي گل کي مروڙيندو رهي ٿو.سڄي سنڌ وانگر سانگهڙ جي سنڌڙيءَ ۾ ڪاري ڪري ماريل هيءَ ڪا پهرين عورت ڪانهي،پر سنڌ جون نياڻيون هر وقت غيرت جي نالي تي جرڳا ڪندڙ بيغيرت وڏيرن جي بندوقن جي ناليءَ تي آهن، سنڌڙي جي ساڳئي علائقي ۾ رڳو ڪجھه ڏينهن اڳ گلشانه وانگر ئي فهميده شر کي به ڪاري ڪري ماريو ويو،  فهميده شر کي پسند جي شادي ڪرڻ جي ڏوھه ۾ فيصلو صادر ڪري ماريو ويو، چون ٿا ته راڄوڻي ذريعي پاڪ ڪتاب جي قسم تي واپس ڪرايل فهميده شر کي وحشتناڪ طريقي سان قتل ڪيو ويو، پر ان کان اڳ جو فهميده جي ناحق خون سان ڪو تر جيترو به انصاف ٿئي مٿان وري گلشانه کي به ساڳيءَ سفاڪيءَ سان ماريو ويو.
لڱن ۾ سيسڙاٽيون وجهندڙ ڳالھه اها آهي ته گلشانه شر پاڻ مٿان ڪارنهن جو الزام لڳڻ ۽ قتل ڪرڻ جو فيصلو صادر ٿيڻ بعد دارالامان ۾ پناهه ورتي ۽ سوشل ميڊيا تي هليل وڊيو بيان ۾ هوءَ پاڻ بچائڻ جا ايلاز ڪندي رهي پر فهميده وانگر گلشانه کي به پاڪ ڪتاب تي قتل نه ڪرڻ جي ساک ڏئي دارالمان مان وٺي بي دردي سان ماريو ويو.
جيتوڻيڪ هن وقت سانگهڙ جي فهميده شر ۽ گلشانه شر پاڪ ڪتاب جي ساک تان ڦريل“غيرتمند” وارثن هٿان قتل ٿي بنا غسل ۽ ڪفن جي قبر جي نالي تي زمين جي کڏ ۾ دفن ٿي چڪيون آهن پر فهميده ۽ گلشانه جون پاڻ بچائڻ لاءِ ڪيل ايلاز واريون وڊيوز اڄ به سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن…

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *