Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ekhdgp8g2vnp8cfsjm6k5gm3gg, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ھلو ھلو! اھا منزل اڃان نه آئي آ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ھلو ھلو! اھا منزل اڃان نه آئي آ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ھلو ھلو! اھا منزل اڃان نه آئي آ

ڪراچيءَ جو ترقي پسند اردو دانشور ڪيتري نه يقين سان چوندو ھو ته “فيض جي شاعري عوامي جدوجھد جي منظوم تاريخ آھي” اسلم اظھر جي ڳالهه مون کي ان مھل به ياد آئي ھئي، جڏھن اشفاق آذر مون کي فيض جو اھو شعر موڪليو ھو ته
”حلقه ڪيي بيٺي رھو، اڪ شمع ڪو يارو
ڪڇ روشني باقي ھي ھر چند ڪه ڪم ھي“
اشفاق جو اھو خيال بلڪل درست ھو ته فيض صاحب ان شعر ۾ ڪمزور ٿيل اشتراڪي تحريڪ جي منظرنگاري ڪئي آھي. پر سوال اھو آھي ته ڇا اھا باھه اجھامي وئي؟ اھا باھه جنھن لاءِ ڀٽائيءَ لکيو ھو ته:
”ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن، باھيون بيراڳين جون
ھلو ته سيڪيون ھٿڙا، مٿي تن مچن
ملا سناسين، جڙ لڳي مون جان ۾!“
اھا باھه، جنھن لاءِ ڀٽائيءَ اھو به چيو ھو ته
”اديون عبدالطيف چئي! اندر آگ اٿئون“
اھا باھه جيڪا انسان کي بيقرار رکي ٿي. اھا باھه جيڪا يونان جي فلسفي زينو جي نظر ۾ ڪائنات جو بنيادي عنصر ھئي. اھا باھه جنھن لاءِ نڪاراگوئا جي ھڪ ڪميونسٽ شاعر لکيو ھو ته:
”جنھن ڏينھن اسان پيار جي باھه ۾ سڙڻ ڇڏي ڏنو
تنھن ڏينھن ٿڌ ۾ رھڻ وارا ڄمي مري ويندا“
اھا باھه ان دور ۾ ڪيتري نه شدت سان ٻرندي ھئي، جنھن دور ۾ ملڪ مٿان مارشلا جو راڄ ھو. جنھن وقت ھڪ ھڪ اکر مٿان سنسرشپ جي مھر لڳل ھئي. جنھن وقت لفظن کان معنائون ۽ معنائن کان لفظ ڇنڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ھئي. جنھن وقت ھر روشنيءَ جي اجھائڻ جي لاءِ ڪارن قانونن جو وسڪارو ٿيندو ھو. اھو دور واقعي چارلس ڊڪنس جي ناول “ٻن شھرن جي ڪھاڻي” جي ابتدا جھڙو ھو. ان دور ۾ دشمن ڪيترو نه قريب ۽ ڪيترو نه چٽو ھو. ان دور ۾ اکيون پوري به پٿر اڇلايو ويندو ھو ته اھو ڪنھن اھڙي جيپ ۾ لڳندو ھو، جنھن ۾ آمريت جا حواري خوف ڀريل اکين سان ويٺا ھوندا ھئا. ان دور ۾ آمريت سان صرف انسان نه پر ھن وطن جا وڻ به وڙھيا. ان دور ۾ سياسي شعور جي شمع وڏي شوق ۾ واچوڙن سان الجھندي ھئي. ان دور ۾ اسان کي اياز جي ان اردو نظم جو خوب مزو آيو ھو ته:
”الجھني لگين مشعلين آنڌيون سي
سلجھني لگي ڪاڪل شب رفيقو“
ان رات جا زلف ڪنھن ڪيترا سلجھايا؟ انھن ھٿن جي آڱرين مٿان اھو پورو قصو لکيل آھي، جيڪي ھٿ شھر جي ڀتين تي پوسٽر چنبڙائيندا ھئا. جيڪي ڀتين تي نعرا ۽ ڊائرين ۾ شعر لکندا ھئا. جيڪي ھٿ ڪنھن پراسرار شام جو کاڏيءَ تي کپي ويندا ھئا. اھي ھٿ ڪڏھن جدوجھد جي ميدان تي ھٿوڙن وانگر لھرائيندا ھئا. اھي ھٿ ارتقاءَ جا امين ھئا. اھي ھٿ تاريخ جي سفر جا مھان مسافر ھئا. اھي ھٿ جن ۾ ھٿڪڙيون ڪنگڻين وانگر ڇڻڪاٽ ڪنديون ھيون. اھي ھٿ جيل جي سيخن کي زور سان پڪڙي ڪيتري نه زور سان پڪاريندا ھئا “آزادي…..آزادي…..آزادي!!“
ھي اھي ھٿ ھئا، جن ھٿن تي سگريٽ وسايا ويا. ھي اھي ھٿ ھئا، جن ھٿن تي تشدد ڪيو ويو. ھي اھي ھٿ ھئا، جن جي ترين تي ذاتي نه پر اجتماعي ڀاڳ جون ريکائون ھيون.
”ديوار ڊھي توساڻ ملان
ڪا واجھه نه وٿ نه آ
مون جيڪو تنھنجو روپ ڏٺو
ڪا ريک انھيءَ جي ڪٿ نه آ
ديوار ڊھي توساڻ ملان
ھي ڏورا تولاءِ ڏورين ٿا
۽ منھنجا ھٿ ھٿوڙن جا
پٿر پٿر ڀورين ٿا
ديوار ڊھي توساڻ ملان“
انھن ھٿن ۾ صرف ديوار ڊاھڻ جي تمنا نه تڙپندي ھئي پر انھن ھٿن ۾ ان پوري سنسار کي ملياميٽ ڪرڻ جي چاھت ھئي، جنھن سنسار جي لاءِ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ لکيو ھو ته:
”حيات جو ھي حڪم آ
ته ڊاھيو پوءِ ٺاھيو…!“
اھو سنسار ڪيترو ڊھي سگھيو؟ ان سوال تي اسان جي عقل ۽ علم وارن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي.
اھا تحريڪ ان سازشي رات کان اڳ جي ھئي، جنھن رات ۾ جنرل ضياءَ ۽ سندس ساٿين جيڪا رٿ رٿي ھئي، ان جو ڳجھو نالو “آپريشن فيئر پلي” ھو جڏھن ته اھو آپريشن ڪنھن به طرح سان فيئر پلي جھڙو نه ھو. اھو ھڪ ان فيئر آپريشن ھو. اھو آپريشن ديسي نه ھو. اھو آپريشن ولائتي ھو. اھو آپريشن آمريڪا جي حڪم ۽ آشيرواد وارو ھو. اھو آپريشن ھڪ تاريڪ رات کي تاريڪ تر ڪرڻ وارو ھو. ان رات صرف آمريت جو جنم نه ٿيو ھو پر پنجين جولاءِ جي ان رات ھڪ جدوجھد جو به جنم ٿيو ھو. اھا جدوجھد مڪمل طور تي انقلابي ۽ عوامي ھئي. اھا عوامي جدوجھد ان ڪري به ھئي جو سياسي شعور کان پري رھندڙ عورتن ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ھو. انھن عورتن صرف آمريت مخالف سھرا نه سرجيا ھئا پر جڏھن به شھرن ۾ نوجوان آمريت جي رکوالن سان فلسطين جي نوجوانن وانگر الجھي گھٽين ۾ ڊوڙندا ھئا ته پردو ڪندڙ عورتون انھن لاءِگھرن جا در کولي ڇڏينديون ھيون. اھو ھڪ عظيم جدوجھد جو دور ھو. جدوجھد جي ان دور ۾ ملڪن جا جيل پرھه تائين پيئندڙن جي پيمانن وانگر ڇلڪندا ھئا. ھي اھو دور ھو، جنھن دور ۾ جيلن ۾ ڌاڙيلن ۽ خونين جو راڄ نه ھوندو ھو پر سنھڙي بت ۽ ڊگھن وارن وارا نوجوان جيلن ۾ ايئن ھلندا ھئا، جيئن ھنج پکي ڍنڍ جي ڪنارن تي ھلندا آھن.
اھو دور ضمير جي قيدين جو دور ھو. ان دور ۾ جيلن کي جوانيون ارپيندڙ جوانن مٿان لڳل ڪيسن جون ڪھاڻيون ڪرائيم ۾ ٻڌل ڌاڙيلن ۽ چورن کي سمجھه ۾ نه اينديون ھيون. ان دور ۾ ڪارو ڪاري جي ڪيس ۾ آيل قيدي ڪنڌ مٿي نه کڻي سگھندو ھو. ان مھل ھي معاشرو ڪنڀار جي چڪ وانگر گردش ۾ ھوندو ھو. ان چڪ جي مٿان گلدان ۽ ڪوزا، صراحيون تخليق ٿيندا رھندا ھئا. اھو دور توڙي جو گھڻي اوجاڳي وارو ھو پر پوءِ به ننڊ جي ننڍي جھٽڪي ۾ ماڻھو وڏا خواب ڏسي وٺندا ھئا. وڏا وڏا خواب. برف پوش پھاڙن ۽ وسيع صحرائن جا خواب، مينھن ۾ مھڪيل ۽ آلن ٻيلن توڙي انھن جي ڀرسان گجگوڙ ڪري وھندڙ درياھن جا خواب!
اھي خواب جيڪي پنھنجين خوبصورت اکين ۾ مشڪل سمائجي سگھندا ھئا. اھي خواب ڪڏھن خاموش ھوندا ھئا ته ڪڏھن تمام گھڻو شور مچائيندا ھئا. اھي خواب اسان جي گيتن، بيتن ۽ موسيقيءَ توڙي مصوريءَ واري دنيا۾ ايئن لھرائيندا ھئا، جيئن تيز ھوا ۾ ڪڪر لھرائيندا آھن. انھن خوابن ۾ توڙي جو وڇوڙا ھئا پر پوءِ به ملڻ جا وڏا ۽ ويڪرا واعدا ھئا. انھن خوابن ۾ اميد ھئي. انھن خوابن ۾ يقين ھو. انھن خوابن ۾ ھڪ ڳوٺ ھو، ھڪ لالٽين ھو ۽ تيز برسات ھئي. انھن خوابن ۾ اھڙي خوشبو ھوندي ھئي، جھڙي خوشبو نئين اماھيل ٺڪر جي دلي ۾ ھوندي آھي. انھن خوابن ۾ جنم جنم جا رشتا ۽ ھر ھر ملڻ جا وچن ھئا. جڏھن اھي خواب ايترن ميلاپن وارا ھئا ته پوءِ وچ ۾ وڇوڙا ڇو پيا؟ ھي گوندر جا گھوڙا جيڪي ھن دور جي جان جدا ڪري رھيا آھن، انھن کي اھا واٽ ڪيئن ملي؟ انھن جا سنب اسان جا سينا ڇو کيڙين ٿا؟
جمھوريت…..جمھوريت…..جمھوريت تون ڪھڙي جمھوريت جي ڳالھه ٿو ڪرين؟ اھا جمھوريت جيڪا جنگ مان ڀڄي آيل سپاھين جي سيني تي آڱريون ڦيري رھي آھي. اھا جمھوريت جيڪا جوان جذبن جو ڪاروبار ڪري ٿي. اھا جمھوريت جنھن اسان جي جدوجھد جي ڦلواڙيءَ کي جلائي ڇڏيو. ڇا تو ڪڏھن ڏٺو آھي، تيز باھه ۾ سڙندڙ گلابن کي؟ ھيءَ جمھوريت ته ٻارن جي ڪھاڻين واري روپوش ڏانئڻ آھي. ھيءَ جمھوريت ته آمريت جي گھٽين ۾ گھمندڙ ٻلي آھي. ھيءَ جمھوريت ناھي. ھيءَ جمھوريت جي نالي ۾ مذاق آھي. ھيءَ جمھوريت جيڪا مڪر ۽ فريب جي مورت آھي. ھيءَ جمھوريت جيڪا ڪڏھن به اھو قبول ڪري نه ٿي سگھي ته ان آمرن سان ملي ڀڳت ڪري آزاديءَ جو خون ڪيو آھي. ھيءَ جمھوريت نالي ماتر جمهوريت آھي. جيڪڏھن اسان جي رفيقن کي اھو يقين ھجي ھا ته آمريت جي ڪک مان اھڙي جمھوريت جنم وٺندي ته ڇا ھو سياست سان اھڙو سنجوڳ ڪن ھا، جيڪو جوانيون کسي وٺندو آھي!
تاريخ دوکن جو ڊگھو داستان آھي. ان داستان ۾ ھڪ ڪھاڻي ھيءَ به شامل ٿيڻ گھرجي. ھيءَ ڪھاڻي ان سنڊريلا جي آھي، جيڪا آزاديءَ جو سونھري سينڊل پائڻ جي تمنا ۾ پنھنجا پير وڃائي ويٺي. جنھن دور ۾ حيدرآباد، ڪراچي، سکر ۽ پنجاب جي جيلن مٿان مينھن وسندا ھئا ۽ ڪٿي ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪٿي ماھيا وڏي پڪار سان ڳاتا ويندا ھئا، تڏھن جيڪڏھن ضمير جي قيدين کي اھو ٻڌايو وڃي ھا ته اوھان جنھن پرھه لاءِ جواني جي شمع ڳاري رھيا آھيو، ان پرھه جي پانڌ ۾ سچو سج ناھي! ڇا اھڙي اطلاع کان پوءِ به ھو ڪانگن کي پنھنجا نيڻ آڇين ھا!!؟
فيض صاحب اميد جو امين ھو. جيڪڏھن ھو اڄ به ھجي ھا ته ھڪ ھنڌ ويھي ماتم ڪرڻ بدران چوي ھا:
”ھلو ھلو! اھا منزل اڃان نه آئي آ“

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *