تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

گهارا بند ڪري رستا ته بحال ڪرايو !

برسات کي گذريئي هفتو ٿي ويو آهي پر ان برساتن ڪري آيل ٻوڏ سبب ماڻهن جون تڪليفون گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن ،اهي تڪليفون گهٽ ٿينديون به ڪيئن جيستائين اثرائتا انتظامي اپاءَ نه ورتا ويندا.هن وقت به لکين ماڻهن جون نظرون ان انتظاميا ڏانهن ئي آهن جيڪا شايد ئي ڪٿي نظر ايندي هجي.حڪومت ۽ انتظاميا ڀلي کڻي اهو جواز ڏيندي هجي ته تمام گهڻين برساتن جي ڪري وڏي تعداد ۾ ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن سڀني تائين پهچڻ اڪيلي سر حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي،جيڪڏهن حڪومت جي ان دليل کي مڃي به وٺجي تڏهن به ڪيترا ئي اهڙا قدم آهن جيڪي کڻڻ سان انهن ماڻهن جي تڪليفن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي ۽ حڪومت لاءِ به آساني پيدا ٿي سگهي ها جيڪي قدمحڪومت جي هٿ وس هوندي نه کنيا ويا آهن.
هن وقت ٻوڏ هيٺ ٻه علائقا آيل آهن جتي اڃان تائين لکين ماڻهو ڦاٿل يا پنهنجي گهرن کان بي گهر ٿي روڊ رستن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جنهن جو سبب انهن علائقن ۾ چوڌاري پاڻي بيهڻ آهي. ٻوڏ هيٺ آيل ڪاڇي ۾ هن وقت وڏي ۾ وڏو مسئلو رستن جو تباهه ٿيڻ آهي جنهن ڪري جيڪي ماڻهو جتي آهن اتي ڦاٿل آهن اهي ٻئي هنڌ ڪيڏانهن چرپر ڪرڻ کان قاصر آهن تنهن ڪري اهي حڪومت ۽ انتظامي مدد جي آسري ويٺا آهن ،کاڌ خوراڪ کان وٺي بيمارين ۾ دارودرمل لاءِ به اهي سرڪاري مشينري جي آسري آهن ته اهي اچي کين اهي سهولتون مهيا ڪن.ٻئي طرف ميرپورخاص ، بدين ۽ سانگهڙ جا اهي علائقا آهن جيڪي سم نالن کي گهارن سبب اڃان تائين ٻڏا پيا آهن ،انهن علائقن ۾ سم نالن کي لڳل گهارا بند نه ٿيڻ سبب ساڳين علائقن ۾ پاڻي گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ڇو ته سم نالن مان مسلسل اهو پاڻي گهارن ذريعي اڳ ئي ٻوڏ متاثر ٿيل علائقن ڏانهن وڃي رهيو آهي جنهن ڪري ٻيا ڪيترا ئي نوان ڳوٺ ان ٻوڏ هيٺ اچي ويا آهن جيڪي برسات باوجود ٻوڏ جهڙي صورتحال کان بچي ويا هيا. جيڪڏهن حڪومت ۽ انتظامياڪجهه قدم کڻي ته اهي قدم نه رڳو متاثر عوام پر حڪومت کي به وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا.توڙي جو اها حڪومت جي ذميواري آهي ته ٻوڏ متاثر هر ماڻهو تائين پهچي ان جي واهر ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن اها هر ماڻهو تائين پهچي نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙا قدم کڻي سگهي ٿي جن سان ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جهڙا ٿي سگهن .
اسان سمجهون ٿا ته ڪاڇي جي ماڻهن جو هن وقت وڏي ۾ وڏو مسئلو اهي رستا آهن جيڪي برسات ۽ ٻوڏ ۾ لڙهي ويا آهن جيڪڏهن حڪومت ۽ انتظاميا چاهي ۽ دلچسپي وٺي ته اهي رستا بحال ڪرائي سگهي ٿي جنهن ڪري ڦاٿل ماڻهن کي ٻين شهرن ۾ اچ وڃ ۾ سولائي ٿئي ته پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ دوا دارون جو بندوبست ڪري سگهن ڇو ته اڪثر ماڻو سوشل ميڊيا يا روايتي پرنٽ ۽ الڪيٽرانڪ ميڊيا تي اهي دانهون ڪندي ٻڌا ويا آهن ته اسان کي سرڪار ٻيو ڪجهه نه ڏئي رڳو رستا بحال ڪري ڏئي ته هو پنهنجي گذر جو وسيلو پاڻ ڪري وٺندا. جڏهن ته ميرپورخاص ۽ بدين واري پاسي ٻڏل علائقن جو اهم مسئلو سم نالن کي لڳل اهي گهارا آهن جيڪي اڃان تائين بند نه ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري علائقن مان پاڻي گهٽجي نه سگهيو آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ضلعن جي انٽظاميا ۽ انهن مسئلن سان لاڳاپيل ادارا ترت تحرڪ وٺي سم نالن کي لڳل گهارا بند ڪرائين ۽ ڪاڇي جا روڊ رستا بحال ڪرائين ته سرڪار تان گهڻي حد تائين امدادي ڪمن جو بار به گهٽجي ويندو ۽ ماڻهو به وڌيڪ تڪليف کان بچي پوندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *