تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا اجلاس ۽ سنڌ جو پاڻي ڪيس

مسلم ليگ (ن) حڪومت جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي هڪ گڏجاڻي، جنهن ۾ سنڌ جي چيف منسٽر جناب مراد علي شاهه شڪايت ڪئي هئي ته سنڌ کي پاڻي ورهاست ۾ پورو حصو نٿو ملي. ان تي اُن وقت جي وزيراعظم جناب شاهد خاقان عباسيءَ اٽارني جنرل معرفت رپورٽ ڏيڻ جو چيو. پاڪستان جي اٽارني جنرل انهيءَ تي ڪم شروع ڪيو. هن پهرين سڀني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي ميٽنگ لاءِ گھرايو. انهيءَ ميٽنگ ۾ چيف سيڪريٽري بدران سنڌ جو چيف منسٽر پاڻ ويو. جنهن تي پنجاب جي نمائندي اعتراض واريو ۽ اها گڏجاڻي ملتوي ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ صوبن جي چيف منسٽرن کي ڊسمبر 2019ع ۾ گھرايو ويو، تنهن کان پوءِ اٽارني جنرل پورٽ ڏني.
اٽارني جنرل جي رپورٽ ۾ ڏنل سفارشون:
اٽارني جنرل کوڙ ساريون سفارشون ڪيون پر انهن جو تت هيٺين ريت آهي.
اصل مسئلو آهي پاڻي ٺاهه جي شق (G) 14 جي تشريح جو. انهيءَ ۾ سال 1977ع کان سال 1982ع تائين جي سراسري پاڻي استعمال جو ذڪر آهي، پر ذڪر پاڻي جي استعمال بابت ناهي، پر انهيءَ بابت آهي ته شق نمبر 2 موجب ورهايل پاڻي کي ڪيئن وڌائي 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ تائين آڻجي. معنيٰ انهيءَ کي بنياد بڻائي صوبن ۾ 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ ورهايل پاڻي ڏهن ڏينهن وار سڄي سال لاءِ ورهائجي. ان وقت جڏهن ڏهن واري ورهاست ٺهي وئي ته 1977ع کان 1982ع تائين سراسري ساليانو کنيل پاڻي جو رول ختم ٿي ويو. اها ڳالهه گڏيل مفادن واري ڪائونلس جي 16 سيپٽمبر 1991ع واري گڏجاڻيءَ ۾ سڀني صوبن مڃي ۽ تنهن کان پوءِ ٺاهه ۾ گھربل تبديليون ڪيون ويون.
ٻيو مسئلو آهي ته (G) 14 ۾ ڏنل آهي ته And would form the basis for sharing shortage and surpluses on all Pakistan basis. انهيءَ جي مختصر معنيٰ اها آهي ته جڏهن سراسري ساليانو 1977ع کان 1982ع ۾ کينل پاڻي جي بنياد تي ڏهن ڏينهن واري ورهاست مڪمل ٿي وئي ته مستقبل جي کوٽ يا واڌ سڀني صوبن ۾ ورهائي ويندي.
موجوده حالتن ۾ اهو به اندازو لڳائڻ کپي ته ساليانو پاڻي گھڻو اچي ٿو. انهيءَ لاءِ هڪ پاڻي دان (Hydrologist) جون خدمتون وٺڻ کپن. انهيءَ وقت تائين ورهايل 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ جي بنياد تي صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست ڪرڻ کپي.
لٽجڻ ڪري ڊيمن جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت گھتجي وئي آهي، تنهن ڪري ٻيا نوان ڊيم اڏڻ کپن.
پاڻي چوري چيڪ ڪرڻ لاءِ ٽيلميٽري سسٽم هڻڻ کپي. ايئن ڪرڻ سان آيل پاڻي بابت صحيح ڄاڻ ملندي ۽ صوبن جا شڪ به دور ٿيندا.
رپورٽ جو جائزو
اٽارني جنرل جي رپورٽ سنڌ صوبي جي حق ۾ آهي. منهنجي خيال ۾ ساليانو ايندڙ پاڻي جو اندازو لڳائڻ جي ضروريت ناهي، جو هر سال پاڻي ڦري گھري ٿو ۽ ڪڏهن به 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ نه ايندو، پر جڏهن ٺاهه ۾ گھٽ وڌ آيل پاڻي سڄي پاڪستان جي بنياد تي صوبن ۾ حصيداري جي شق موجود آهي ته آيل پاڻي جو اندازو لڳائڻ اجايو آهي. جيڪڏهن پاڻي 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ کان ڏهه سيڪڙو گھٽ اچي ٿو ته هر صوبو ٺاهه جي شق نمبر 2 ۾ ڏنل پاڻي جو حصو 10 سيڪڙو گھٽ کڻندو ۽ جيڪڏهن 10 سيڪڙو وڌيڪ اچي ٿو ته هر صوبو ٺاهه جي شق نمبر 2 ۾ ڏنل پاڻي جو حصو 10 سيڪڙو وڌيڪ کڻندو. جيستائين نوان ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه آهي، اهي ڀلي ٺاهيا وڃن پر صوبن جي راضپي کان پوءِ. جيستائين ٽيلميٽري سسٽم جي ڳالهه آهي اهو ڀلي هنيو وڃي.
گڏيل مفادن جي 6 آگسٽ 2020 واري گڏجاڻي
اڳ ۾ ٺهيل ڪاميٽيءَ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جا هڪ هڪ ميمبر هئا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي جا ٻه ٻه ميمبر هئا. سنڌ جي چيف منسٽر انهيءَ تي اعتراض واريو، تنهن ڪري اٽارني جنرل واري ڪاميٽي ٻيهر ٺاهي وئي، جنهن ۾ سڀني صوبن جا ٻه ٻه ميمبر هوندا. انهيءَ ڪاميٽيءَ کي مهيني اندر رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو.
پنجاب جي وزير چيو ته پاڻي ٺاهه ۾ 10 شقون آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. جڏهن ته ڪل ساليانو سراسري پاڻي دستياب آهي 102 ملين ايڪڙ فوٽ. انهيءَ بدران ڪُل پاڻي ورهايو ويو 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ. جيستائين نوان ڊيم نه ٺهندا ورهاست خيالي پاڻي تي نٿي ٿي سگھي، جنهن ڪري پنهنجي کنيل پاڻي جو 4 سيڪڙو وڃائي ٿو. هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته جيستائين نوان ڊيم نه ٺهندا تيستائين 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ واري ورهاست نه هلي سگھندي. سنڌ جي چيف منسٽر چيو ته پاڻي ٺاهه ۾ ڪٿي لکيل ناهي ته جيستائين نوان ڊيم نه ٺهندا تيستائين ورهاست نه ٿي سگھندي؟ پاڻي ٺاهه جي 6 شق، جيڪا نون ڊيمن جي باري ۾ آهي، ان ۾ به لکيل ناهي ته ورهاست تڏهن ٿيندي جڏهن ڊيم ٺهندا.
گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ وزيراعظم چيو ته پاڻي هڪ Critical اِشو آهي ۽ انهيءَ جو فيصلو خيال سان ڪرڻو پوندو ۽ سڀني صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي کپي. گڏيل مفادن جي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته اٽارني جنرل جي ڪاميٽي ٻيهر ٺاهي وڃي، جنهن ۾ هر صوبي جا هڪ جيترا ميمبر هوندا. ڪاميٽي پنهنجون سفارشون هڪ مهيني اندر ڏيندي ۽ اها رپورٽ گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.
گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي 11 نومبر 2020ع واري گڏجاڻي
6 آگسٽ 2020ع واري گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته اٽارني جنرل واري ڪاميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وڃي ۽ اها رپورٽ مهيني اندر ڏني وڃي، پر اها ڪاميٽي لڳ ڀڳ ٽن مهينن کان پوءِ ٺاهي وئي. انهيءَ ڪاميٽيءَ ۾ پاڻي وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري مهر علي شاهه ميمبر مقرر ڪيو ويو. سنڌ مان چيف منسٽر سنڌ ۽ سنڌ آبپاشي کاتي جو چيف انجنيئر ظريف اقبال کيڙو ميمبر ڪيو ويو. پنجاب مان هينئر چيئرمين طور ارسا ۾ ڪم ڪندڙ رائو ارشاد ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ايريگيشن حبيب الله بودلا کي ميمبر ڪيو ويو. بلوچستان مان آبپاشي وزير نوابزاده طارق مگسي ۽ چيف انجنيئر ڪينال شير افگن کي ميمبر ڪيو ويو. خيبرپختونخواهه مان سيڪريٽري طاهر اورڪزئي ۽ چيف انجنيئر مجاهد سيد کي ميمبر بڻايو ويو.
نئين ڪاميٽيءَ جو نوٽيفڪيشن 2 نومبر 2020ع تي جاري ڪيو ويو، تنهن ڪري 11 نومبر 2020ع جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪو فيصلو نه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان 6 آگسٽ 2020ع جي گڏجاڻيءَ ۾ چيو هو ته صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست هڪ Critical اِشو آهي ۽ ان جو فيصلو خيال سان ڪرڻو پوندو، ڏسون اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *