Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kiavcp0o75v4cohndnu5p6v5hd, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ھيءَ ڪمپني ڪيترو وقت ھلندي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ھيءَ ڪمپني ڪيترو وقت ھلندي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ھيءَ ڪمپني ڪيترو وقت ھلندي؟

سوشل ميڊيا تي پي ڊيم ايم(PDM)جي سلسلي ۾ ڪيل تبصرو تمام سخت قسم جي سنجيده مذاق جھڙو ھو. پي ڊيم ايم کي Politically Divided Movement ڪوٺي مبصر ڄڻ ته ان جي ڪنھن به وقت ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ جو اھڙي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، جيڪا نه صرف سياسي مبصرن پر سياسي ورڪرن کي به ھنيانو ۾ ھري رھي ھئي. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جو پاڻ ۾ ھڪ ٿي ھلڻ ڪھڙي ريت ممڪن آھي؟ انھن ٻن پارٽين جي وچ ۾ پائدار ٺاھه ڪنھن به ريت ممڪن ناھي.
ھن ڀيري جڏھن گگلت بلتستان ۾ مھم ھلائڻ دوران بلاول کان بي بي سي جي صحافي خاتون انٽريو ورتو ته ان جي پھرين ھيڊنگ اھا ھئي ته “نواز شريف پاران فوج ۽ سندس سربراھه جي مٿان تنقيد ٻڌي صدمو رسيو” اھا صرف لفظن جي ھيراڦيري نه ھئي پر ان تبصري جي وضاحت ڪندي بلاول اھو بھ چيو ھو ته “پي ڊيم ايم توڙي اي پي سي جي دوران اھو طئه ٿيل ھو ته ڪنھن به ھڪ اداري جو نالو نه ورتو ويندو پر جيڪا به تنقيد ڪئي ويندي، اھا “اسٽيبلشمينٽ” جو نالو کڻي ڪئي ويندي. جڏھن ته گجرانوالا وارو جلسو ته نواز ليگ جو پنھنجو جلسو ھو. ان ۾ نواز شريف دل کولي ڳالھايو پر پي ڊيم ايم جي ڪراچيءَ واري جلسي ۾ جڏھن ميان نواز شريف جي مٿان اھو شرط لاڳو ڪيو ويو ته ھو پيپلز پارٽيءَ جي تڏي واري جلسي ۾ فوج جو نالو کڻي تنقيد نه ڪندو ته ھن تقرير ڪرڻ کان ئي معذرت ڪري ڇڏي. جڏھن ته اھا ڳالھه پيپلز پارٽيءَ کي پسند به آئي. ڇو ته نواز شريف جي تقرير کان پوءِ ميڊيا ۾ بلاول جي تقرير کي ڪيترو اسپيس ملي ھا؟ ان جو پتو پيپلز پارٽيءَ کي بخوبي ھو. گلگت بلتستان مان بلاول جو ڪوئيٽا واري جلسي ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۽ صرف وڊيو لنڪ ذريعي حاضري ڀرڻ جو مقصد به اھو ھو. پ پ کي خبر ھئي ته مولانا فضل الرحمان جو ڪرايل جلسو معنيٰ ميان نواز شريف جو پنھنجو جلسو. ان ڪري ڪوئيٽا واري جلسي ۾ ميان نواز شريف ڪراچيءَ واري جلسي ۾ تقرير نه ڪرڻ جي ڪمي پوري ڪري ڇڏي. اھڙي صورتحال ۾ جڏھن بلاول بي بي سيءَ کي انٽريو ڏنو، تڏھن حڪومت جي دل ۾ خوشيءَ جا دھل وڄڻ لڳا. ان انٽرويو جي شبلي فراز کليل ٻانھن سان آجيان ڪئي. جڏھن ته پي ڊي ايم ۾ پيدا ٿيل پريشانيءَ کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مولانا تمام گھڻو سرگرم ٿي ويو ۽ پي ڊيم ايم کي بچائڻ جي لاءِ مسلم ليگ ن مريم نواز کي اڳيان ڪيو، جنھن اتحاد ۾ امڪاني طور تي پوندڙ ڏارن تي ٿيندڙ تبصرن کي ان بيان سان روڪي ڇڏيو ته بلاول ان انٽرويو ۾ اھڙي ڪا ڳالھه نه ڪئي آھي، جيڪا پي ڊيم ايم جي منشور مخالف ھجي. ان حالت ۾ مريم جي صورت ۾ نواز ليگ پاران دل کي ڪشادو ڪرڻ وارو عمل به اھو ثابت ڪري چڪو ته پي ڊيم ايم کي ڪير ھلائڻ چاھي ٿو. بلاول سڌو سنئون ميان نواز شريف جي مٿان تنقيد ڪئي پر ان تنقيد جي جواب ۾ نواز ليگ جي ڪنھن به ننڍي وڏي ليڊر طرفان ڪوئي ردعمل پيدا نه ٿيو ۽ ڪجھه ٿيڻ جي امڪان کي مريم پنھنجي بيان سان روڪي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جيڪي واعدا ڪيا ۽ ورتا ويا، انھن کان پوءِ ئي پيپلز پارٽيءَ وارن پنھنجو وڌيڪ ردعمل روڪيو ۽ بي بي سيءَ تي به بار پئجي ويو ۽ ھن کي به پنھنجي ھيڊنگ تبديل ڪرڻي پئي.
وزير اعظم عمران خان جي تنقيد جو اصل نشانو نواز شريف ۽ ھن جي ڌيءَ مريم نواز آھي. جڏھن ته ھو آصف زرداريءَ جو نالو صرف خاناپوريءَ جي لاءِ کڻي ٿو. بلاول ته فوج مٿان تنقيد ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي، ان ڪري ھن جي تقرير جا ويھه يا چاليھه منٽ عمران خان جي خلاف ھوندا آھن پر عمران خان ۽ ھن جي سرڪاري ٽيم پوءِ به بلاول تي ھٿ ھلڪو رکي ھلي ٿي. ان جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو حڪومت پي ڊي ايم ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاھي ٿي ۽ ان سان گڏ پيپلز پارٽيءَ کي اھو اشارو به ڏئي ٿي ته ھن سان معاملا ٺيڪ ٿي سگھن ٿا. جيڪڏھن عمران خان جي حڪومت نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ھڪ جيتري مخالف ھجي  ته ھن وقت تائين سنڌ ۾ گورنر راڄ جا گھنڊ وڄي چڪا ھجن ھا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ھٽائڻ جو ارادو ته تحريڪ انصاف اليڪشن جي ٻئي ڏينھن ئي ڪيو ھو پر ھن مھل تائين جيڪڏھن سنڌ ۾ پ پ حڪومت کي ڪنھن طرح سان تحفظ جو پانڌ آڇيو آھي ته ان جو سبب مسلم ليگ ن جي پاليسي آھي. ڇو ته صرف حڪومت ئي نه پر اسٽيبلشمينٽ به اھو نه ٿي چاھي ته مخالف ڌر کي ھڪ جيترو محروم ڪري، انھن جي وچ ۾ سچو ۽ پڪو رشتو پيدا ڪجي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي پوري پڪ آھي ته پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت کي بچائڻ جي سلسلي ۾ ڪيتري به بارگينگ ڪري سگھي ٿي.
پيپلز پارٽي ميان نواز شريف سان ملي جمھوريت جي بچاءَ جي جيڪا جدوجھد ڪري رھي آھي، ان جو سڀني کي پتو آھي. اصل ڳالھه پ پ قيادت مٿان عائد ڪيس ختم ڪرڻ ۽ سنڌ سرڪار جي سلامتيءَ لاءِ ضمانت وارو واعدو وٺڻ آھي. ساڳي طرح سان نواز ليگ به پيپلز پارٽيءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. جڏھن ته ان سان گڏ نواز ليگ کي ان ڳالھه جو ڀرپور احساس آھي ته پيپلز پارٽي ڪنھن به وقت ان جو ساٿ ڇڏي سگھي ٿي، ان ڪري نواز ليگ اھو فيصلو ڪري چڪي آھي ته ڪس يا ڪسر ۾ پ پ کي پاڻ سان گڏجي ھلڻو آھي. پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ڪو به نظرياتي رشتو ناھي. انھن ٻنھي پارٽين جي وچ ۾ ڪو نظرياتي رشتو ٿي به نه ٿو سگھي. ڇو ته ٻنھي پارٽين وٽ نظرئي نالي ڪا شيءَ ناھي. باقي اھو به پتو ٻنھي پارٽين کي آھي ته حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي ھدايت سبب انھن جي مٿان ھٿ ھلڪو رکيو آھي. جھڙي طرح عمران خان ميان نواز شريف کي ميڊيا تي ڏاڙھي ڏيکاري چڪو آھي ته ھو ان خلاف رڻ به ٻاري ٿي سگھيو پر ھن اھڙو ڪجھه نه ڪيو آھي. سچ اھو آھي ته پيپلز پارٽيءَ توڙي مسلم ليگ ن کي ھڪ ڍڪيل ڇپيل قسم جو اين آر او مليل آھي پر ٻنھي پارٽين جو اصرار آھي ته انھن کي کلم کلا اين آر او ملي ته جيئن ھو ايندڙ حڪومت ٺاھڻ جي سلسلي ۾ آزاديءَ سان سياست ڪري سگھن. جيستائين ٻنھي پارٽين کي اھو ڪجھه ملي، جيڪو ھو چاھين ٿيون، تيستائين ھو پي ڊي ايم جي ٻيڙيءَ ۾ سياسي سفر ڪنديون رھنديون. پر پي ڊيم ھڪ اھڙي ڪشتي آھي، جنھن جي ڪا گڏيل منزل ناھي.
پي ڊي ايم جڏھن جڙي ھئي، تڏھن ئي سينئر سياسي حلقن پنھنجي سنگت کي “مرزا غالب” وارو لطيفو ٻڌايو ھو. مرزا غالب جي لاءِ چيو ويندو آھي ته ھو ايترو وڏو پياڪ ھو جو مڌ مان ڍڪ ڀري ان جي ڪمپني ٻڌائي سگھندو ھو. چون ٿا ته ھڪ ڀيري مرزا جي ڪنھن ويجھي دوست جي پٽ جي شادي ھئي سو سنگت دارونءَ جو وڏو ذخيرو گڏ ڪرڻ سان گڏ ھڪ سٽ به سٽي. انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ھن ڀيري مرزا کي شرط ۾ ھارائڻو آھي، سو ھو سڀ پلاننگ سان مرزا کي پيئاريندا ويا. جڏھن مرزا صفا ان منزل تي پھتو جو “اک نه ڏسي گوڏي کي” تڏھن انھن مرزا کي پاڻيءَ جو گلاس ڀري ھٿ ۾ پڪڙايو ۽ چيو ته مرزا اڄ جيڪڏھن دارونءَ جي ڪمپني ٻڌائي وئين ته پوءِ تون واقعي پھتل رند آھين. مرزا گلاس چپن تي آندو ۽ چسڪي ڀري پر ھن کي ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي. ھن سنگت کي چيو ته کيس ٻيو چانس به ڏنو وڃي. سنگت چيو ڀلي. جڏھن مرزا ٻيو ڍڪ ڀريو ته ھن مخصوص انداز سان منھن ٺاھي چيو ته “دوستو! مان ٻڌائي نه ٿو سگھان ته ھيءَ ڪھڙي ڪمپني آھي؟ پر مان ايترو پڪ سان چوان ٿو ته ھيءَ ڪمپني ھلي نه سگھندي.” ساڳي طرح سان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ڪمپني نه گھڻو وقت نه ھلي سگھندي. ڀلي نواز ليگ پيپلز پارٽيءَ سان اھو واعدو به ڪري ته ھوءَ ڪڏھن به سنڌ ۾ سنجيده ٿي سياست نه ڪندي. پر نواز ليگ کي اھو به پتو آھي ته پيپلز پارٽيءَ کي ڪجھه وقت تائين روڪي رکڻ لاءِ مريم نواز کي سنڌ ۾ سياسي طور تي لاھڻ واري ڌمڪي ڪارگر ٿي سگھي ٿي پر ان ڌمڪيءَ جو به مخصوص مدو آھي. ھڪ خاص وقت کان پوءِ نواز ليگ اھا ڌمڪي ڏئي به پيپلز پارٽيءَ کي ترسائي نه سگھندي. ڇو ته نواز ليگ وٽ آئيندي جو آسرو آھي ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ جان مال جي امان کان وٺي اقتدار وٺڻ ڏيڻ جي فوري صورتحال آھي. پيپلز پارٽي ھڪ اھڙو پکي آھي، جيڪو ماضيءَ جي آکيري کان وڇڙي چڪو ھجي. ڪو وقت ھيو، جڏھن پيپلز پارٽي ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نظرئي جي ڳالھه ڪندي ھئي. اھو نظريو ھيو يا نه ھيو پر گھٽ ۾ گھٽ ان جو نالو ضرور ھيو. جڏھن ته مسلم ليگ ن پيپلز پارٽيءَ جي برعڪس پنھنجي ماضيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي نظرئي سان ڪنھن به قسم جي وابستگي نه رکي آھي. اھا ٻي ڳالھه آھي ته جڏھن کان ميان نواز شريف کي اقتدار تان ھٽايو ويو آھي ۽ ھن مٿان اھڙا ڪيس داخل ٿيا آھن جو ھن جي لاءِ خاندان سميت سياست ۾ نه رھڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي ته ھو رات پيٽ ۾ ھڪ نظرياتي سياستدان بڻجي ويو آھي. پر ھن جو نظريو به سياسي جلسي ۾ ڪيل تقرير يا لڳل نعري جھڙو آھي. ان نام نھاد نظرئي جي ڪا حقيقت ناھي. اھڙي ريت پي ڊيم ايم ھڪ ٺوس قسم جو غيرنظرياتي اتحاد آھي. اھو اتحاد مرزا غالب واري لطيفي واري ان ڪمپنيءَ جھڙو آھي، جنھن جي ھلڻ جي پڪ مالڪن کي به ناھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *