Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_v8ajhjntjf366nrqfl2q5f819h, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ھي به ڪا سياسي راند آھي يا حقيقت؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ھي به ڪا سياسي راند آھي يا حقيقت؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ھي به ڪا سياسي راند آھي يا حقيقت؟

ان رات دير سان جڏھن وڪيل غلام رسول سوھو سجاول ٿاڻي تان موٽي پريس ڪلب پھتو ھو ته ھن پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو ھو ته لڌاڪو تپي ۾ منھنجو فش فارم آھي جنھن جي اڌ ايراضي منھنجي ذاتي خريد ڪيل آھي ۽ باقي اڌ ايراضي مقاطعي تي ورتل آھي پر ھن وقت اڳوڻي ضلعي ناظم پنھنجن ماڻھن ذريعي منھنجي فش فارم تي قبضو ڪرايو آھي ۽ آئون جڏھن سجاول ٿاڻي تي اھڙو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پھتس ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.
 ان ڏس ۾ جڏھن صحافين پاران ايم اين اي اياز شاھ شيرازي سان رابطو ڪيو ويو ته ھن الزام رد ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته معاملي سان شيرازين جو ڪو تعلق ناھي اسان تي ڪوڙا الزام ھنيا پيا وڃن فش فارم تي قبضي جو جواز ٺاھي اسان تي الزام ھنيا پيا وڃن وري ان ڏس ۾ ايس پي سجاول پاران پڻ ھڪ بيان جاري ڪيو ويو جنھن ۾ پوليس ترجمان جو چوڻ ھو ته قبضي جي شڪايت تي فوري نوٽيس ورتو وٺندي پوليس کي تلاءُ تي موڪليو ويو پر اتي ڪو به قبضو ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ نه ئي ڪو قبضاگير موجود ھو، پوليس جي اھڙي بيان بعد ڪيترن ئي مقامي ماڻھن جو پڻ چوڻ ھو ته تلاءُ تي ڪي به ھٿياربند ويٺل ناھن.
 وڪيل جي پريس ڪانفرنس بعد ڪاپائي برادري جي سوين ماڻھن سجاول پھچي جلوس ڪڍي احتجاج ڪيو ۽ ھنن وري وڪيل واري ڌر تي الزام ھنيو ته اسان جي سروي زمين جي ايراضي وڪيل جي تلاءُ ۾ آيل آھي جنھن تي وڪيل قبضو ڪري ڇڏيو آھي ۽ الٽو اسان خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رھيو آھي، گذريل جمعي جي ڏينھن وڪيل واري ڌر پاران سجاول ۾ احتجاج ڪيو ويو جنھن ۾ ڪراچي بار جي صدر، حيدرآباد بار جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڪشمير بار جي اڳواڻن سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي وڪيلن ۽ سوھا برادري جي ماڻھن وري به شيرازين تي قبضي جو الزام ورجايو ۽ چيو ته ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. وڪيلن جي احتجاج جي ٻئي ڏينھن سجاول ضلعي جي مختلف شھرن سجاول، چوھڙ جمالي، ميرپور بٺورو ۽ دڙو ۾ شيرازين جي حامين پاران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا ۽ مظاھرين جو چوڻ ھو ته تلاءُ واري معاملي سان شيرازين جو ڪو واسطو ناھي پر ھرو ڀرو معاملي کي سياسي رنگ ڏئي شيرازين سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اھا شيرازين جي ڪامياب سياست کي نقصان رسائڻ جي ھڪ سازش آھي.
جڏھن ته مقامي سياسي مبصرن جو چوڻ آھي ته تلاءُ واري معاملي تي قانوني رستا موجود آھن مثال روينيو کاتي کان رڪارڊ موجب ماپ ڪرائي پڌرو ڪري سگھجي ٿو ته زمين ڪنھنجي آھي ۽ ڪيتري آھي ساڳي ريت پوليس يا عدالت کي درخواست ڏئي تلاءُ تي پوليس چوڪي قائم ڪرائي سگھجي ٿي ته جيئن اتي ڪو قبضا گير نه اچي سگھي ان کان علاوه وڪيل پاران سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ درخواست داخل ڪرايل آھي جنھن تي عدالت ڊي ايس پي ڪمپلين سيل سجاول کي حڪم ڪيو آھي ته معاملي جي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏني وڃي ان رپورٽ جو پڻ انتظار ڪري سگھجي ٿو، مبصرن موجب روينيو کاتو زمين جي مالڪي ۽ حدبندي ظاھر ڪري سگھي ٿو،
عدالتي حڪم تي جوڊيشل انڪوائري ٿي سگھي ٿي، آفيسرز ۽ ڌرين جو وفد تلاءُ جو جائزو وٺي سگھي ٿو ته قبضو ٿيل آھي يا نه؟ پر اھڙا قانوني طريقا اختيار ڪرڻ بدران پروپئگنڊه ۽ احتجاج واري واٽ وٺڻ مان معاملي جي پس منظر ۾ ڪو سياسي عنصر شامل ھجڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي، ڇو ته ان ڳالھه جي ضلعي جي سمورن باشعور ماڻھن کي ڄاڻ آھي ته پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۽ شيرازين ۾ اندروني اختلاف موجود آھن ۽ قبضي جو الزام ھڻندڙ وڪيل پ پ جي ايم پي اي ھير سوھو جو چاچو آھي ۽ سياسي اڳواڻن پاران شيرازين سان اختلافن جون شڪايتون ڪيترائي ڀيرا وڏي وزير، فريال ٽالپر ۽ ٻي قيادت کي پڻ ڏنيون ويون آھن.
شيرازين جي ھڪ حامي اڳواڻ ٻڌايو ته ضلعي ۾ شيرازي اھي سياستدان آھن جن جو ھتي ووٽ بينڪ ٻين سڀني سياستدانن کان وڌيڪ آھي ان ڪري ٻيا اڳواڻ سياسي حڪمت عملي سان شيرازين جو مقابلو نٿا ڪري سگھن پوءِ اھڙا جواز گھڙي شيرازين کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. بهرحال اهو ته جاچ سان ئي ثابت ٿيندو ته اهو واقعي ئي ڪو قبضي جو مسئلو آهي يا پارٽي جي اندروني اختلافن سبب هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ واري راند جو حصو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *