Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_sg6enn1uhk40m384kb3tigneh2, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
گوجرانوالا جلسي کان اڳ ئي ڪمزور ٿي ويل سرڪار - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar گوجرانوالا جلسي کان اڳ ئي ڪمزور ٿي ويل سرڪار - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

گوجرانوالا جلسي کان اڳ ئي ڪمزور ٿي ويل سرڪار

گوجرانوالا واري جلسي ۾ اڃان ٻه ڏينهن باقي آهن پر اهڙي جلسي کان اڳ وارا لمحا اهڙا آهن جنهن ۾ مخالف ڌر جي ڪيمپن ۾ ٽهڪ ئي ٽهڪ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا هجن. مخالف ڌر جي ڪيمپن ۾ لانگ مارچ کان اڳئي حڪومت ويندي جهڙو ماحول جڙيل آهي. گوجرانوالا واري جلسي سان ڪيتريون ئي يادون واڳيل آهن، هي اهو ئي شهر آهي جتي نواز شريف ۽ اعتزاز احسن لاهور کان لانگ مارچ جي شروعات ڪري پهتا هئا ته وڪيلن واري تحريڪ جي ڪاميابي جو اعلان ٿي چڪو هو، هاڻي ته تحريڪ جو آغاز ئي گوجرانوالا کان پيو ٿئي جنهن جو اختتام لاهور واري جلسي سان ٿيندو جنهن کانپوءِ آهي لانگ مارچ وارو آپشن، اسيمبلين کان استعيفائن وارو آپشن پر مريم نواز کي هينئر به جلوس جي صورت ۾ لاهور کان گوجرانوالا اچڻو آهي. اهو جلوس پنهنجي حيثيت ۾ جي ٽي روڊ وارو نواز شريف واري ئي جلوس جي ٻي صورت هوندو جنهن ۾ نواز شريف مريم نواز سان گڏجي جي ٽي روڊ کي پنهنجي بيانيي سان جوش ڏياريو هو، هينئر جڏهن مريم نواز لاهور کان نڪرندي تڏهن جي ٽي روڊ جي صورتحال ڇا هوندي؟ اهي منظر هينئر کان ئي طئه ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، جڏهن بلاول ڀٽو سيالڪوٽ کان قمر زمان ڪائرا جي شهر لالا موسيٰ کان ٿيندو گوجرانوالا پهچندو جيڪو رستو به جي ٽي روڊ وارو آهي. مطلب گوجرانوالا جي هڪڙي پاسي لاهور کان مريم نواز ايندي ته ٻئي پاسي راولپنڊي واري روڊ کان ايندو بلاول ڀٽو، تڏهن جي ٽي روڊ واري صورتحال ڇا هوندي.؟ هينئر ته اڃان مولانا فضل الرحمان سميت مخالف ڌر جون پارٽيون پنهنجي پنهنجي جلوسن جو تعين ڪري رهيون آهن جنهن کانپوءِ وارو ماحول اهڙو هوندو جنهن ۾ جلسي کان وڌيڪ اهڙن جلوسن جي اهميت به ڳڻپ ۾ ايندي. هن سڄي ماحول باوجود هن گوجرانوالا واري شو کي مريم نواز شو تصور ڪيو پيو وڃي. هينئر پنجاب ۾ “ تيري آواز ميري آواز مريم نواز مريم نواز ”واري نعري جي گونج آهي. عمران خان جي ٽيبل تي پيل پتا هاڻي ڪم جا نه رهيا آهن. گوجرانوالا واري جلسي کان اڳ گوجرانوالا انتظاميا جلسي جي اجازت کان انڪاري نظر پئي آئي. ن ليگ وارن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جلسي جي اجازت نه ملي ته شهر اندر احتجاج ٿيندو. اهڙي صورتحال ٿئي ها ته جي ٽي روڊ تحريڪ جي شڪل به اختيار ڪري پئي سگهيو. ان ڪري انتظاميا نه رڳو اجازت ڏئي ڇڏي پر وزيراعظم پنهنجن سياسي مشيرن سان اجلاس کانپوءِ مخالف ڌر وارن کي جلسن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي لاهور جي شاهدره واري ٿاڻي تي ن ليگ خلاف داخل غداري واري ايف آءِ آر به واپس ورتي وئي آهي. وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عاصم سليم باجوه جي استعيفيٰ به منظور ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ مريم نواز جي صورت ۾ مخالف ڌر پنهنجي مطالبي کي وڌائيندي عاصم سليم باجوه کي سي پيڪ واري ذميوارين کان به الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪري اهو محسوس ڪرايو آهي ته هي مطالبو هاڻي وزيراعظم جي استعيفيٰ تائين جو آهي. وزيراعظم عمران خان ته چئي چڪو آهي ته جيڪو هن کان استعيفيٰ گهرندو مان ان کان استعيفيٰ گهرندس.
مطلب ته ڳالهه هاڻي نون ليگ جي جلسن ۾ لڳندڙ نعري“گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” جهڙي ٿي چڪي آهي جنهن ۾ عمران خان حڪومت جا بنياد لڏي چڪا آهن. عمران خان روز جي بنياد تي پنهنجن صلاحڪارن سان اجلاس ڪري رهيو آهي پر کيس اهڙا مشورا ملي رهيا آهن جنهن ۾ هاڻي مخالف ڌر وارن اڳواڻن جي گرفتاري کان وٺي جلسن جي روڊ رستن تي رڪاوٽون بيهارڻ وارا آپشن ناهن رهيا. مخالف ڌر کي ميدان ملي چڪو آهي. پنجاب جي اندر حبيب جالب جي جاگ ميري پنجاب واري شاعري کي پي پي وارا بيان ڪري رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته سمورا صوبا جاڳيل هئا پر پنجاب هاڻي جاڳيو آهي. پنجاب جي جي ٽي روڊ وارن علائقن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته حڪومتي وفاقي وزيرن وارن علائقن ۾ به اهڙي صورتحال آهي جو وفاقي وزير پريشان آهن ته شهر اندر چلو چلو گوجرانوالا چلو وارو ماحول انتهائي گرم ٿي چڪو آهي. اهڙو ئي سبب آهي جو ن ليگ وارا هاڻي ان هائوس چينج واري نعري بجاءِ نين چونڊن طرف وڌي چڪا آهن. ان ڪري جو اي پي سي کانپوءِ وارين ڪچهرين ۾ پي ڊي ايم وارا به چون ٿا ته نيون چونڊون ٿيون ته مريم نواز کي ڪير روڪي سگهندو.؟ ان ڪري هاڻي پارٽين اندر اهڙي صورتحال آهي جو هن تحريڪ جي ڪاميابي رڳو نواز شريف جي ڪاميابي تصور ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ان هاوئوس تبديلي وارو آپشن هجي ها ته پ پ پ کي هارائڻ لاءِ ڪجهه به نه هجي ها پر هينئر نيون چونڊن جو مقصد عمران خان جي جڳهه تي نواز شريف جي ن ليگ جو اچڻ ئي رهجي ويو آهي.
شاهد خاقان عباسي کان وٺي احسن اقبال تائين جو ان سڄي صورتحال ۾ ان ڳالهه تي وڌيڪ زور آهي ته اسان حڪومت جي تبديلي جي ڳالهه نه پيا ڪريون ته عمران خان جي حڪومت ويندي ته ن ليگ وارن جي ايندي. اسان هن ملڪ ۾ نظام جي تبديلي جي ڳالهه پيا ڪريون. هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي اصل اسان جو مقصد آهي. اهڙي ئي دٻاءُ جي نتيجي ۾ عمران خان پاڻ کي جمهوريت سڏيندي چيو آهي ته مان آهيان جمهوريت.
هينئر جڏهن مريم نواز جا انٽرويو ٽي وي چينل هلائي رهيا آهن تڏهن ن ليگ وارا انٽرويو ڏسندي چون ٿا ته ڪيڏانهن ويا اهڙا انٽرويو بند ڪرائڻ وارا. تحريڪ انصاف واري حڪومت جنهن جو وزيراعظم مخالف ڌر وارن سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هو سندس پارٽي جا ترجمان احتساب جو عمل جاري رهندو. اين آر او ڪنهن به صورت ۾ نه ڏبو واري بيانيي کي بيان ڪري رهيا هئا. اهي هاڻي پاڻ ان آپشن کان آسرو پلي چڪا آهن ته مخالف ڌر وارن کي جيڪڏهن ڳالهين جي دعوت ڏجي ته ڪيئن ڏجي.؟ چيف آف آرمي اسٽار جي ڪاڪول ۾ ڪيل تقرير جنهن ۾ آرمي چيف چيو ته اسان هميشه آئين جي پاسداري ڪئي آهي حڪومت سان گڏ بيٺا آهيون ساڳئي وقت آرمي چيف چيو آهي ته ٿيندڙ تنقيد کي هائبرڊ وار به نه سمجهيو وڃي جنهن جو مطلب اهو ڪڍيو پيو وڃي ته عمران خان جي حڪومت کي تنقيد به مثبت طريقي سان برداشت ڪرڻ کپي.
پهريائين جڏهن به پريس ڪانفرنس ٿيندي هئي تڏهن حڪومتي ميمبرن کان اهي سوال ٿيندا هئا ته مخالف ڌر جا سمورا دڳ توهان ڇو بند ڪري ڇڏيا آهن. هينئر ساڳيو سوال ن ليگ وارن کان ٿي رهيو آهي ته حڪومت سان ڳالهين جا سمورا دڳ ڇو بند ڪري ڇڏيا آهن. هي سڄو ماحول ان اي پي سي کانپوءِ ٿيندڙ واقعن جو نتيجو آهي جنهن ۾ ميان نواز شريف جي تقريرن کي روڪڻ کان حڪومت معذور نظر آئي. نواز شريف هڪ ٻئي پٺيان ٽي تقريرون ڪري حڪومت جا بنياد لوڏي ڇڏيا. پنجاب اندر جيڪو بار بار اهو چيو پئي ويو ته جيل ڀريو تحريڪ ڪير هلائي سگهي ٿو. پنجاب وارا ته جيل ڪونه ويندا پر هاڻي صورتحال اهڙي ناهي رهي اهو ئي سبب آهي جو شايد شاهدره پوليس وارن جي صلاحڪارن سوچيو ته غداري جا ڪيس ۽ جيل جا دڙڪا ڏبا ته تحريڪ دٻجي ويندي پر محمد زبير وارا گرفتاريون ڏيڻ ٿاڻن تي پهچي ويا. هاڻي جيڪڏهن مريم نواز کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته صورتحال شهباز شريف جي گرفتاري جهڙي نه رهي ها. ان ڪري صورتحال ۾ اهڙي تبديلي آهي جو پهريائين جڏهن به بلاول ڀٽو ڳالهائيندو هيو ته تحريڪ انصاف جو مراد سعيد پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ پهچي ويندو هو. شهزاد اڪبر کان وٺي شهباز گل تائين اهڙا فرض انجام ڏيندا هئا پر صحافتي حلقن ۾ به هاڻي سوال آهن ته ذلفي بخاري وارا ڪٿي آهن. ماحول ۾ تبديلي ۾ بنيادي محرڪ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي انٽرويو کان وٺي مطيع الله جان جي اغوا تائين جا معاملا به شامل آهن.
ملڪ اندر مهانگائي جي تازي لهر اٽي جي دڪانن جي سامهون لڳندڙ قطارون بجلي جي قيمتن ۾ بدستور اضافو، حڪومت جي اخلاقي پوزيشن کي به نروار ڪري چڪي آهي. مولانا جي پهرين ڌرڻي واري وقت پي پي پي ۽ ن ليگ جو اهو مشورو هو ته احتجاجي تحريڪ کي ٽي مهينا ملتوي ڪيو وڃي. هاڻي ذاتي ڪچهرين ۾ پ پ ۽ ن ليگ وارا پنهنجي انهيءَ موقف کي به درست تصور ڪرائين ٿا هاڻي پ پ ۽ ن ليگ وارا شيخ رشيد جي ان دڙڪي کان به آجا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ چيو پئي ويو ته جيڪڏهن عمران خان سمجهيو ته صورتحال هٿن مان نڪري ٿي ته پوءِ اسيمبلي کي ئي ختم ڪري ڇڏيندو ڇو جو مخالف ڌر وارن جو هاڻي وڌ کان وڌ مقبول نعرو ئي نيون چونڊون بڻجي چڪو آهي. ان ڪري مخالف ڌر ان کي به پنهنجي وڏي ڪاميابي تصور ڪري رهي هوندي.
اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ مخالف ڌر جي سينيئر قيادت اندر اهي ڳالهيون آهن ته اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ کپي ته جيئن اتحاد وارو ماحول خراب نه ٿئي. ڪالهه تائين جيڪي مخالف ڌر کي ڇڏي حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا هئا هاڻي حڪومت جي لڏندڙ ٻيڙي کي ڏسي ڪيترائي اهڙي ٻيڙي مان لهڻ لاءِ به تيار نظر اچن ٿا. ن ليگ وارن اهڙن ايم پي ايز لاءِ پنهنجا در بند ڪري ڇڏيا آهن. جن عثمان بوزدار سان ملاقات ڪئي هئي. مخالف ڌر جي اتحاد مان به خواجه آصف جي آصف زرداري تي اعتبار نه ڪرڻ جهڙن بيانن جي سختي سان پڇاڻي کانپوءِ بيان جي واپس وٺڻ جهڙي صورتحال سامهون آئي. آصف زرداري به چئي ڇڏيو ته جيڪي اتحاد کي ختم ڪرائن چاهين ٿا اهي ئي اهڙا بيان ڏياري رهيا آهن. جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي پيدا ٿيل تحريڪ واري ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ مخالف ڌر جي قيادت انتهائي سنجيده نظر اچي رهي آهي ڇو جو مخالف ڌر موجوده پيدا ٿيل صورتحال کي عمران خان جي حڪومت جا آخري ڏينهن تصور ڪري رهي آهي.
آل پارٽيز ڪانفرنس کان اڳ ان هائوس تبديلي کان وٺي استعيفائن وارن نقطن تائين پارٽين اندر وڏو بحث رهندو پئي آيو پر هينئر اهو سمجهيو پيو وڃي ته نواز شريف مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان حڪومت جي خاتمي کانسواءِ ٻئي ڪنهن به نقطي تي سهمت نه ٿيندا جڏهن ته باقي پارٽيون جيڪڏهن نواز شريف جي بيانيي سان گڏ نه هليون ته اهي پنهنجو سياسي نقصان ڪرائي وجهنديون. ان ڪري مولانا کي بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي صورت ۾ مذهب جو ڪارڊ استعمال نه ڪرڻ جي صلاح ڏيندڙ به سمجهن ٿا ته هاڻي ڪنهن ڪارڊ جي ضرورت ناهي رهي. حڪومت سمورا در بند ڪري مهانگائي جو طوفان آڻي مخالف ڌر وارن کي نيب جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪرائي پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو جو هڪ ئي اسٽيج تي گڏ ويهڻ اهي نتيجا سامهون آڻيندو جيڪي نتيجا ڊي چوڪ تي عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري جي هڪ ئي ڪنٽينر استعمال ڪري پاڻ کي سياسي ڪزن قرار ڏيڻ سان به سامهون اچي نه سگهيا هئا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *