Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_o5r92bjv0a2jgvp2ieop3akk0s, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڳجهيون ملاقاتون ،وضاحتون ۽ پابنديون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڳجهيون ملاقاتون ،وضاحتون ۽ پابنديون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

ڳجهيون ملاقاتون ،وضاحتون ۽ پابنديون

مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي بعد پاڪ فوج جي سربراهه سان مخالف ڌر جي پارٽين جي اڳواڻن جي ٿيل ملاقاتن جا لڪل داستان ايئن نروار ٿيندا اهو شايد اي پي سي ڪندڙ پارٽين کي به اندازو نه هيو ۽ نه ئي ميڊيا جي ئي ڇهين حس کي ان جي خبر پئجي سگهي. اهو ڪنهن جي گمان ۾ ان ڪري به نه پئي آيو جو اهڙيون خبرون اهي نشر يا شايع ڪيون وينديون آهن جيڪي فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيون ويون هجن يا وري ڪنهن وڏي سياسي اڳواڻ پاران پنهنجي بيان ۾ اهڙو ذڪر ڪيو ويو هجي، پر مخالف ڌر جي پارٽين جي ٿيل اي پي سي جو اهو ڪمال آهي جو پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان اي پي سي کان هفتو ٻه اڳ مخالف ڌر جي پارٽين جي اڳواڻن پاران ڪيل ملاقاتن جي خبر اي پي پي سي جي ٻئي ڏينهن ئي سامهون اچي وئي ان بعد مسلسل پاڪ فوج جي سربراهه سان مخالف ڌر جي اڳواڻن جي ملاقاتن جا قصا ميڊيا جي بحث جو هر ڏينهن موضوع بڻجي رهيا آهن. وفاقي وزير شيخ رشيد جيڪو عوامي مسلم ليگ جو سربراهه آهي ۽ ان پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهي قومي اسيمبلي ۾ پهتو آهي ۽ ان جو حڪومت سان تعلق هڪ وفاقي وزير ۽ اتحادي پارٽي جي ميمبر وارو آهي، ان ئي اي پي سي بعد آرمي چيف سان مخالف ڌر جي اڳواڻن جي اڳ ٿيل ملاقات جي خبر ميڊيا کي ڏني . ان بعد به ٻين ملاقاتن جون خبرون ميڊيا کي ان ئي فراهم ڪيون، ان بعد پاڪ فوج جي ترجمان پاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ جي اڳواڻ محمد زبير جي آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان جي بيان بعد جي يو آءِ (ف) جي مولانا غفور حيدري به جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي آرمي چيف سان آزادي مارچ جي حوالي سان ٿيل ملاقات جو ذڪر هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو . مطلب ته ملاقاتن جو سلسلو اردو جي هن شعر ته “بات نڪلي گي تو ڦر دور تلڪ جائي گي” وانگر ٿيندو پيو وڃي، ڇو ته انهن ملاقاتن جا رڳو قصا ئي نظر نه اچي رهيا آهن پر انهن ملاقاتن بابت وضاحتون ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنسون به ٿيڻ لڳيون آهن، جيڪي به ميڊيا جي زينت ٿي رهيون آهن.
بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف، ن ليگ، پ پ پ جا اڳواڻ ته ان بابت ڳالهائي وضاحتون پيش ڪري چڪا آهن پر مسلم ليگ ن جي لنڊن ۾ موجود سربراهه ميان نواز شريف به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي. ميان نواز شريف ٽوئيٽر اڪائونٽ اي پي سي کان هڪ ڏينهن اڳ ٺاهيو هو، جنهن تان پهريون ٽوئيٽ هن “ووٽ کي عزت ڏيو” وارو ڪيو هو ۽ ٻيو ٽوئيٽ هن آرمي چيف سان ملاقاتن بابت رد عمل ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي، جنهن ۾ ميان نواز شريف چيو آهي ته “تازن واقعن سان هڪ ڀيرو وري ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن ريت ڪجهه ملاقاتون ستن پردن ۾ لڪل رهن ٿيون ۽ ڪنهن ريت ڪجهه ملاقاتن کي منظر تي آڻي مرضي جي معنيٰ ڪڍي ويندي آهي، اها راند هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. اڄ مان پنهنجي پارٽي کي هدايت جاري ڪيان ٿو ته آئين جي تقاضائن ۽ پاڪ فوج جي پنهنجي حلف جي پاسداري ياد ڪرائڻ لاءِ اڳتي اسان جي پارٽي جو ڪو به ميمبر انفرادي، جماعتي يا ذاتي سطح تي عسڪري ۽ لاڳاپيل ايجنسين جي نمائندن سان ملاقاتون نه ڪندو، قومي دفاع ۽ آئيني گهرجن لاءِ ضروري ٿيو ته پارٽي قيادت جي منظوري سان اعلانيل ملاقات ٿي سگهندي ۽ ان کي ڳجهو نه رکيو ويندو.” ميان نواز شريف جو اهو بيان معلوم ناهي ته ڪيترن ماڻهن کي سٺو لڳو هوندو پر اهو بيان جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد جي صحافتي حلقن ۾ طنزيه طور تي اهو بحث ٿي رهيو آهي ته اهڙي پابندي بعد شهباز شريف، خواجه آصف، سردار اياز صادق جو ڇا ٿيندو، جن بابت اهو بحث ٿيندو رهيو آهي ته انهن جي پارٽي ۾ اهميت عسڪري رابطن جي ڪري به آهي. خير صحافين جي طنز پنهجي جاءِ تي ملاقاتن جون ڪهاڻيون جيئن سامهون اچي رهيون آهن ڇا اهو سلسلو اڃان به جاري رهندو؟ واري سوال تي ڪالهه ئي پارليامينٽ ۾ صحافي دوستن سان ڪچهري دوران اهو ٻڌو ته جيڪڏهن سياسي اڳواڻن جي ملاقاتن جا قصا کولڻ جو سلسلو جاري رکڻ ضروري سمجهيو ويو ته ملاقاتن جون ڪهاڻيون اڃان ايتريون ٿيل آهن جو ڪيترائي ڏينهن اڃان وڌيڪ سلسلو هلي سگهي ٿو، پر سوال هي آهي ته اهو بحث اسٽيبلشمينٽ جي فائدي ۾ آهي؟ اهو سوال اهو آهي جنهن جو ڪو امڪاني تجزيو ڪرڻ بجاءِ ان سوال کي جواب لاءِ ايندڙ ڏينهن لاءِ ڇڏي ڏيون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته پردي ۾ لڪل وڌيڪ ملاقاتن جا قصا شيخ رشيد يا ڪنهن ٻئي معرفت آندا ويا ته پوءِ اهو سمجهيو ويندو ته اهو اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ بحث ان جي فائدي ۾ آهي ۽ تڏهن اهو ڪهڙو فائدو ٿي سگهي ٿو جو تجزيو به ڪيو ويندو، پر ان سموري مامري سان هن حڪومت کي فائدو اهو ٿي رهيو آهي ته ڪالهه هڪ ئي ڏينهن ۾ 262 سيڪڙو تائين دوائن جي قيمتن ۽ يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن پاران عام استعمال جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ۽ ڪالهه ئي بجلي جي في يونٽ تي هڪ روپيو 62 پيسا واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي پر اهو ملڪ جي وڏي مسئلي طور بحث هيٺ نه آيو، اوهان کي ٻڌايان ته حڪومت باضابطه طور تي آرمي چيف سان ملاقاتن بابت ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي، پر وزيراعظم وزيرن کي حساس مامرن تي بيان ڏيڻ کان ئي روڪي ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو جڏهن گذريل اڱاري تي مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ٿيل آرمي چيف جي ملاقات ۾ وزيراعظم جي هجڻ يا نه هجڻ بابت پڇيل سوال جو به سڌ سماءَ جي وزير جواب نه ڏنو، ان حوالي سان مسلسل لب ڪشائي شيخ رشيد ڪري رهيو آهي، ڏسجي ته اهو مامرو ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿو، پر اي پي سي بعد مولانا فضل الرحمان جي سيڪريٽري طارق بلوچ جي والد جي گرفتاري، مولانا فضل الرحمان کي نيب جو نوٽيس، شهباز شريف خلاف نيب لاهور پاران 25 هزار صفحن تي ٻڌل ريفرنس داخل ڪرڻ کانسواءِ شهباز شريف جي گرفتاري جا افواهه ايئن پکڙيل آهن جو ڪالهه هڪ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ميمبر اچڻ سان صحافين کان اهو سوال ڪيو ته شهباز شريف گرفتار ته نه ٿيو آهي، جنهن تي صحافين کيس ٻڌايو ته سندس ضمانت ۾ توسيع ٿي آهي. ڳالهه نيب جي ٿي رهي آهي ته اوهان کي ٻڌايان ته ايندڙ مهيني ٻن ۾ هڪ مسئلو اهو به پيدا ٿيڻ وارو آهي جو موجوده نيب چيئرمين جي مدت پوري ٿي رهي آهي، قانون تحت نيب چيئرمين جي مقرري وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان ٿيڻي آهي، سوال هي آهي ته وزيراعظم ان اپوزيشن ليڊر جنهن تي نيب جا ريفرنس آهن ان سان ان اداري جي سربراهه جي مقرري لاءِ مشاورت ڪندو؟ ان سوال جو حڪومتي ذميوار ته تمام مشڪل آهي وارو جواب ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته هڪ بحراني صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن قانون جي ابتڙ حڪومت پاڻ هرتو مقرري ڪري ٿي ته نيب ادارو اڃان تنقيد هيٺ اچي وڌيڪ تڪراري ٿي سگهي ٿو.
سوال هي به آهي ته جنهن نواز شريف لاءِ مسلسل اهو چيو پئي ويو ته هو هڪ ڊيل تحت ملڪ کان ٻاهر ويو آهي ۽ سياسي سرگرمين کان پاسو ڪري خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهي نه رڳو ايترو پر ملڪ ۾ موجود سندس ڌي به خاموش آهي، ان ميان نواز شريف اي پي سي ۾ اسٽيبلشمينٽ کي سخت حدف بنائڻ وارو خطاب ڇو ڪيو؟ ايئن به نه آهي جو ميان نواز شريف اي پي سي جو ماحول ڏسي جذبات ۾ اچي ويو اهو ان ڪري چوان ٿو ته ميان نواز شريف لکيل خطاب پڙهيو، ظاهر آهي سوچي سمجهي اهو خطاب لکيو ويو هوندو، ميان نواز شريف لکيل خطاب ۾ رڳو هڪ جملي جو اضافو ڪيو، اهو اهو ته اسان جو مقابلو عمران خان سان نه آهي ان کي آڻيندڙن خلاف آهي، باقي ان جو سمورو خطاب لکيل هو، سوال هي به آهي ته ميان نواز شريف کي آخر سخت لائين وٺڻ جو خيال ڇو آيو؟ ظاهر آهي ان پويان به هڪ مقصد ۽ ڪهاڻي هوندي، ايئن اجايو ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ۽ اسٽيبلشمينٽ کان چڱي ريت واقف شخص ميدان ۾ ڪڏي نه پوندو ۽ ظاهر آهي ايئن اي پي سي بعد مخالف ڌر جي ملاقاتن جا تفصيل ظاهر ڪرڻ جو به ڪو مقصد ئي هوندو، ڏسجي ته ان شروع ٿيل عمل جو نتيجو ڇا ٿو نڪري پر اهو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته جيڪا سياسي گرما گرمي ۽ ڪشيدگي واري صورتحال مارچ ۾ سينيٽ چونڊن ڪري نظر اچي ها اها هاڻي کان ئي شروع ٿي وئي آهي ۽ لڳي ٿو ته هن ڀيري سينيٽ جي چونڊن کان اڳ سياسي رساڪشي جي ماحول ۾ اضافو ٿيندو ڇو ته سينيٽ چونڊن کان اڳ جنوري ۾ اپوزيشن اسلام آباد طرف فيصلا ڪن مارچ ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي، ڳالهه مارچ جي ٿي رهي آهي ته مولانا فضل الرحمان جڏهن آزادي مارچ اسلام آباد آندو هو ته حڪومت ريڊ زون ۾ ان کي اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو هو ۽ مولانا کي آزادي مارچ ڪشمير هاءِ وي تي پشاور موڙ ڀرسان ڪرڻو پيو هو، پر ڪالهه هندو ڪائونسل جي سربراهه پي ٽي آءِ ميمبر رميش ڪمار واڪواڻي جي سڏ تي سنڌ سوڌو ملڪ مان اقليتي برادري جا قافلا ڀارت ۾ 11 پاڪستانين جي قتل خلاف مارچ ڪندا ريڊ زون شاهراهه دستور تي ڊپلوميٽڪ انڪليو سامهون ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، انهن کي پوليس آساني سان اچڻ ڏنو، مخالف ڌر ڇا جنوري ۾ مارچ اسلام آباد آڻي ان طرف رخ ڪندي؟ اهو اهڙو سوال آهي ان جو جواب ته مخالف ڌر ئي ڏيندي ۽ مخالف ڌر اهو فيصلو ڪيو ته 120 ڏينهن تائين ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻندڙ پي ٽي آءِ جو رد عمل ۽ حڪمت عملي به سامهون اچي ويندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *