تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

گندگي جي ور چڙهيل حال ۽ معطر ٿيل ماضي

ان ڏينهن موهن جو دڙو ايئرپورٽ کان واپس لاڙڪاڻي شهر ايندي سرڪيولر روڊ وٽان گذر ٿيو ته اچانڪ ايترو دونهون سامهون اچي ويو جو پنجاب جو اسموگ الرٽ ياد اچي ويو،پر مون دوستن کي ياد ڏياريو ته هي لاهور ناهي جتي ڪوهيڙو ايترو جلدي ڇائنجي ويندو هجي جو روڊ تي ڪجهه نظر ئي نه اچي پر هي لاڙڪاڻو آهي جتي ميونسپل انتظاميا سمورو گند ڪچرو شهر جي اهڙي انٽري پوائنٽ تي اڇلي وڃي ٿي جتان شهر جون حدون شروع ٿين ٿيون .ان سان ٻاهران ايندڙ ماڻهو وٽ لاڙڪاڻي شهر جو پهريون آڌرڀاءُ يا پهريون اميج گندگي ۽ ان گند کي ساڙيندڙ دونهون ڪري ٿو.اهڙي حالت ڏسي مون چيو ان کان ته لاڙڪاڻو ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ سٺو هوندو هيو جنهنڪري لاڙڪاڻي کي باغن جو شهر سڏيو ويندو هيو ته هڪ دوست طنز ڪندي چيو سائين توهان سدائين ماضيءَ ۾ رهندڙ مخلوق آهيو ڪجهه هاڻوڪين حالتن ۾ اچو سرڪار..مون سندس ڳالهه تي غور ڪندي ڪندي ڪجهه وڌيڪ غور ڪري ورتو ۽ سوچڻ لڳس ته واقعي ڪٿي اسان چريا ته ناهيون جو سنڌ جي شهرن جو ماضي تلاش ڪندي انهن جي ساراهه ڪندا پيا وتون ۽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ جيڪا سٺائي ٿئي پئي انکي نظرانداز ڪري رهيا آهيون.مون گهڻو ئي غور ڪيو ۽ ان نوجوان کان به پڇيو پر مونکي لاڙڪاڻو ته ڇا سنڌ جي ڪنهن به شهر جو حال اهڙو بهترين ته ڇا بهتر به ڪونه لڳو جو ان جي ڀيٽ سنڌ جي ماضيءَ وارن شهري حالتن سان ڪري ڪو فخر ڪري سگهجي. ڇا شڪارپور جا ماڻهو شهر جي هاڻوڪي حال واري ان بيرحم حالت تي فخر ڪندا جتي ڪنهن سنگدل هاڻوڪي شڪارپوري پاران هڪ عيسائي مشنري ڊاڪٽر ۽ هڪ هندو سخي مرد جي گڏيل ڪوششن سان جوڙيل اسپتال تي قبضو ڪري نجي هائوسنگ پروجيڪٽ شروع ڪيو هجي.ڇا هاڻوڪي حال يعني 2020ع واري شڪارپور کان اها 1940ع واري ڏهاڪي جي شڪارپور بهتر ڪونه هئي جتي سر هينري هالينڊ ڪوئيٽا ۽ سبي کان اچي مسڪين مريضن جي اکين جو علاج مفت ڪندو هيو ۽ سر هينري هالينڊ اسپتال هلائيندو هيو.ڇا هاڻوڪي شڪارپور جو ڪو اهڙو تعارف آهي جيڪو انکي 2020ع جي پئرس سڏائي سگهي ۽ ايندڙ اڌ صديءَ تائين اها ڇاپ ڇانيل رهي.هاڻي ته شڪارپور ۾ رڳو سيمينٽ پلستر جو زور آهي ته ان دور ۾ شڪارپور جي ان ماضيءَ تي فخر ڇو نه ڪجي جنهنجي سڃاڻپ ڪاٺي واري فني مهارت جي ڪم سان ڍڪيل ڍڪ بازار بڻي هئي ۽ شديد گرمين ۾ به اها بازار نه صرف ٿڌي رهندي هئي پر ان بازار ۾ اچانڪ باهه لڳڻ جي صورت ۾ فائر پوائنٽ رکيل هئا جتان فائر برگيڊ کي پاڻي ملي سگهي.شڪارپور کي اگر ماضيءَ جي هندو سخي مرد سيٺين ۽ عيسائين خوبصورت بڻائي پئرس بڻايو ته سوچيو اسان حال ۾ انکي ڪهڙو تعارف ڏنو آهي.شڪارپور ۾ هاڻي به ڪنهن سڌريل معاشري جي سياح کي وٺي وڃو ته هو واپس پنهنجي وطن وڃي بلاگ ۾ اهوئي لکندو ته شڪارپور اتر سنڌ ۾ کنڊرات جو ڏيک ڏيندڙ اهڙو شهر آهي جتي راڪيٽ سائنس جي زماني ۾ به ماڻهو اڃان به گڏهه گاڏن تي سفر ڪن ٿا ۽ عورتون چنگچي رڪشائن ۾ ٻارڙن کي جنم ڏين ٿيون.ٿورو غور ڪيو ته گڏهه گاڏن ۽ چنگچي رڪشائن ۾ پيدا ٿيندڙ مخلوق سڀاڻي ڪهڙي سڌريل معاشري کي جنم ڏيندي.
ماضي جي قصن کان چڙ کائيندڙ دوست کي مون ٻڌايو ته انگريز راڄ کي سنڌ مان وئي مني صديءَ وارا سال ٿي ويا پر ڇا اوهان حال ۾ ڪو هڪ شهر به اهڙو آباد ڪري سگهيا آهيو جهڙو شهر سنڌ بلوچستان جي دنگ تي انگريز سپهه سالار جان جيڪب قائم ڪري ويو هو.ڇا هاڻوڪو جيڪب آباد جان جيڪب واري جيڪب آباد کان ڪنهن به حوالي کان بهتر چئي سگهجي ٿو جتي ڪارنهن جو ڪاروبار وڏي بيشرميءِ سان اڃان به جاري آهي.جتان جا چونڊيل نمائندا هر اليڪشن ۾ کٽڻ جي باوجود شهر کي مٺي پاڻيءَ جي سهولت نه ڏئي سگهيا هجن.جتي پاڻ ته ڪا موچاري اسپتال تعمير نه ڪرائي سگهيا پر آمريڪين پاران خيرات ۾ مليل جديد اسپتال جو به ٻيڙو اهڙو ٻوڙيو اٿن جو ماڻهو جهڙو پراڻي سول اسپتال ۾ بيٺو هجي ته ان شهر جي تاريخ پڙهندڙ ماضي واري جيڪب آباد کي ئي بهتر آپشن سمجهندا يا هاڻوڪي بدحال گهٽين واري جيڪب آباد کي بهتر سمجهندا.ڀلا رڳو انگريز راڄ ڇو لاڙڪاڻي کي جنهن انداز سان ستر واري ڏهاڪي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ترقي ڏياري ان جهڙي ترقي ڇا ٻيهر هن شهر جي نصيب ۾ نٿي اچي سگهي.اها ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هاڻي اهو المرتضيٰ هائوس پراڻو بنگلو ٿيندو پيو وڃي جنهن ۾ ويهي شهيد ڀٽو لاڙڪاڻي شهر کي عالمي سطح جي سڃاڻپ ڏني جو ماڻهو انگلينڊ ۾ به تعارف ڪرائيندا هئا ته انگريز پڇندا هئا لاڙڪاڻو ڪهڙو جيڪو ڀٽن جو شهر آهي.ان شهر ۾ هاڻي به جيڪي مک چوڪ چوراها آهن سي ان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور جا آهن جن جا نالا به عالمي اڳواڻن جي نالن جي ياد ۾ رکيل آهن.جيئن ڪمال اتاترڪ ٽاور يا سوئڪارنو ٽاور، يا ڪينيڊي مارڪيٽ يا رضا شاهه پهلوي روڊ يا شيخ زيد وومين اسپتال …..ان لاڙڪاڻي ۾ هاڻي به اگر ڪو صاف سٿرو ۽ سڌو روڊ باقي بچيل آهي ته اهو المرتضيٰ هائوس واري سوئڪارنو چوڪ کان شروع ٿي سمبارا هوٽل تي ختم ٿيندڙ رضا شاهه پهلوي روڊ آهي جنهنکي ماڻهو عرف عام ۾ وي آئي پي روڊ سڏيندا آهن.پر هاڻي هن بدقسمت شهر ۾ نه اهي ڀٽا رهيا نه اهي ڀٽن جا تعارف نه اهو لاڙڪاڻو رهيو نه لاڙڪاڻي جو اهو تعارف.هاڻي ته ننڌڻڪا گهوڙا غائباڻا سوار مثل ڪم اهڙا ٿيا جو اربين روپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي باوجود لاڙڪاڻي جا ماڻهو هر روڊ سان گذرندي پنهنجي ئي گاڏين ۾ ايئن ڌڪا پيا کائين جهڙو لاڙڪاڻي شهر نه پر ڪچي واري سڙڪ تان گذرندا هجن. ڏهاڪي ٻن دوران لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪمرانن اهڙو ته ڪوٽا ڪلچر متعارف ڪرايو جنهن باقي لاڙڪاڻي شهر کي ٺاهڻ بدران پنهنجي پنهنجي هائوسز کي ٺاهيو ۽ انهن ڀوتارن جا بنگلا هاڻي پئليسز سڏجڻ لڳا جيڪي ڪالهه ڪالهوڻي سال ۾ انڊس ڪرولا ۾ گهمندا هئا.لاڙڪاڻي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا شهيد بينظير ڀٽو زندهه هوندي هئي ته پنهنجي شهر جا معاملا پاڻ سنڀاليندي هئي پر جڏهن کان نوابشاهه جا زرداري اچي نئون ديرو هائوس ۾ ويٺا ته انهن پهريان پهريان پنهنجي مينيجر ڊاڪٽر شفقت سومري کي لاڙڪاڻي جي معاملن جو انچارج رکيو جنهن جي معرفت سيال برادرز اهڙو متعارف ٿيا جو ڊاڪٽر شفقت جي ڇٽي ٿي وئي هن وڃي لنڊن جا فليٽ وسايا ۽ لاڙڪاڻي ۾ سندس انٽري تي اڃان به شايد بندش پيل هجي.ان دوران جيترو وقت سيد قائم علي شاهه وزيراعليٰ رهيو ته ٻين معاملن سان گڏ لاڙڪاڻي جا معاملا مرحوم اياز سومري جي حوالي هوندا هئا پر ان کي به اهڙو پاڙئون اکيڙيو ويو جو هو آمريڪا علاج خاطر هليو ويو ۽ فوت ٿي ويو.جنهن بعد سيال برادرز کي لاڙڪاڻي جا معاملا سونپيا ويا پر انهن کان به جڏهن اهي معاملا سنڀالجي نه سگهيا ته هاڻي بلاول ڀٽي زرداريءِ پنهنجو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومري کي لاڙڪاڻي جا معاملا ڏسڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. انهن سمورن اقتداري سالن دوران لاڙڪاڻي جي ترقي ٿي يا نه پر انهن سمورن مينيجرن کي هر ڀيري ڪو نه ڪو ٺيڪيدار يا انجنيئر يا سيڙپڪار بنگلو تيار ڪري گفٽ ضرور ڪندو رهيو ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه..تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن اقتداري سالن دوران رئيسن جي انهن مينيجرن جي تقدير ضرور بدلي هوندي پر نه بدلي ته هن بدقسمت شهر جي تقدير نه بدلجي سگهي آهي جتي هر منصوبو اهڙين ته مافيائن جي ور چڙهي وڃي ٿو جو اهي پهريان پنهنجو ڀلو ڪري ڪروڙين روپيا سائيڊ تي ڪري ٿا ڇڏين باقي رهيو شهيدن جو شهر سو ته گندو رهڻو ئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي شهرن جي ان گندگي واري ، آلودگي واري حال تي اگر ڪنهنکي فخر ڪرڻو آهي ته ڪري اسانکي ته اهو ماضي بهتر ٿو لڳي جتي روڊ ڪناري ڇڻڪار ٿيندا هئا ۽ گلاب جي پاڻين جو ٽهڪو ايندو هو ته انهن شهرن جي شام معطر ٿي مهڪي پوندي هئي….

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *