تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

گوجرانوالا جلسي سان اقتداري ايوانن ۾ ٿرٿلو

پهلوانن جي شهر گوجرانوالا ۾ جلسو ڪري اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ “پي ڊي ايم” پنهنجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن ايئن چئجي ته 16 آڪٽوبر جو ڏينهن حڪومت مخالف جي نانءُ رهيو ته غلط نه هوندو. بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز وڏيون ريليون ڪڍي به حڪومت ۽ طاقتور طبقي کي پنهنجو اسٽريٽ پاور ڏيکاري ڇڏيو آهي. جلسي وارو هنڌ جناح اسٽيڊيم گوجرانوالا جو ميدان هو پر اپوزيشن لاهور کان گجرات تائين جي ٽي روڊ کي رات تائين هائيڊ پارڪ بڻائي ڇڏيو هو. اپوزيشن گوجرانوالا سميت مختلف شهرن مان هزارين ماڻهن کي حڪومت خلاف ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ جلسي واري هنڌ اندريان ۽ ٻاهريان منظر ڏسي اهو نٿو چئي سگهجي ته اپوزيشن جو پاور شو ناڪام رهيو.
گوجرانوالا جي جلسي جو وقت شام پنجين وڳي جو طئه ڪيو ويو هو جنهن لاءِ مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان ڌار ڌار لاهور مان ڪارڪنن سان نڪتا هئا جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري لالا موسيٰ (قمر زمان ڪائرا جي ڊيري) مان ڪارڪنن جي قيادت ڪندي گوجرانوالا اچڻو هو. لاهور کان گوجرانوالا جو سفر وڌ کان وڌ ڏيڍ کان ٻن ڪلاڪن جو آهي جڏهن ته لالا موسيٰ کان هڪ ڪلاڪ جو سفر آهي. مريم نواز پنهنجي سفر جي شروعات جاتي امرا پنهنجي رهائشگاهه کان ڪئي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان شهر اندر فيروز پور روڊ تي واقع جامعه اشرفيه کان پنهنجي ريلي شروع ڪئي. مريم نواز سان ايڪي جي اظهار ۽ هڪ ريلي جي صورت ۾ گوجرانوالا وڃڻ لاءِ صبح اٺين وڳي کان ئي ڪارڪن ۽ پارٽي اڳواڻ جاتي امرا گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. انتظاميا راءِ ونڊ روڊ ۽ جاتي امرا ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊن تي ڪيترائي ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا هئا جڏهن ته رنگ روڊ انٽرچينج کي به ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو هو. انهن رنڊڪن باوجود ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ جاتي امرا فارم هائوس ٻاهران پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. منجهند اڍائي وڳي مريم نواز پنهنجو سفر شروع ڪيو ته سندس گاڏي کي گهر مان ٻاهر جاتي امرا روڊ تي آڻڻ لاءِ به گاڏين ۽ ڪارڪنن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ ڪيپٽن (ر) صفدر کي پاڻ اچڻو پيو ۽ رستو ٺاهڻو پيو. مريم نواز جي گاڏي تي اسيمبلي ميمبر سيف الملوڪ کوکر پيسا به گهوريا جڏهن ته قافلي جي روانگي کان اڳ جاتي امرا جي مين گيٽ تي ٻڪرن جو صدقو به ڏنو ويو. قافلي ۾ ٻه ڪرينون به موجود هيون جيڪي مريم نواز جي گاڏي آڏو هلنديون رهيون. مريم نواز جو قافلو گهر مان نڪرندي ئي انتظاميا جاتي امرا روڊ ۽ اڊا پلاٽ چوڪ تي رکيل ڪنٽينرز پاڻ ئي هٽائي ڇڏيا جڏهن ته مريم نواز جي گاڏي اڊا پلاٽ چوڪ تان گذري جيئن ئي ٻين گاڏين سان رنگ روڊ انٽرچينج تي پهتي ته انتظاميا انهن پٺيان اڊا چوڪ تي ٻيهر ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا ۽ قافلي ۾ شامل ڪيل گاڏين کي پوئتي ئي روڪيو ويو جنهن جو اطلاع ملڻ تي مريم نواز رنگ روڊ انٽرچينج تي ئي قافلو روڪي ڇڏيو ۽ انتظاميا کي پيغام ڏنو ويو ته ڪنٽينرز پوئتي هٽايا وڃن ۽ گاڏين کي اچڻ جي اجازت ڏني وڃي نه هو اتي ئي ڌرڻو هڻندا. جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر هٽايا ويا ۽ سڀني گاڏين کي رستو ملڻ کانپوءِ مريم نواز جي قافلي رنگ روڊ کان پنهنجو سفر شروع ڪيو. مريم نواز جي قافلي جو پهريون شيڊول راءِ ونڊ روڊ هو جنهن کي انتظاميا جي چوڻ تي تبديل ڪيو ويو ۽ رنگ روڊ تان وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رنگ روڊ جو سفر تيزي سان طئه ٿيو پر راوي پل تي نيازي شهيد انٽرچينج کان جڏهن هي قافلو هيٺ لٿو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ سبب رستو جام ٿي ويو، راوي جي پل ڪراس ڪرڻ ۾ مريم نواز جي گاڏي کي ڏيڍ ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت لڳي ويو جڏهن ته قافلي ۾ شامل گاڏيون رش ۾ ڦاسي ويون. شاهدرا چوڪ ۾ مريم نواز جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. هتي ليگي ڪارڪنن وزيراعظم عمران خان خلاف نعريبازي ڪندي “گو عمران گو” جا نعرا هنيا. شاهدرا کانپوءِ مريم نواز جي گاڏي جي اسپيڊ وڌائي وئي. مريم نواز جي گاڏي جي نڪرندي ئي لاهور جي انتظاميا هڪ ڀيرو ٻيهر جي ٽي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ هن قافلي ۾ شامل گاڏين کي نڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اها ئي صورتحال گوجرانوالا تائين جاري رهي. جناح اسٽيڊيم ۾ لڳايل ڪرسيون ته ڀريل هيون، اسٽيڊيم ۾ ٺهيل ڏاڪڻيون به پي ڊي ايم جي ڪارڪنن سان ڀريل هيون جڏهن ته اسٽيديم ٻاهران به ڀرپاسي ۾ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. گوجرانوالا شهر جي جيڪڏهن ڳالهه ڪريون ته ڏينهن جي شروعات تي ايئن محسوس ٿي رهيو هو جيئن ڪرفيو لڳل هجي. مختلف روڊ ۽ بازارون ڪنٽينر لڳائي بند ڪيون ويون هيون. اسٽيڊيم ۾ ايندڙڪارڪنن کي به پوليس زبردستي روڪيو، ان دوران ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ پوليس اهلڪارن سان وڙهي اسٽيڊيم جا دروازا کولرايا. گوجرانوالا شهر ۾ مختلف هنڌن تي پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ جهيڙا به ٿيندا رهيا پر ليگي ڪارڪن سڀني رنڊڪن کي ٽوڙيندي اسٽيڊيم تائين پهچندا رهيا.
پي ڊي ايم جي وڏين پارٽين جي سياسي حڪمت عملي پنجاب حڪومت جا هوش خطا ڪري ڇڏيا هئا. مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز صوبائي راڄڌاني لاهور کي سڄو ڏينهن جام ڪري ڇڏيو ۽ هزارين ڪارڪنن کي روڊن تي آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا جڏهن ته ايڏي عوام سامهون پوليس ۽ انتظاميا بي وس نظر آئي. لاهور کان گوجرانوالا تائين جي ٽي روڊ حڪومت مخالفن جو ميدان رهيو ۽ مختلف هنڌن تي سياسي ڪارڪن حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي خلاف دانهون ڪندي نظر آيا. ٻئي پاسي گجرات جي پاسي کان بلاول ڀٽو زرداري قافلي جي اڳواڻي ڪندي گوجرانوالا ڏانهن روان دوان هو. هتي به انتظاميا بي وس نظر آئي. لاهور کان پنڊي تائين جي ٽي روڊ “ووٽ ڪو عزت دو”، “گو عمران گو”، “سليڪٽيڊ نامنظور”، “نااهل نالائق حڪومت نامنظور” جي نعرن سان گونجندو رهيو ۽ جلسي واري هنڌ به شريڪ ٿيل انتهائي پرجوش هئا. حڪومت خلاف ٻاهران ايندڙ عوام جي اڪثريت مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت خلاف سراپا احتجاج بڻيل هئي.
گوجرانوالا جي جلسي سان پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اپوزيشن پارٽين تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلسي ۾ ڪيل تقريرن ۾ مجموعي طور تي سياسي قيادت عوامي ايشوز مثال طور حڪومتي ڪارڪردگي سبب ٿيل مهانگائي، بيروزگاري، ضرورت جي شين، دوائن جي اگهن ۾ واڌ ۽ حڪومت جي انتقامي ڪارروائي سان گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ خلاف به کليل نموني خيالن جو اظهار ڪيو ويو. پي ڊي ايم جي قيادت اسٽيبلشمينٽ کي سڌو سنئون ٽارگيٽ ڪيو آهي. جلسي ۾ جي يو آءِ، پيپلزپارٽي سميت ٻين پارٽين جي قيادت ميان نواز شريف جي ووٽ ڪو عزت دو واري بيانيي جي اصولي طور تي حمايت ڪئي آهي ۽ آئين ۾ طئه ڪيل اصول موجب ملڪ کي هلائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پي ڊي ايم واضح موقف رکيو آهي ته سڀني قومي ادارن کي پنهنجين آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين جي آئيني اختيارن ۾ مداخلت کان پاسو ڪيو وڃي. جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري دٻيل لفظن ۾ ساڳي ڳالهه ڪئي جيڪا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سادن ۽ چٽن لفطن ۾ نالا وٺي بيان ڪئي. نواز شريف جو لهجو به سخت نظر آيو. هن اعليٰ ترين عهدن تي ويٺل ماڻهن جي ڪردار تي سوال اٿاريا ۽ کين سڀني خرابين جو ذميوار قرار ڏنو. هن پنهنجي نااهلي جو ذميوار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي قرار ڏنو ۽ سندس چوڻ هو ته عمران خان ان جي ئي آندل سوکڙي آهي جنهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. اوهان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. ان کان اڳ نواز شريف جنرل (ر) عاصم سليم باجوا تي لڳل الزامن جي مڪمل جاچ ۽ کيس سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين شپ کان ڌار ڪرڻ جو به مطالبو ڪري چڪو آهي جڏهن ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) ظهير الاسلام بابت به ڳنڀير الزام لڳائي چڪو آهي. هاڻي حاضر سروس آرمي چيف تي سندس الزام معاملي کي انتهائي خطرناڪ موڙ تي آڻي چڪا آهن. هاڻي سوال ته اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن کيس ايترا خدشا هئا ته هن جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حق ۾ ووٽ ڇو ڏنو؟ ميان نواز شريف کي اهو به قوم کي ٻڌائڻ گهرجي ته اها ڪهڙي طاقت هئي جنهن کيس پارليامينٽ ۾ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت قانون جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ کيس علاج لاءِ پرڏيهه ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيارڻ پٺيان ڪهڙي طاقت هئي. ميان نواز شريف جو نظام کي ٺيڪ ڪرڻ وارو مطالبو جائز آهي پر سچ پورو بيان ڪيو وڃي.
مسلم ليگ ن جي سياست مفاهمتي رهي آهي اڄ جيڪا ڪاوڙ ۽ مزاحمت نواز شريف جي چهري تي ظاهر آهي ان پٺيان به بااثر طاقت جو هٿ ٿي سگهي ٿو پر ميان نواز شريف به هڪ تير سان ڪيترائي شڪار ڪرڻ جو پلان ٺاهي ويٺو آهي. نواز شريف جو اصل ٽارگيٽ وزيراعظم عمران خان ئي آهي پر هو موجوده حڪومت جي حمايتي اسٽيبلشمينٽ کي للڪاري اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته عمران خان اسان جي لاءِ ڪا اهميت نٿو رکي اسان ته ان جي حمايت ڪندڙ طاقت جي آمهون سامهون آهيون.
ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان به “ٽائيگر ڪنوينش” کي خطاب ڪندي ميان نواز شريف تي سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي آهي ۽ اپوزيشن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻي اوهان هڪ نئون عمران خان ڏسندا. هاڻي ڪنهن کي پروڊڪشن آرڊر نه ملندا. هن آرمي چيف جو به ڀرپور دافاع ڪيو. هاڻي هن معاملي کي ٿورو گهرائي سان ڏسون ته واضح ٿئي ٿو ته معاملو سياسي کان وڌيڪ ذاتي نوعيت جو ٿي چڪو آهي. نواز شريف کي جيڪڏهن ڪنهن طاقتور طبقي جي پٺڀرائي حاصل به آهي ته ان صورتحال ۾ کيس ڪهڙو فائدو ٿيندو ۽ هو ڪنهن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو اها الڳ ڳالهه آهي پر نواز شريف کي هر صورت ۾ فائدو ئي حاصل ٿيندو. هو دٻاءُ پيدا ڪري عمران خان کي اڪيلو ڪرڻ چاهي ٿو. سندس خيال آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي تان پنهنجو هٿ کڻي ورتو ته هو هن حڪومت کي ڪجهه ڏينهن ۾ گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ وڌيو ته وڌ کان وڌ نظام ويڙهي سگهجي ٿو ان صورت ۾ به عمران خان کي ئي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو.
پي ڊي ايم جي پهرئين جلسي کانپوءِ حڪومتي ترجمانن جا بيان ۽ پريس ڪانفرنسز ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته جلسي سان حڪومتي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي هاڻي ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو ان کانپوءِ ڪوئيٽا، ملتان، پشاور ۾ جلسا ٿيڻا آهن ۽ ڊسمبر ۾ لاهور ۾ سياسي دنگل ٿيندو. اپوزيشن پارٽين جي ريلين لاهور کي وارم اپ ڪرڻ جو ڪم ڪيو آهي ۽ اهو سلسلو ڊسمبر تائين جاري رهندو. جيڪي منظر 16 آڪٽوبر تي لاهور ۾ ڏٺا ويا انهن مان ته اهو نتيجو نڪري ٿو ته ڊسمبر ۾ اپوزيشن هڪ وڏو پاور شو ڪندي ۽ لاهور جي جلسي کي پي ڊي ايم تحريڪ جي پهرئين مرحلي جي پڄاڻي قرار ڏئي رهي آهي ۽ اها دعويٰ به ڪئي پئي وڃي ته ڊسمبر کان اڳ ئي حڪومت گهر هلي ويندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *