تازا ترين
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ڳڻتين ۽ ڳاراڻن ۾ گذرندڙ عيد !

اڄ جتي  پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ مسلمان پنھنجو مذھبي تھوار عيد ملھائي رھيا آھن، اتي اسان جا حاڪم به منھن تي مصنوعي مرڪ سجائي پنھنجي بکي ۽ دکي قوم کي سکي عيد جون واڌايون ڏيندا.
ھي عيد اھڙي موسم ۾ آئي آھي جڏھن مھانگائي جو جن آدم بو آدم ڪندو مسڪينن جا ماس روڙي رھيو آھي، غربت افلاس ۽ تنگ دستي سبب ماڻھو آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھن. اڄ عيد آھي ۽  قدرتي وسيلن سان مالامال منھنجي سکي سنڌ جا ڏکيا ماڻھو اڄ به اٽي جي سير لا سوچيندي ڳڻتين ۽ ڳاراڻي ۾ ھي عيد گذاري ڇڏيندا.
يقينن عيد جون خوشيون  اھي ئي ملھائيندا جيڪي ھر سال ملھائيندا آھن جن پوين عيد به پنھنجي عاليشان محلن جي عاليشان دستر خوانن تي جام  جوٺا بچائي ملھائي هئي.
اڄ عيد آھي پر خوشحال سنڌ جا مسڪين ماڻھو اڄ ڳڀي جي ڳولا ۾ اھو وساري ويٺا آھن ته  اڄ ڪا عيد به آھي اڄ به سنڌ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ مستقبل جي خوابن ۽ عيد جي خوشين   کان بي خبر ڪو معصوم ٻارڙو گند جي ڍير تان سڪل ماني جا ٽڪر ڳولي پيٽ جي باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪندو !
راھ ويندي کنڀي کڻي رت ۾ وھنجاري واپس ڪيل ڳڀرن جي لاش کان ويندي ديس جي ڌڻين جا لاوارث لاش وصول ڪندڙ سنڌ ڀلا ڪھڙيون عيدون ملھائيندي ؟؟
جتي جو اڀرندڙ ھر سج ھڪ نئون سور کڻي اڀري ٿو تڏھن ته زاھد شيخ لکيو ھيو ته  
“اڀ تي اڀرن سج سيني اڀرن سور
روز نوان ناسور زاھد ڏئي ٿي زندگي ”
سورن ۽ ناسورن سان ننڍي ھوندي نينھن ڳنڍيندڙ سنڌ جي ماڻھن کان خوشي ۽ خريد وسري وئي آھي. سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ ڪري اصل مٽي مالڪن کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي، بيروزگاري جي بيماري سنڌ جي نوجوان جي خوشين جو ھرروز قتل ٿي ڪري سنڌ جيڪا ملڪ سميت پوري دنيا جي پناھه گيرن جي پالڻھار آھي ان سنڌ جا نه ڄاڻ ڪيترا ٻچا اڄ عيد جا ڪپڙا ۽ عيد جي خرچي نه ملڻ سبب خودڪشيون ڪندا. 
مڃون ٿا ته اڄ عيد آھي پر راھه ويندي کنڀي گم ڪيل جي امڙين ڀينرن ۽ ونين جي عيد به ڏھين محرم جيان گذرندي ان ڪري ته لطيف پنھنجي ديس جي درد ڪھاڻي بنيل ماڻھن لاءِ لکيو ھو اھڙا ماڻھو جيڪي سروم دکم دکم ھوندا اڄ عيد تي به !!
“عمر تو مل جا عيد  سان اسان سوءِ ورتي سومرا
 وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد 
سڪڻ ڪيا شھيد مارو مٽ ملير جا ”
اڄ عيد تي فضيلا سرڪي جي امڙ جون اکيون پنھنجي گھر جي دروازي ۾ ٽنگيل ھونديون. اڄ عاقب چانڊيو ڪاشف شر ايوب ڪانڌڙو ڪاشف ٽڳڙ آڪاش ٽڳڙ انصاف دايو مختيار بوزدار موھن مينگھواڙ سميت سنڌ مان کنڀيل سوين نوجوانن جون پوڙھيون امڙيون ڪھڙي عيد ڪنديون !!
ڇا ڪنھن حاڪم ۾ ايتري ھمت آھي ته کنڀيل پٽن جي  امڙين جي مٿي تي ھٿ رکي کين عيد مبارڪ سان گڏ پنھنجن ٻچڙن جي واپسي جي نويد مبارڪ پڻ ڏئي ؟؟
اڄ عيد آھي پر غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندڙ ڪنھن پيرسن جو سڪليڌو پث عيد جا ڪپڙا نه وٺي سگھڻ سبب پنھنجي سون جھڙي جواني کي ڪنھن وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيندو !!
اڃ عيد آھي ڪٿي ڪا امڙ خالي ديڳڙي چاڙھي پنھنجن ٻچن کي خالي دلاسن جا کاڌا ڏيندي ۽ ٻچا ماني ماني پڪاري خالي پيٽ پٽ تي سمھي پوندا.
اڃ عيد آھي ماڻھو قرباني ڪندا جنھن مان اڪثريت اھڙن ماڻھن جي ھوندي آھي جيڪي قرباني صرف ڏيکاءُ لا ڪندا آھن گوشت سان فرج ڀري پنھنجي گھر ۾ رکي دوستن ۽ احبابن جون دعوتون ڪندا آھن پر مجال آھي جو ڪنھن مسڪين جي  ڪنھن پاڙي واري جي ڪا سار لھن !
اڄ عيد آھي ان ڪري اھڙن ماڻھن کي عيد جي خوشين ۾ ضرور شامل ڪجو جيڪي غربت سبب عيد جي خوشين کان محروم آھن !!
مون عيد کان ھڪ ڏھاڙو اڳ دڪان تي اھڙو شخص ڏٺو جنھن عيد جو ڪجھه سيڌو وٺي پنھنجي پوتڙي ۾ ٻڌي دڪاندار کي چيو “ڇوڪرو ناھي آيو ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آھي جيئن ايندو ته تنھنجا پيسا ڏيندس ”ان تي دڪاندار تپندي کيس گھٽ وڌ ته ڳالھايو پر سندس ڳنڍ ۾ ٻڌل سودو پڻ واپس کسي رکي ڇڏيو ۽ اھو پوڙھو چشمي جي اندران نڪتل پنھنجا ڳوڙھا پوتڙي سان اگھندي دڪان مان نڪري ويو !!
۽ مونکي بخاري جو شعر ڪنھن ھٿوڙي جيان لڳندو رھيو
“مان به عيد تي خريديان ھا مگر 
خوشي بازار جو سودو نه ھو”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *