Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ajh257kkd5hjdl5s1lfj9t2l8u, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
گمس تي حملو ۽ شڪايت کڻي آيل خواب - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar گمس تي حملو ۽ شڪايت کڻي آيل خواب - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

گمس تي حملو ۽ شڪايت کڻي آيل خواب

انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ آمريڪي اڳواڻ ۽ هيري سيزر شاويز هڪ هنڌ چيو ته سماج توڙي حڪومتن کي تاريخ ان نظر سان نه توريندي يا ڏسندي ته هنن ڪيترا وڏا ادارا ٺاهيا يا هو ڪيترن طاقتور ۽ شاهوڪار ماڻهن کي ڪم آيا پر تاريخ اهو ڏسندي ۽ ياد ڪندي ته اهي ادارا ڪيترن ڪمزور ۽ غريب ماڻهن کي ڪم آيا. مون کي شاويز جي هي ڳالھه تڏهن ياد آئي جڏهن گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي آفيس تي حملو ڪري سندس غير موجودگي ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻئي ملازم کي زخمي ڪري ديده دليري سان حملو ڪندڙ گار گند به ڪندا رهيا. وائرل ٿيل وڊيو ۾ ملازم جي چهري تي ڌڪن جا نشان ۽ ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙا سواليه انداز ۾ حڪومت توڙي اسان جي هن پوري سماج کان ڄڻ ته پڇي رهيا هيا ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ پنهنجن هيرن جو قدر ڇا هيئن ڪيو ويندو آهي جو هڪ ڪمري کان ڪم شروع ڪندڙ هڪ سفيد وارن واري ڪراڙي مڙس نه صرف هڪ خواب لڌو پر هن پنهنجي ئي حياتي ۾ ان خواب جي ساڀيان لاءِ دل ۽ دماغ جا دروازا کولي نه صرف ديوارون اڏڻ شروع ڪيون پر اکين جي اوجاڳن سان گڏ اکين جو خون ڏئي اهڙو ته انفرااسٽرڪچر جوڙي پوري ملڪ کي حيران ڪندي ثابت ڪيو ته ڪرڻ وارا هيئن به ڪري ڏيکاريندا آهن. پهريان ته هن ڪراڙي مڙس کي عطائي ميڊيائي جوڌن سميت ڪيترن ئي ڌنڌوڙي ۽ جڳاڙي ماڻهن نه صرف شڪاري نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو پر پيٽ پوڄا لاءِ هن تي اجايا سجايا الزام هڻي فائدا وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر هن ڪراڙي مڙس رحيم بخش ڀٽي جي دل ۾ ڊوڙندڙ گلابي خوابن جهڙي رت مان شيخ اياز جي هنن سٽن جا رنگ پئي اڏريا ته
اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا، جنهن جي روز جواب ۾ جرڪيا پنهنجا جام.
ايئن هو نه صرف در، ديوارون پر درد جو دارون دوا ۽دل جي بيمارين کان وٺي جگر ۽ گردي جون مشينون گڏ ڪندي ايئن ڊوڙندو رهيو جيئن ڪنهن ان شاعر جو علاج ڪرڻ لاءِ سندس دل جهٻو کاڌو هوندو جنهن وڏي سوز مان ڳايو هيو ته
درد دل جي دانهن، ڪنهن کي ڪونه ڏينداسين،
پنهنجا ڳوڙها پاڻ روئي پي ڇڏينداسين!
اديب رضوي کان عبدالستار ايڌي تائين، ايم بي عباسي کان وٺي ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي تائين سفر ڪندڙ ماڻهو عام بدران خاص ان ڪري آهن جو هو فڪر، فهم ۽ ادراڪ ۾ بلڪل منفرد ۽ پنهنجي ذات ۾ ڀاڳوند ماڻهو هيا ۽ آهن جيڪي خاص نظريئي، نظر ۽ فهم سان نه صرف اڳتي وڌيا پر عملي ڪم ڪري ڏيکاريو اٿن. هي سڀ ماڻهو مون کي رابندر ناٿ ٽئگور جي ان چوڻي جي عڪس ۽ نموني وانگر لڳندا آهن جنهن ۾ هن چيو ته مان تسس ۽ خواب ڏٺم ته زندگي خوشي جو نمونو آهي ۽ جاڳيم ۽ ڏٺم ته زندگي خدمت ڪرڻ جو نالو آهي. مون عمل ڪيو ۽ محسوس ٿيو ته خدمت ڪرڻ سان ئي خوشي حاصل ٿئي ٿي. مون کي پڪ آهي ته دنيا جي سڀني خدمتگارن کان وٺي ڊاڪٽر ڀٽي تائين انهن سڀني ماڻهن خوابن، عملن ۽ خدمت جو مزو وٺندي ٿڪل اکين کي ڪيترا ئي ڀيرا پرچائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو هوندو ته اي اکڙيون متان سمهي پيون آهيو. ڇو ته کين خبر هئي ۽ آھي ته جاڳڻ سان ئي زندگي جو اصل مزو ماڻي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر ڀٽي سان منهنجون جملي ٽي ملاقاتون ٿيون آهن. مون سندن اکين مان خواب چورائڻ جي ڪوشش ڪندي کيس ايئن ويجهڙائي کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن ڪو عاشق شاعر محبوبا جي سمنڊ جهڙين اکين ۾ ترڻ ۽ ٻڏڻ چاهيندو هجي پر هو هر ڀيري ڊڪ ڊوڙ ۾ رهندي جگر، گردي، دل ۽ اکين جي پيوندڪاري کان ڪينسر جي مريضن جي علاج ۽ نانگ کاڌل ماڻهن جي علاج واري ويڪسين کي ڳولڻ لاءِ ٿر بر جي ٿڪائيندڙ سفر جيان ڪڏهن ڪئناڊا ته ڪڏهن آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ پاڻ کي ڊوڙائيندي نظر ايندو رهيو.
هاڻ جڏهن لفظي حملن ۽ لکڻين کان پوءِ سندس آفيس تي حملو ٿيو ته مون وٽ ڪجهه خواب آيا ۽ روئڻ شروع ڪندي اٻاڻڪا ٿي چوڻ لڳن ٿا ته اسان کي رحيم بخش ڀٽي جيان ڪير ميڙي سهيڙي گمبٽ شهر ڀرسان روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي گلن جيان ڪونڊين ۾ رکي پاڻي پياريندو مان خوابن جي شڪايت کڻي هي ڪالم لکندي روئي به رهيو آهيان ۽ سوچي رهيو آهيان ته اسان زنده ڪردارن جو قدر ڪرڻ ڪڏهن سکنداسين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *