تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

۽ زبير چريا چرس پيئندو رهيو…….!!

اٺن سالن جي ڊگهي انتظار کان پوءِ نيٺ ڪراچي اولهه ضلعي جي بلديه واري علائقي ۾ حب ندي واري روڊ تي قائم علي انٽر پرائز بلديه فيڪٽري سانحي جي ڪيس جو ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 270 صفحن تي مشتمل فيصلو ٻڌائيندي متحده جي سيڪٽر انچارج رحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا کي 264 ڀيرا ڦاهي ڏيڻ جي سزا ٻڌائي آهي جڏهن ته متحده جي حماد صديقي ۽ علي حسن قادري جا دائمي وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ٻنهي جوابدارن کي زنده يا مرده گرفتار ڪيو وڃي. هن ڪيس مان متحدہ جي اڳواڻ رئوف صديقي کي شاهديون نه ملڻ سبب باعزت بري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ چئن ڄڻن جي ضمانت رد ڪندي 264 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.
بلديه فيڪٽري سانحو ويجهي تاريخ جو لڱ ڪانڊاريندڙ اهڙو سانحو آهي جنهن بابت اڄ به سوچيندي دل مان اڌما نڪرن ٿا. هي دهشتگردي جو اهڙو واقعو آهي جنهن ۾ سوين خاندانن کي هڪ اهڙي ڌر ساڙي خاڪ ڪيو جيڪا شهري مهذب پڻي جي دعويٰ ڪندڙ هئي، اٺ سال اڳ، 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديه فيڪٽري جي مٿين حصي جي دروازن کي بند ڪري ڪيميڪل ذريعي باهه ڏني وئي هئي هن واقعي ۾ 264 زنده انسانن کي ساڙي ماريو ويو هو.جڏهن ته پنجاھه کان مٿي ماڻهو شديد زخمي ٿي پيا هئا.
11 سيپٽمبر 2012ع جي اها صبح ڀلا ڪنهن کان وسرندي جڏهن بلديه فيڪٽري کي لڳل باھ جي خبر ڪراچي سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باهه جيان پکڙجي ويئي هئي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جا سڀئي چينل فيڪٽري کي لڳل باھه جا لائيو منظر ڏيکاري رهيا هئا ايم ڪيو ايم جي ان وقت جي قيادت، فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ فيڪٽري ٻاهران ڪيمپ هڻي اچي ويٺي هئي ۽ سمورن چينلن تي متحده اڳواڻ فيڪٽري مالڪن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي گهر ڪندي سڙي فوت ٿي ويل ۽ زخمي پورهيتن جي معاوضي جي گهر ڪري رهيا هئا، اها باھه وسائڻ جي ڪارروائي اڍائي ڏينهن هلي، سڙي ڪوئلو ٿيل لاش جن مان گهڻن جي بعد ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي سڃاڻپ ڪئي ويئي هئي انهن جا وارث باهه جي شعلن جي گهيري ۾ آيل گارمينٽس فيڪٽري جي ٻاهران هنجون هاري رهيا هئا ڪيترن کي پنهنجي پيارن جي بچڻ جي اميد جو ترهو ٻڌل هو ڪيترا ماڻهو باھ ۾ سڙندڙ جسمن جي ٽڙڪاٽن تي آسمان ڏانهن هٿ کڻي رحم جي گذارش ڪري رهيا هئا. 11 سيپٽمبر جي اها صبح رڳو ڪراچي جي آسمان ۾ ٻرندڙ باھه جو دونهون نه کڻي آئي هئي پر اها بدنصيب صبح ڪيترن انساني وجودن، خواهشن، اميدن ۽ سپنن جو موت به کڻي آئي هئي.
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي مطالبي تي فيڪٽري مالڪ عبدالعزيز ۽ سندس پٽن شاهد ۽ ارشد ڀيلا ۽ ٻين تي قتل جا ڪيس داخل ڪيا ويا بعد ۾ انهي ڪيس ۾ غفلت جا قلم به شامل ڪيا ويا ايئن جن ماڻهن جي فيڪٽري کي باهه ڏني وئي انهن ماڻهن کي قاتل قرار ڏيڻ ۾ ايم ڪيو ايم ڪامياب ويئي هئي. انهي المناڪ سانحي تي سوال اٿڻ بعد پوليس، رينجرس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي مشتمل 9 رڪني جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ويئي، جي آءِ ٽي جو چيئرمين نامياري پوليس آفيسر سلطان علي خواجه کي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته سينئر پوليس آفيسر منير احمد شيخ، پاڪستان رينجرس جو ڪرنل سجاد بشير، ايف آءِ اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر الطاف حسين، آءِ ايس آءِ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد عارف، ملٽري انٽيليجنس جو ليفٽينٽ ڪرنل همايون مجتبي، آءِ بي جو ڊائريڪٽر محمد منير ۽ پوليس آفيسر پيرمحمد شاھ کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو هو ، ايس پي سائيٽ ساجد امير سبزوئي کي تفتيش آفيسر مقرر ڪيو ويو هو. هن جي آءِ ٽي 6 ڀيرا فيڪٽري جو معائنو ڪيو، 39 شاهدن جا بيان ورتا 43 گڏجاڻيون ڪيون، گارمينٽ فيڪٽري کي روز 1500 سو مزدور فراهم ڪندڙ ٺيڪيدار رضوان قريشي جنهن جو واسطو به ايم ڪيو ايم سان هو ان جي آءِ ٽي کي حلفيه ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ حماد صديقي فيڪٽري مالڪن کان 25 ڪروڙ ڀتو ۽ فيڪٽري ۾ حصو گهريو هو مالڪن جي انڪار تي فيڪٽري کي ڪيميڪل هاري باھه ڏني وئي، سفاڪي جو اهو عالم هو جو فيڪٽري کي باھه ڏيندڙ زبير چريا پنهنجي دهشتگردن جي ٽولي سان گڏ فيڪٽري جي ٻاهران ڪينٽين تي ويهي چرس جا سوٽا هڻندي باھه ۾ سڙندڙ انسانن جي موت جو تماشو ڏسي رهيو هو. باھه ۾ سڙي فوت ٿي ويل پورهيتن جا وارث دهشتگردي جي ان واقعي پويان ايم ڪيو ايم جي هٿ کان مڪمل طور تي بي خبر هئا. هنن کي سالن کان سمجهايو ويو هو ته ايم ڪيو ايم ئي اردو ڳالهائيندڙ جي حقن ۽ جانين جي تحفظ ڪندڙ تنظيم آهي هنن کي ڪهڙي خبر ته فيڪٽري کي باھه لڳڻ کان پوءِ ترت ميڊيا مينيج ڪندڙ ۽ سهائتي ڪيمپ لڳائيندڙ ايم ڪيو ايم جي قيادت ئي هنن جي پيارن کي باھه ۾ ساڙي خاڪ ڪرڻ ۾ ملوث آهي، ايم ڪيو ايم جي پريشر تي شروعاتي مرحلي ۾ فيڪٽري مالڪن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس جي ابتدائي چارج شيٽ ۾ مبينا غفلت سبب فيڪٽري مالڪن، مينيجر ۽ چئن چوڪيدارن کي نامزد ڪيو ويو هو.
فيبروري 2015ع ۾ ڪيس جو رخ ان وقت مڙيو جڏهن رينجرس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته 25 ڪروڙ ڀتو نه ڏيڻ تان فيڪٽري کي باھه ڏني ويئي اهڙي جي آءِ ٽي رپورٽ بعد ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو ويو. مارچ 2016ع ۾ پوليس ڪورٽ کي ٻڌايو فيڪٽري ۾ منظم منصوبابندي تحت باھه لڳائي ويئي هئي هي دهشتگردي جو واقعو آهي پوليس پنهنجي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. جي آءِ ٽي پنهنجي گڏيل تحقيقي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته فيڪٽري مالڪن تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي وزير رئوف صديقي پوليس کي استعمال ڪيو ۽ ڪيس ختم ڪرڻ جي لاءِ فيڪٽري مالڪن کان پنج ڪروڙ به ورتا هئا فيڪٽري مالڪن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت منظور ڪرائي جنهن کي اڳتي هلي ايم ڪيو ايم سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري رد ڪرايو ته فيڪٽري مالڪن جي مدد لاءِ ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم سامهون آيو جنهن پنجاب هاءِ ڪورٽ مان ضمانت منظور ڪرڻ ۾ مالڪن جي مدد ڪئي پر جلدي اهو وزير اعظم به فيڪٽري مالڪن مان ايم ڪيو ايم جي پريشر جي ڪري هٿ ڪڍي ويو نيٺ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ انيس قائم خانيءَ پنهنجي هڪ فرنٽ مين ذريعي فيڪٽري مالڪن کان پورهيتن جي معاوضي طور پنج ڪروڙ اڍائي لک رپيا ورتا ان سلسلي ۾ مالڪن سان طئه ڪيو ويو ته اها رقم حيدر آباد جي رهائشي محمد يونس جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي، جيئن ايم ڪيو ايم جي ذريعي متاثرن کي رقم ڏيئي سگهجي، ڪافي ڏينهن جي انتظار کان پوءِ به جڏهن بلديه فيڪٽري سانحي جي متاثرن کي معاوضي جي رقم نه ملي ته فيڪٽري مالڪن انيس قائم خاني جي فرنٽ مين سان رابطو ڪيو، مالڪن کي ٻڌايو ويو ته انيس قائم خاني جو چوڻ آهي ته رقم “شينهن” جي وات ۾ هلي ويئي آهي جتان واپسي جو ڪو امڪان ناهي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ان رقم مان اقبال اديب خانم جي نالي سان لطيف آباد حيدر آباد ۾ هڪ پلاٽ وٺي رجسٽرڊ ڪرايو ويو بعد ۾ اهو پلاٽ عبدالستار خان جي نالي ڪيو ويو جيڪو انيس قائم خاني جو هنج ورتل آهي.
ڊسمبر 2016ع ۾ پوليس رحمان ڀولا کي انٽرپول ذريعي بينڪاڪ مان گرفتار ڪري ورتو جنهن مئجسٽريٽ آڏو ڏوھه جو اعتراف ڪندي بيان رڪارڊ ڪرايو. سنڌ جي ٽيهه سالن جي تاريخ جا ورق ورائينداسين ته پاڻ کي ايم ڪيو ايم ٽيهن سالن جي نسل پرست سياست سان هزارين ماڻهن جي رت سان راند کيڏندي ملندي، بلديه فيڪٽري سانحي جي دهشتگردي ايم ڪيو ايم جو پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ ايم ڪيو ايم سنڌين، بلوچن، پختونن جي قتلن ۾ ملوث رهي آهي پاڪستان جي وڏي شهر ۽ معاشي حب ڪراچي کي خونريزي جي ور چاڙهي ايم ڪيو ايم ڀتي ۽ چائنه ڪٽنگ سان اربين روپيا دهشت ۽ وحشت وسيلي حاصل ڪري مني لانڊرنگ ذريعي ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪندي رهي آهي ٽن ڏهاڪن ۾ ڪراچي تي ايم ڪيو ايم جي خوف جي راڪاس جو راڄ رهيو آهي. 12 مئي جو واقعو، محبت سنڌ ريلي تي حملو، طاهر پلازه سانحو جنهن ۾ وڪيلن کي آفيسن ۾ بند ڪري ڪيمڪل سان باھه ڏيئي ساڙيو ويو، ڪراچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن ٻه سو کان وڌيڪ پوليس آفيسرن جو قتل، 12 ربيع الاول جو بم ڌماڪو ، 10 محرم الحرام جو واقعو، امجد صابري جو قتل، حڪيم سعيد جو قتل، پ پ پ جي ايم پي اي عبدالله مراد بلوچ جو قتل، ڪورنگي پائليٽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پروين رحمان جو قتل،صحافي ولي بابر جو قتل، ڪي ايم سي جي شاهد حميد جو قتل سميت ڪيترن ئي بي گناھه انسانن جي قتلن ۾ ايم ڪيو ايم سڌي ريت ملوث رهي آهي، دهشتگردي ته اهڙي ڪتي آهي جيڪا پنهنجا ٻچا کائي وٺي ٿي بلديه فيڪٽري سانحي ۾ 264 اردو ڳالهائيندڙ پورهيتن کي باھه ۾ ساڙي ثابت ڪيو ويو ته دهشتگرد جي ڪا به ٻولي، ڪا ڪميونٽي ڪو مذهب، ڪا قوم نه هوندي آهي. ايم ڪيو ايم اهو سڀ ڪجهه ڪنھن جي آشيرواد سان ڪندي رهي سا هاڻي ڪا ڳالهه ڳجهي ته ناهي رهي، ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٺهندڙ ايم ڪيو ايم جي حوالي سنڌ جي شهرن جي سياسي واڳ ڏني ويئي کين اقتدار جي مسند تائين پهچايو ويو، ڪراچي جي اڍائي ضلعن جي تنظيم رکندڙ ايم ڪيو ايم کي بلدياتي ادارن سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ کان وٺي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اعليٰ ترين ادارن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪندڙ مقتدرن ڌرين اڳتي هلي جنرل مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو . دهشت ۽ وحشت جي اها حالت هئي ته ريڙهي واري کان وٺي ننڍي دڪاندار، بيوروڪريٽ کان وٺي سرمائيدار۽ واپاري تائين سماج جو ڪوبه پرت هن جي ڀتي جي پرچي کان بچيل نه هو ان جي باوجود به مقتدر ڌرين جي آشيرواد سان هنن کي لهر نه لوڏو رهيو.
22 آگسٽ 2016ع تي پريس ڪلب ڪراچي تي پاڪستان ۽ رياستي ادارن جي خلاف جڏهن الطاف حسين کلي عام ڪارڪنن کان نعرا هڻايا ته هن رياست جي ڌڻين الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم تي پابندي لاڳو ته ڪئي پر الطاف حسين سان گذريل ٽيهن سالن جي دهشتگرد سياست جي ساٿين کي ايم ڪيو ايم پاڪستان، ايم ڪيو ايم بهادر آباد، ايم ڪيو ايم حقيقي، پاڪ سرزمين پارٽي جي نون نالن سان سياسي ڊرائي ڪلينر جي مشين ۾ ڌوئي ٻيهر سنڌ مٿان مڙهي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري مستقبل ۾ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ان قسم جي دهشت گرد ڪاررواين جا امڪان رد نٿا ڪري سگهجن. خود بلديه فيڪٽري سانحي ۾ رئوف صديقي جي خلاف پڪيون شاهديون نه ملڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪراچي تي اڃان دهشتگردن جو راڄ آهي ماڻهو خوف کان ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن. دهشت جي راڄ ۾ عدالتن جا فيصلا هميشه اڌورا ئي اچڻا آهن ڪيترائي سوال سدائين عدالتن جي انصاف جي ساهمي مان ڪر کڻي بيٺل هوندا پر ڏنل فيصلن جي سوين صفحن ۾ ڪٿي به جواب ڳوليا نه ملندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *