Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_os35hd81ftvkcofr01lh8j32uo, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڳالهيون يا استعيفيٰ !؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڳالهيون يا استعيفيٰ !؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

ڳالهيون يا استعيفيٰ !؟

ملڪ جي اندر اقتداري ڪشمش پنهنجي اندروني ٽڪرائن جي شديد بحرانن مان گذري هن وقت ظاهري يعني کليل ٽڪرائن جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي اها ڇڪتاڻ سڌيءَ طرح ٽن گروهن يا ٻين لفظن ۾ ٽن ڌرين جي هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ قدم به قدم ۽ هرروز وڌندي نظر اچي ٿي. هن وقت تائين اهي تضاد مذاحمت جي ٻئي دور مان گذري رهيا آهن، جيئن ته اقتداري حاصلات جا تضاد ٽڪرائن جي ٽن صورتن ۾ گذرندا آهن انهن جي پهرين صورت سرد اختلافن جي حدن ۾ رهڻ آهي جنهن ۾ شڪايتون، ميارون، تنقيدون، تجويزون ۽ هڪ ٻئي سان ڏي وٺ جي تڪرارن ۾ رهندي اها ئي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪو ٺاھه جو رستو نڪري جڏهن ٺاھه جو رستو نڪرندي نظر ناهي ايندو، تڏهن تضادن جو ٻيو مرحلو يا ٻي اسٽيج اها هوندي آهي ته احتجاجي جلسا ۽ ريليون ڪڍيا ويندا آهن انهن احتجاجن کان پوءِ وري اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪو ٺاھه جو رستون نڪري ان وقت طاقت جو توازن جيڪا ڌر پنهنجي حق ۾ سمجهندي آهي اها ڌر وڌيڪ شدت سان پنهنجا مطالبا رکندي ڪوشش ڪندي آهي ته مخالف کي ڪمزور کان ڪمزور دائري ۾ آڻي بيهارجي پر جڏهن اهو ٻيو مرحلو به ناڪام ٿيندو آهي ته لازمي طور تي ٽيون مرحلو شديد ٽڪرائن يعني مذاحمتن جو شروع ٿيندو آهي جنهن ۾ هڙتالون ، حڪومت سان عدم تعاون ڪندي سول نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪئي ويندي آهي.
تحريڪ هلائيندڙ ڌر وڌ کان وڌ اها ڪوشش ڪندي آهي ته حڪومت تي سياسي دٻاءٌ وجھڻ سان گڏوگڏ معاشي دٻاءُ ايتري حد تائين وڌائجي جو حڪومت ڪمزور ٿيندي ساڻي ٿي پئي ۽ پوءِ هن جي ڪرڻ يا هٽڻ جا امڪان وڌيڪ طاقتور ٿي ويندا آهن. موجوده حالتن ۾ پي ڊي ايم جي تحريڪ پهرين مرحلي کان گذري ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جڏهن پي ڊي ايم جو اتحاد قائم ٿيو انهيءَ وقت مولانا فضل الرحمٰن ۽ نواز شريف چاهيو ٿي ته تحريڪ جي شروعات ڪجي ليڪن شامل ٻين جماعتن ۽ خاص ڪري پ پ پ نٿي چاهيو ته ٻئي مرحلي جي تحريڪ شروع ٿئي ڇو ته پ پ پ ٽڪرائن جي اها شدت نٿي چاهي جتان واپسيءَ جو رستو ڏکيو ٿي وڃي ليڪن برسر اقتدار ڌر يعني وزير اعظم عمران خان کي پورو يقين هو ته هيءُ اتحاد تحريڪ هلائڻ کان پهريائين ڪمزور ٿي ويندو يا هلڪين ڦلڪين ڌمڪين کان وڌيڪ ڪجھه به ڪري نه سگھندو.
هن کي يقين هو ته اتحاد ۾ شامل تمام جو تمام پارٽيون اها جرئت ئي نٿيون رکن جو هو اسٽيبشلمينٽ جي ٽڪراءُ ۾ اچي سگھن ۽ جي اسٽيبلشمنيٽ جي ٽڪراءُ ۾ هي اچي ويا ته انهيءَ جو فائدو وڌ کان وڌ سندس حڪومت کي ٿيندو، حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي ڍال جي پويان رهندي تحريڪ جو سڄو سارو حملو ۽ ٿيندڙ هر وار کان پاڻ کي بچائي ويندي اهوئي سبب هيو جو هن ڪنهن به مرحلي تي اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ فضُول ۽ بيڪار سمجيون، هو پنهنجي هڪڙي ئي بيانيي تي قائم رهيو ته“ جن کي ڪرپٽ سمجھان ٿو ۽ انهن سان ڳالهائڻ ته ڇا پر هٿ ملائڻ به گوارا نه ڪندس” پر جڏهن ڪرپشن مافيا هن جي حڪومت کي به سوڙهو ڪيو ۽ اهڙو سوڙهو ڪيو جو نه رڳو عوام جو ساھه مٺ ۾ اچي ويو آهي پر حڪومت جي سگھه به ايتري ڪمزور ٿي وئي آهي جو هو مهانگائي ڪندڙ جي خلاف ڪجھه به ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي توڙي جو پي ٽي آءِ جي سڌيءَ طرح ٽن صوبن ۾ حڪومت آهي سندس اتحادي ڪڏهن به هن جي انتظامي معاملن ۾ رڪاوٽ ناهن بڻيا اهوئي سبب آهي جو هن جي حڪومت مڪمل طور تي مفلوج ۽ معذور پنهنجي پاڻ کي ثابت ڪيو آهي کيس خبر ئي نٿي پئي ته هو ڇا ٿا چون، ڪڏهن چون ٿا ته مارڪيٽ جي اندر کاڌي پيتي جي شين تي منافعي خور مافيا هٿرادو مهانگائي ڪئي آهي ۽ وري ڪڏهن ماضيءَ جي ٿيندڙ ڪرپشن جا مثال ڏئي پنهنجي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هن وقت مخالف ڌر يعني پي ڊي ايم جي وڌ کان وڌ تنقيد حڪومت جي مٿان اها آهي ته هي نااهل حڪومت انهيءَ ۾ آهي جو ايڏي وڏي سگھه جي اتحاد جي باوجود هو مهانگائي تي هڪ سيڪڙو به ڪنٽرول ناهي ڪري سگھي،
تنهن ڪري عوام جي عذاب ۾ آيل زندگيءَ کي آجي ڪرڻ لاءِ هو ميدان عمل ۾ اچي ويا آهن. حڪومت تي اپوزيشن جي اها تنقيد ايتري طاقتور آهي جو حڪومت جا ن ليگ ۽ پ پ پ تي سمورا ڪرپشن جا الزام ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ پ پ پ ۽ ن ليگ اتحاد جي طاقت ۾ ويهي عمران خان حڪومت کي سخت کان سخت وقت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن پوري پي ڊي ايم جو هڪ رخ پي ٽي آءِ يعني عمران خان حڪومت جي خلاف آهي ته ٻئي طرف پي ڊي ايم اسٽيبلشمينٽ تي کلي تنقيد ڪري پئي. هن وقت تائين ٿيندڙ تنقيد ۾ هڪ حڪمت عملي اها ئي اختيار ڪئي وئي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان حڪومت کان الڳ ڪجي، جنهن جو ذڪر پي ٽي آءِ جا وزير ۽ خود وزير اعظم پاڻ به ڪري چڪو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي حڪمت عملي هن وقت تائين اهائي آهي ته هو حڪومت جي ساٿ ۾رهي پر گڏوگڏ پاڻ به آساني سان سمجھي سگھون ٿا ته اقتدار جي راند ۾ ڪو به ڪنهن جو آخري وقت تائين اتحادي يا ساٿي رهي نٿو سگھي. سياسي اتحاد نظرياتي بنيادن تي مضبوط ۽ طاقتور هوندا آهن پسند نا پسند شخصيتن جي ٽڪرائن ۾ سياسي اتحاد ڪمزور ئي ٿيندا آهن اها قوت جنهن کي قبولڻ جي لاءِ مخالف ڌر به تيار هجي ته انهيءَ جو اتحاد حڪومت سان هميشه ڪمزور ئي رهندو،
ها البته اهو ضرور ٿيندو جو حڪومت پنهنجي ڪمزور پوزيشن کي محسوس ڪندي پوري ڪوشش ڪندي ته سندس طاقتور اتحادي هن سان گڏ ئي رهي. پي ڊي ايم جي ٽن جلسن کان پوءِ سياسي اپوزيشن وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندي نظر ٿي اچي حڪومت ۽ سندس اتحادي جي سمجھه ۾ اهو نٿو اچي ته هو انهيءَ طاقت جو مقابلو يعني اپوزيشن جي عوامي سگھه جو مقابلو ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪري، تنهن ڪري حڪومت وٽ اپوزيشن مٿان تنقيد ڪرڻ جو صرف هڪ ئي الزام رهيو آهي ته هو نواز شريف جي ۽ پي ڊي ايم جي ليڊرشپ تي اها تنقيد ڪري ته هو غير ملڪي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، يعني ٻين لفظن ۾ مخالف ڌر جي قيادت ملڪ سان غداري پئي ڪري، ڪافر ۽ غداري جا سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ هٿان جي حڪمران ٽولن لاءِ پراڻي کان پراڻي ڳالھه آهي، ايتري حد تائين جو جيڪي به اقتدار ۾ رهيا آهن انهن تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ اهڙائي الزام لڳايا آهن،
ها جيڪڏهن فرق آهي ته اهو هيءُ آهي ته ماضيءَ جي حڪومتن مخالف تحريڪن تي الزام لڳائڻ سان گڏوگڏ ڳالهين جا دروازا هر وقت کولي رکيا آهن. هن وقت پوري ميڊيا جي اندر حڪومت تاثر اهوئي ڏئي رهي آهي ته سڌيءَ طرح سان ڳالهين جي لاءِ تيار ناهي هاڻي جڏهن حڪومت ڳالهين جا دروازا بند ٿي ڪري ته انهيءَ جو صاف مطلب هيءُ نڪري ٿو ته حڪومت وٽ ڳالهين ڪرڻ جي صلاحيت يعني ڊپلوميٽڪ اهليت ناهي، جيڪڏهن آهي به ته اها انتهائي ڪمزور. ٻيو اهو سوال خود اپوزيشن يعني پي ڊي ايم جي لاءِ به انتهائي اهم آهي ته پي ڊي ايم جي جدوجهد جو ٽيون مرحلو ڪيتري شدت سان هوندو ڇا ان ٽئي مرحلي ۾ پي ڊي ايم ايتري طاقتور ۽ مستقل مزاجي رکي ٿي جو حڪومت کي ناڪام ڪري هٽائي سگھي؟ پي ڊي ايم کي هن مرحلي تي پهچڻ کان پهريان يقينن ڳالهين يعني ڊائيلاگ جي مرحلي مان گذرڻو پوندو. هاڻي سوال وري ساڳيو اچي ٿو ته اهي ڊائيلاگ ڪنهن سان ۽ ڪيئن ڪيا ويندا؟ جيڪڏهن پي ڊي ايم پس پرده اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪري ٿي ته ان جي آخري صورت وري به حڪومت جي ٽيبل تي ئي ڏني ويندي ۽ اها صورت ڪهڙي هوندي انهيءُ کي سمجھڻ ايترو ڏکيو ناهي، ڇو ته ڏکئي کان ڏکي صورتحال ۾ به وچ واري رستو هميشه ئي نڪرندو رهيو آهي. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي خلاف نون ستارن جي اتحاد جي تحريڪ انتهائي شدت سان وڌي هئي پر ذوالفقار علي ڀٽي انهن کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻي آخري ٺاھه کي حتمي شڪل ڏني هئي بقول جماعت اسلامي جي پروفيسر غفور احمد جي ته اسان صبح جو ٺاھه تي صحيح ڪرڻ وارا هيا سين ته 5 جولاءِ جي رات ضياءَ الحق مارشل لا لڳائي ڇڏي هئي، يعني ان دور ۾ به حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ به ٺاھه جو رستو نڪري چڪو هيو. هن وقت حڪومت جي سياسي اهليت ڪيتري به نابالغ هجي پر هو ٺاھه جي حد تائين پهچي سگھي ٿي يا پهچائي ويندي. اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ ڪيتري به طاقتور نظر اچي پر کين خبر آهي ته مشرف چيف جسٽس جي بحاليءَ جي تحريڪ اڳيان ايترو ڪمزور ٿي چڪو هو جو هن پاڻ کي بچائڻ لاءِ آمريڪا کي مجبور ڪيو ته محترمه بي نظير سان ٺاھه جو رستو ڪڍي، جيڪو نڪتو جنهن کي اين آر او جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
موجوده اسٽيبلشمينٽ پي ڊي ايم جي تحريڪ کي ان حد تائين وڌڻ نه ڏيندي جو شديد ٽڪراءُ پيدا ٿي وڃن ۽ نه پي ڊي ايم ئي ان حد تائين وڌڻ چاهي ٿي،
بلاول ڀٽو زرداريءَ جو هيءُ بيان اسان جي اڳيان موجود آهي ته “استعيفائون پارلياماني خود ڪش ڌماڪو هوندو يعني انهيءَ کان پوءِ نو رٽرن پوائنٽ اچي ويندي يقينن استعيفائن کان پوءِ پي ڊي ايم کي واپسيءَ جو رستو نه ملندو ۽ پي ڊي ايم آخري حد تائين اها ڪوشش ڪندي ته اهو مرحلو نه اچي ۽ نه اسٽيبلشمينٽ اهو چاهيندي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي، باقي الزام تنقيدون ان وقت تائين هلنديون رهنديون جيستائين پس پرده هلندڙ ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچن. حڪومت جي مايوسي ۽ پريشاني ٻڌائي ٿي ته ڪجھه ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي انهيءَ ۾ يقينن نقصان عمران خان حڪومت جو ئي هوندو.هاڻي پي ڊي ايم کي وڃائڻ جي لاءِ گھٽ ۽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *