تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

گھايل گل ۽ نازڪ ناريون

اھو مراٺيءَ ٻوليءَ جو تمام گھڻو تلخ شعر آھي. جڏھن به ڪنھن عورت جي مٿان عذاب نازل ٿيندو آھي. جڏھن به ڪا ناري نماشام جو ڪنھن چکيا تي چاڙھي ويندي آھي. جڏھن به ڪنھن حوا جي ڌيءَ کي درد جي دوزخ ۾ اڇلايو ويندو آھي. تڏھن مون کي اھو مراٺي شعر ڪنھن وسري ويل ڏک وانگر ياد اچي ويندو آھي. ان شعر جي سار مون کي ان مھل به ايندي آھي، جڏھن ڪنھن پورھيت عورت جي جسم مان لذت جا ڪجھه ڪڻا نھن سان رھڙي ڪڍيا ويندا آھن. جڏھن ڪنھن مسڪين مائيءَ کي جسم وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آھي. جڏھن ڪنھن آفيس ۾ ڪنھن نوجوان ناريءَ کي جنسي طور تي حراسان ڪيو ويندو آھي. جڏھن به ڪو مرد محبت جي غلطي ڪندڙ عورت کي بليڪ ميل ڪندو آھي. جڏھن به ڪنھن نياڻيءَ کي جنسي تشدد جو نشانو بڻائي ٻار مان زوريءَ عورت بڻايو ويندو آھي. جڏھن به تحفظ ڏيندڙ ھٿ عورت کي غيرمحفوظ بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌندا آھن. جڏھن به ڪا ننڍڙي ناري مرد جي وحشي اکين جي چڀت محسوس ڪندي پنھنجي پاتل پوتيءَ کي ٻيھر پائڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. جڏھن به حوس جو شڪار ٿيل حوا جي ڌيءَ پريس ڪلب جي آڏو دانھون ڪندي آھي. جڏھن به ڪنھن معصوم نار مٿان ڪارپ جي تھمت ھڻي کيس ڪھاڙين سان ڪٺو ويندو آھي. جڏھن به ڪنھن مقتول منڌ جو لاوارث لاش ڪنھن واھه مان لڙھندو ھٿ ايندو آھي. جڏھن به ھن جديد ۽ جمھوري دور ۾ ڪنھن عورت کي گھر جي غربت ختم ڪرڻ لاءِ شاديءَ جو وڳو پارائي وڪيو ويندو آھي. جڏھن به ڪا مجبور ماءُ پنھنجن ٻچڙن جي بک برادشت نه ڪري سگھڻ سبب پنھنجو جسم ڪنھن بستري جي اڏي مٿان رکندي آھي. جڏھن ھن جو بت جوانيءَ ۾ به ٿڌي گوشت وانگر محسوس ٿيندو آھي. تڏھن مون کي ان مراٺي ٻوليءَ جي گمنام شاعر جو اھو شعر ياد ايندو آھي ته:
“ھو چون ٿا
عورت گل آھي.
مان پڇان ٿو
اڱر ميڙيندڙ عورت کان وٺي
گند ٻھاريندڙ عورت تائين
گلن جا گھڻا قسم آھن؟”
انڊيا جي جڳ مشھور ڪتاب ڪاما سوترا ۾ به عورتن جا ايترا قسم بيان ٿيل ناھن، جيترا گلن جا قسم اسان پنھنجين اکين سان ڏٺا آھن. اھي گل جيڪي اميرن جي اڱڻن ۾ لڏندا لمندا آھن. اھي گل جيڪي نمائش ۾ انعام حاصل ڪرڻ لاءِ رکيا ويندا آھن. اھي گل جيڪي ٻنين ۾پوکيل فصلن مان اڀري ايندا آھن. اھي گل جيڪي تمام گھڻين برساتن کان پوءِ ٿر بر ۾ پنھنجو پاڻ ڦٽي پوندا آھن. اھي گل جيڪي گمنام ھوندا آھن. اھي گل جن جا نالا ٻارن تي رکيا ويندا آھن. اھي گل جن ۾ من ڀاوڪ مھڪ ھوندي آھي. اھي گل جن کي ان ڪري نه سنگھبو آھي جو انھن کي سنگھڻ سان نڪ ھير جو خطرو ھوندو آھي. اھي گل جيڪي صرف ڪاروبار جي لاءِ ڪاشت ڪيا ويندا آھن. جن جون ٽرڪون فجر جو شھرن ۾ لھنديون آھن. انھن مان ڪي گل شادين مرادين لاءِ خريد ڪيا ويندا آھن. اھي گل جيڪي گھوٽ جي گلي جو سينگار ٿيندا آھن. اھي گل جيڪي ڪنوار جي سيج تي سجايا ويندا آھن. اھي گل به انھن گلن سان گڏ پيدا ٿي، پٽجي، بازار ۾ وڪرو ٿيندا آھن، جيڪي جنازن تي ڇٽيا ويندا آھن. اھي گلابي ۽ ڳاڙھا گل جن جون ڇڻ ڇڻ پتيون سفيد ڪفن جي مٿان اھو پيغام ڏينديون آھن ته دنيا فاني آھي. اھي به گل ھوندا آھن، جن ۾ ڪو به سڳنڌ نه ھوندو آھي. اھي ڪاغذ ۽ رٻڙ جا ڪوڙا گل ھوندا آھن. پر اھي صفا سچا ۽ اصلي محسوس ٿيندا آھن. اھي به ته گل ھوندا آھن، جن کي اکين جي بک اجھائڻ بدران پيٽ جو دوزخ وسائڻ لاءِ ڪنيءَ ۾ چاڙھي، پچائي کاڌو ويندو آھي. اھي گل جن جي لاءِ ڀٽائيءَ لکيو ھو:
“آڻيو وجھن آھرين، روڙيو رتا گل”
اھي به ته گل ھوندا آھن، جن کي عاشق ڪتابن ۽ ڊائرين ۾ سنڀالي رکندا آھن ۽ جن تي شاعر تمام گھڻا شعر لکندا آھن. اھو به تحقيق جو موضوع ٿي سگھي ٿو ته ڪھڙي شاعر ڪھڙن گلن تي شعر لکيا؟ شيخ اياز ھونئن ته گلاب جي گلن تي گھڻا شعر لکيا آھن. پر انھن شعرن ۾ سياسي شوخي آھي. مثال طور ھن جو اھو شعر سياسي جماليات جو مظھر آھي ته:
“ڳاڙھا ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منھنجو خواب
تون ئي آھين جواب، صدين جي سوال جو”
ان شعر جي سونھن ادبي گھٽ ۽ سياسي گھڻي آھي. پر سونھن ته سونھن آھي. ڇا اسان گلن وانگر سونھن کي به ڪيترن ئي قسمن ۾ ورھايون؟ اسان ھر گل کي الڳ الڳ ڪري ان جي اڪيلي انا جي تصوير ٺاھيون يا اسان انھن گلن جو گڏيل گلدستو جوڙيون. اسان آخر انھن گلن جي ڳالھه ڇو ٿا ڪريون؟ جن ۾ جنسي جماليات جي جھلڪ ھوندي آھي. اسان کي انھن گلن جو به ذڪر ڪرڻ گھرجي، جيڪي ان ڪري پيڙيا ويندا آھن ته جيئن انھن مان خوشبودار تيل ۽ ڪائي سرھاڻ ڪشيد ڪري سگھجي. گل صرف گلدانن ۾ سجائڻ يا ڪنھن جي وارن ۾ اٽڪائڻ لاءِ به جنم ناھن وٺندا. پر قيدي جڏھن اجرن شيشن واري قيدخاني ۾ ڪنھن گلدان کي ڏسي ڪوئي شاعر اھي ٻول سرجي ٿو ته:
“تو ڪيڏو قھر ڪيو آھي
جو بند دريءَ جي شيشي سان
ھي گلدان رکيو آھي
ھر گل ۾ ڪائي اک آھي
جا ڏور ڏسي ٿي ڀنورن کي
…..تون کولي ڇڏ ھيءَ بند دري
ڇا ھير لڳي ٿي مھڪ ڀري”
ھا! ھي اھو ئي شاعر آھي، جنھن کي ڪراچيءَ جي ٽريفڪ سگنلز تي گلن وارن ڇوڪرن سان بارگينگ ڪندڙ سيٺ بنھه نھ وڻندا ھئا. اھو جڏھن پنھنجي واڪنگ اسٽڪ سان پرنس ڪامپليڪس ۾ موٽي ايندو ھو، نوٽ بڪ کڻي اھي ٻول لکندو ھو ته:
“مون وٽ سيٺ گلاب
جھڙي تنھنجي جاءِ ڀلارا
اھڙا پيارا
مون وٽ سيٺ گلاب
اگھه انھن جو ايڏي جھڳ جھڳ
تنھنجي جڳ مڳ جوءِ گھڻي ۾؟
ڳاڙھا گل ابوءِ گھڻي ۾؟
جن سان سرھا خواب
مون وٽ سيٺ گلاب”
پر ڳالھه صرف گلابن جي ناھي. ھند توڙي سنڌ جي اتھاس ۾ سڀ کان وڌيڪ جنھن گل کي عزت ۽ آبرو سان پوڄيو ۽ پٽيو ويو آھي، اھو گل ظاھر آھي ته ڪنول کان سواءِ ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو؟ اھو گل جنھن کي ھر ھندي شاعر پنھنجي ڪويتا ۾ سمايو آھي ۽ جنھن کي صرف ڪبير نه پر ڀٽائيءَ به انھن لئه ڀريل لفظن ۾ ڳايو آھي ته:
“ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس
ٻھي سندي ڳالھڙي، رازق آندي راس
تنھن عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا”
اھو ھڪ جاپاني شاعر ھو. ھن جا احساس به ھن جي ھائڪو وانگر تمام گھڻا ڪچڙا، ڪونئرا ۽ معصوم ھئا. ھن گلن تي نه پر گلن جي مٿان اڏرندڙ پوپٽن تي اھي اکر لکيا ھئا:
“جيڪڏھن گل جنم نه وٺن ھا
ته ھي پيارا پيارا پوپٽ
ڪيئن پيدا ٿين ھا؟”
پر ڇا گل صرف پوپٽن لاءِ پيدا ٿيا آھن؟
ڇا گل صرف انھن پکين جي لاءِ پيدا ٿيا آھن، جن لاءِ اردو ٻوليءَ جا استاد شاعر ڇا ته غزل گھڙيندا ھئا!
“يه آرزو تھي تجھي گل ڪي روبرو ڪرتي
ھم اور بلبل بيتاب گفتگو ڪرتي”
گل تمام گھڻا خوبصورت ھوندا آھن. گلن جي سونھن انھن جي رنگ ۾ ھوندي يا انگ ۾ يا انھن جي مھڪ ۾؟ پر ڇا اسان کي اھو حق پھچي ٿو ته اسان گلن جو اھڙو لفظي پوسٽ مارٽم ڪريون؟
اھڙو پوسٽ مارٽم جھڙو پوسٽ مارٽم قتل ۽ خودڪشيءَ جي وچ واري سوال ۾ مري ويندڙ ناريءَ جي قبرڪشائي ڪرڻ کان پوءِ ڪيو ويندو آھي. اھو پوسٽ مارٽم جيڪو ڊاڪٽر ماھا جو ٿيڻو آھي. ڊاڪٽر ماھا به ته پنھنجي روپ رنگ ۾ ھڪ معصوم گل جھڙي ناري ھئي.
۽ اھا ناري به ته ڪنھن نه ڪنھن گل جھڙي ھئي، جنھن کي لاھور کان اسلام آباد ويندڙ موٽروي تي سندس ٻچڙن جي آڏو ريپ ڪيو ويو. اھا ناري جيڪا ملڪي پرچم جھڙي پردي پويان پاڻ کي شرم کان ڇپائي ويٺي آھي. جنھن جي تصوير ھن مھل تائين ميڊيا جي ڪنھن به سيڪشن مان پڌري نه ٿي آھي. جيڪڏھن ان ناريءَ جي ڪا تصوير اسان کي ھٿ اچي ھا ته اسان ھن جي ڪنھن گل سان ڀيٽ ڪري سگھون ھا. باقي ھن جي ٻارڙا ته اکين مان ڇم ڇم ڪري ڇڻندڙ لڙڪن جھڙا آھن. اوھان انھن جي ماڪ ڦڙن سان به ڀيٽ ڪري سگھو ٿا.
اھا ناري جنھن جو اصلي الاءِ فرضي نالو ايف آءِ آر ۾ “ثنا” لکيو ويو آھي، جڏھن ھن کي درندگيءَ جو نشانو بڻايو ويو ھو، تڏھن به مون کي مٿي لکيل اھو مراٺي شعر ياد آيو ھو ته:
“ھو چون ٿا
عورت گل آھي.
مان پڇان ٿو
اڱر ميڙيندڙ عورت کان وٺي
گند ٻھاريندڙ عورت تائين
گلن جا گھڻا قسم آھن؟”
جنھن مھل آئون گلن جي قسمن جي باري ۾ سوچي رھيو ھوس، تڏھن منھنجي نظر بي بي سيءَ جي نئين اسٽوريءَ تي پئي. اھا ھڪ تحقيقي اسٽوري ھئي. اھا اسٽوري انھن گلن جي باري ۾ جيڪا پيرن ھيٺان ڇيڀاٽجي وڃڻ کان پوءِ وري پنھنجو رت ست سھيڙي پاڻ کي پاڻ ساڳي صورت ۾ آڻيندا آھن. ھونئن ته گلن جا گھڻا قسم آھن. پر اھڙن گلن جا ھن مھل تائين صرف ٻه ٽي قسم ملي سگھيا آھن، جيڪي پنھنجو زخم پاڻ ڀري سگھڻ جي سگھه رکن ٿا. گلن جي انھن قسمن جا نالا آرڪڊ ۽ سوئيٽ پي لکيا ويا ھئا.
انھن گلن جي تصويرن ۾ مون گھوري ڏٺو. انھن نازڪ گلن ۾ مون کي اھي سموريون ناريون نظر آيون، جن مٿان ھن مھل تائين تشدد ڪيو ويو آھي. جن جو ريپ ۽ گينگ ريپ ڪيو ويو آھي. اھي ناريون به انھن گلن وانگر وري تمام گھڻي عذاب سان پاڻ کي ميڙي سھيڙي جيئڻ جا جتن ڪن ٿيون.
ڪيئن چئون ته ھو ڪامياب ٿين ٿيون…….!!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *