Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kvdej510t973be97jsa2v4lhg0, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
گوجرانوالا کانپوءِ جناح باغ ۾ پي ڊي ايم جو پاور شو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar گوجرانوالا کانپوءِ جناح باغ ۾ پي ڊي ايم جو پاور شو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*

گوجرانوالا کانپوءِ جناح باغ ۾ پي ڊي ايم جو پاور شو

قائداعظم جي مزار سان لاڳاپيل باغ جناح گرائونڊ ۾ اڄ پي ڊي ايم سياسي پاور شو جو مظاهرو ڪندي، پي ڊي ايم جو اهو جلسو گوجرانوالا جي جلسي کان ان لاءِ به مختلف هوندو جو هتي سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، جڏهن ته گوجرانوالا ۾ پي ڊي ايم کي سرڪاري رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو هو، اهي به امڪان آهن ته ڪراچي جو جلسو گوجرانوالا جلسي کان وڏو هوندو، ڇاڪاڻ ته هن جلسي ۾ پي ڊي ايم کي سنڌ حڪومت جي مدد به حاصل هوندي. جلسي جي انتظامن جي حوالي سان پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته باغ جناح ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون رکيون ويون آهن، 3 اسٽيج تيار ڪيا ويا آهن ، وڏي اسٽيج تي مرڪزي اڳواڻ جڏهن ته 2 ٻين اسٽيجن تي ٻيا عهديدار ويهندا، سڄي گرائونڊ کي ڪنٽينر لڳائي ديوار ڦيرائي وئي آهي. جلسي گاهه تائين گاڏين کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جلسي گاهه کي لڳندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويندا، گاڏين جي پارڪنگ لاءِ 3 جايون مختص ڪيون ويون آهن، جن ۾ نشترپارڪ، طائي ڪراٽي گرائونڊ ۽ شاهراهه قائدين انڊر پاس شامل آهن، جڏهن ته 30 سينئر آفيسرن سميت 65 ڊي ايس پي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا، مجموعي طور 3740 اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا، هن جلسي ۾ ڪو هڪڙو ڪنٽينر به اهڙو نه آهي جيڪو ڪنهن گاڏي کي روڪڻ لاءِ رکيل هجي، فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ۽ ماڻهن جي جلسي گاهه تائين پهچڻ ۾ به سنڌ سرڪار جي مدد شامل هوندي، سڄي سنڌ مان قافلا جلسي ۾ پهچندا ۽ پ پ کان علاوه جي يو آءِ ڪارڪنن جو به وڏو انگ شريڪ ٿيندو، هن شهر ۾ اي اين پي جو به چـڱو خاصو ووٽ بينڪ آهي، باقي پيپلزپارٽي سڄي سنڌ مان ڪارڪنن کي جلسي گاهه ۾ پهچائڻ جو هونئن به وڏو تجربو رکي ٿي. جلسي کي پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان، مريم نواز سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا پر شايد گوجرانوالا وانگر نواز شريف هن جلسي کي خطاب نه ڪري سگھي.
هي جلسو گوجرانوالا جي جلسي کان ان لاءِ به مختلف هوندو جو شايد هتان نالا کڻي اسٽيبلشمينٽ تي ايتري تنقيد نه ڪئي ويندي، جيتري تنقيد گوجرانوالا ۾ ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته پ پ پنهنجي تاريخ ۾ هميشهه اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ ته ايندي رهي آهي پر هن پارٽي پنهنجا ٻيڙا ڪڏهن به نه ساڙيا، جيالا مخالفت ۾ ايترا پري هليا نه ويندا آهن، هي ڳالهين جا دروازا هميشه کليل رکندا آهن. پي ڊي ايم جو هي جلسو پ پ جو ساليانو جلسو آهي، جيڪو ڪارساز جي شهيدن جي ياد ۾ منقعد ٿيندو رهيو آهي، اڄوڪو جلسو به ڪارساز جي شهيدن جي ياد ۾ ٿي رهيو آهي پر جيئن ته اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم طرفان حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعات ڪئي وئي آهي ان ڪري هن جلسي کي گڏيل اپوزيشن جي جلسي جو رنگ ڏنو ويو آهي، هتي اها ڳالهه به تعجب ۾ وجھندڙ آهي ته ڪار ساز جي شهيدن جي رت سان اڄ به انصاف نه ٿيو آهي، ڪار ساز جي شهيدن کي ڳڙهي خدابخش جي قبرستان ۾ ته مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، اڄ ڪارساز سانحي کي 13 سال مڪمل ٿيا آهن،سياست وڏي بي رحم شيءَ آهي ان وقت جن کي قاتل ڪوٺيو ويو، انهن سان حڪومت ۾ حصيداري ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم ٻنهي حڪومتن ۾ پ پ سان گڏ مزا ماڻيا، قاف ليگ قبول ليگ بڻجي وئي. وڏي ڳالهه اها آهي ته پرويز مشرف لاءِ به پ پ نرم گوشو رکيو. ان صورتحال ۾ اهو پڪ سان نٿو چئي سگھجي ته پ پ پنهنجي بيانيي تي قائم رهي به سگھندي يا پويان پير ڪندي.
بهرحال پي ڊي ايم ٺهڻ کانپوءِ انهي اتحاد ۾ شامل پارٽين جا ماضي ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف به رهندا آيا آهن ته هڪٻئي خلاف بدگمانيون به رهيونتنهن ڪري هاڻي اهي ڌريون ڪيتري وقت تائين ۽ ڪنهن حد تائين گڏ هلي هڪٻئي تي اعتماد برقرار رکي سگهن ٿيون اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو . اڄ ٿيندڙ هن جلسي ۾ اهو به واضح ٿي ويندو ته پ پ گوجرانوالا ۾ جيڪو بيانيو پيش ڪيو آهي، ان بياني جو تسلسل برقرار رکندي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته اهو بيانيو نواز شريف جو نه پر پي ڊي ايم جو آهي ۽ پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جو حصو آهي. خير اهي ٿيون مستقبل جون ڳالهيون، هونئن به پاڪستاني سياست ۾ ناممڪن نالي ڪو لفظ ناهي، هتي سڀ ڪجهه ممڪن آهي پر اهو ضرور ٿيندو جو هي جلسو عمران خان سرڪار جي مشڪلاتن ۾ ضرور اضافو ڪندو، سياسي پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ تڪرار گھڻي عرصي تائين ناهن هلندا، ٻنهي ڌرين ۾ گھاٽي واڌي سان سرچاءَ ٿيندو رهندو آهي، ماضي ۾ ان جا ڪافي مثال موجود آهن، سو اهو ضرور ٿيندو جو اپوزيشن جي هي تحريڪ عمران خان لاءِ ڏکيا مسئلا ضرور پيدا ڪندي جيڪي مسئلا وفاقي سرڪار جي خاتمي سان نه سهي پر وفاقي ڪابينا ۾ ٿوري گھڻي تبديلي سان ئي حل ٿي سگھندا، مطلب ٻنهي صورتن ۾ نقصان وزيراعظم کي ئي ڀوڳڻو پوندو، ان جي ڄاڻ خود وزيراعظم کي به آهي ۽ سندس پريشاني ڏسڻ وٽان آهي، گوجرانوالا جلسي کانپوءِ وزيراعظم اپوزيشن لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، ان مان سندس ڪاوڙ ظاهر هئي، چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته وزيراعظم کي سڌ پئجي وئي آهي ته سندس ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪي به لوليون لنگڙيون ۽ ٻين جي آشيرواد سان حڪومتون آيون آهن، اهي ئي قرباني جو ٻڪرو بڻبيون آهن، حڪومتون ٺاهيندڙ ۽ ڊاهيندڙ ڌر جڏهن اهو سمجھڻ شروع ڪيو آهي ته سندس ڪلهن تي هي حڪومت بار بڻجي وئي آهي ته پوءِ هو پنهنجي ڪلهن تان اهو بار لاهڻ ۾ دير ئي نه ڪندي آهي. اڄ اسٽيبلشميٽ کي جيڪو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ ملي رهيو آهي، اهو به يقينن عمران خان سرڪار جي ناڪام پاليسي جو نتيجو آهي، جيڪڏهن عمران خان اپوزيشن کي گڏ کڻي هلي ها ته اڄ اسٽيبلشمينٽ به ايترو نشاني تي نه هجي هاجيڪڏهن مخالف ڌر کي نشانو بڻائڻو هو ته گهٽ ۾ گهٽ عوام کي ته رليف ملڻ گهرجي ها،پر هتي هڪ طرف مهانگائي جو طوفان آهي ته ٻئي طرف مخالف ڌر جي تحريڪ جيڪي ٻئي عمران حڪومت کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪراچي ۾ جلسي کان پوءِ ٻين صوبن جي راڄڌاني وارن شهرن ۾ به جلسا ٿيڻا آهن، ڏسڻو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن ٿي اپوزيشن سان ڳالهين جي ميز تي ويهي، جنهن ڏينهن اهي ڳالهيون شروع ٿيون، ان ڏينهن کان عمران خان سرڪار جي ابتي ڳڻپ ۾ تيزي اچي ويندي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *