Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9llngkler4hlhjjrcmm7ckfdqt, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
گلگت بلتستان جون چونڊون: شڪايتن جو ازالو ٿيڻ گهرجي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar گلگت بلتستان جون چونڊون: شڪايتن جو ازالو ٿيڻ گهرجي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

گلگت بلتستان جون چونڊون: شڪايتن جو ازالو ٿيڻ گهرجي

اڳوڻن اترين علائقن کي پاڪستان جي خودمختيار خطي جي حيثيت حاصل آهي. اهو علائقو تاريخي طور تي ڪشمير جو حصو سمجهيو ويندو آهي. هن علائقي جي ڪل پکيڙ 72 هزار 971 چورس ڪلوميٽر يا 28 هزار 174 چورس ميل آهي. ان جي آبادي 12 لک 48 هزار فردن تي مشتمل آهي جڏهن ته اتي قانونساز اسيمبلي جون ڪل 24 عام سيٽون آهن جن مان 23 تي ڪالهه چونڊون ٿيون آهن. انهن تڪن ۾ ووٽرن جو انگ 7 لک جي لڳ ڀڳ آهي. ڪالهه چونڊ عمل پرامن نموني ٿي گذريو ڪنهن به جاءِ تان ڪنهن وڏي گڙٻڙ جا اطلاع نه مليا آهن. ماڻهن به وڏي جوش خروش سان چونڊن ۾ حصو ورتو. 98 سالن جو هڪ شهري پاڻ هلي پولنگ بوٿ تي آيو ۽ اچي ووٽ ڏنو. ڪجهه ڪراڙين عورتن کي سندن گهر جا ڀاتي ڪلهن تي کڻي آيا. سوا لک کان وڌيڪ نوجوان ووٽر هئا جن کي پهريون ڀيرو ووٽ وجهڻ جو موقعو مليو. 2008ع ۾ قائم ٿيل پيپلز پارٽي جي حڪومت ارڙهين ترميم وسيلي گلگت بلتستان کي نامڪمل صوبي جو درجو ڏنو ۽ پهريون ڀيرو گلگت ۾ وڏو وزير، گورنر، اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿيا. پهرين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي ۽ سيد مهدي شاهه اتي جو پهريون وڏووزير مقرر ٿيو. جڏهن ته 2015ع جي چونڊن ۾ وري اتي مسلم ليگ نواز جي حڪومت قائم ٿي ۽ حفيظ الرحمان وڏو وزير بڻيو. هي ٽيون ڀيرو چونڊون ٿيون آهن، جن جا نتيجا اچي رهيا آهن. هن سال جي چونڊن ۾ وڏي ڳالهه آهي ته تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت آهي ۽ هيستائين جي آيل غيرحتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي ئي سرسي حاصل آهي. اهو ان ڪري به آهي جو اڪثر آزاد ڪشمير يا گلگت بلتستان ۾ ان ئي پارٽي جي حڪومت قائم ٿيندي آهي جنهن جي وفاق ۾ حڪومت هوندي آهي. اها روايت رهي آهي ۽ هن ڀيري جا نتيجا به اهو ئي ڏس ڏئي رهيا آهن. تنهن هوندي به مخالف ڌر جي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز ڌانڌلي، چونڊ نتيجا روڪڻ ۽ ڳڻپ ۾ گڙٻڙ جون شڪايتون ڪيون آهن. ملڪ جي سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه سٺي نه آهي ته ڪنهن به چونڊ عمل تي ڪي آڱريون کڄن ۽ انهن جي شڪايتن کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي نظرانداز ڪيو وڃي.
گلگت بلتستان جي چونڊن جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي واضح برتري حاصل آهي ۽ اها اڪيلي سر يا وري پنهنجي اتحادي مذهبي پارٽين جي مدد سان حڪومت ٺاهي ويندي. مجموعي طور تي 33 سيٽن مان جنهن 17 سيٽون کڻندڙ پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ويندي. هيستائين جي نتيجن موجب 23 عام سيٽن مان 9 تي تحريڪ انصاف ۽ 4 تي سندس اتحادين کي سرسي حاصل آهي اهڙِي ريت هو آرام سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندا، ڇاڪاڻ ته اڃا خاص سيٽون به ملڻيون آهن. تنهن هوندي به پيپلز پارٽي جي اڳواڻن الزام هنيا آهن ته چونڊن ۾ منظم انداز ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. چونڊ عمل کي سست رکيو ويو ته جيئن گهٽ ماڻهو ووٽ وجهن. شام 5 وڳي پولنگن ۾ اندر موجود ماڻهن کي به ووٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ کين ٻاهر ڪڍيو ويو. جڏهن ته نواز ليگ جي شڪايت آهي ته سندن اميدوارن کي کسيو ويو. جڏهن ته حڪومت ووٽرن کي لالچون ڏنيون. پر اليڪشن ڪميشن ان جو ڪو به نوٽيس نه ورتو. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ ووٽ وسيلي حڪومتون قائم ٿين ۽ ختم ٿين ته اهو ئي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن ڪنهن کي ڪي شڪايتون آهن ته انهن جو ازالو ڪيو وڃي ۽ سمورين ڌرين جو چونڊن تي اطمينان بحال ڪرايو وڃي جيڪا ئي جمهوري عمل جي سوڀ آهي ۽ ان سان ئي اصل جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *